Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ ليڊي ڊفرن اسپتالون: نالو انگريز راڄ جو،  پئسو سنڌ وارن جو

ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ انگريز راڄ دوران قائم ٿيل انھن اسپتالن تي نالو ليڊي ڊفرن جو رکيو ويو، پر زمين، سمورو خرچ ۽ محنتون ديسي ماڻھن جون ھيون.  ڪراچيءَ واري ليڊي ڊفرن اسپتال لاءِ پارسي سيٺ ايڊلجي ڊنشا پئسا ڏنا. اسپتال جي سربراھ طور جنھن ڊاڪٽرياڻيءَ مقرر ڪيو ويو، اُھا لنڊن مان سامونڊي جھاز ۾ رواني ٿي پر جيئن تہ پھرين مھاڀاري جنگ ھلي رھي ھئي تہ يونان ويجھو ھڪ جرمن آبدوز جي حملي ۾ جھاز 340 مسافرن سميت ٻُڏي ويو جن ۾ ڊاڪٽرياڻي بہ شامل ھئي.  

اسپتال جي ويب سائيٽ تان کنيل فوٽو

نصير اعجاز

ورھاڱي کان اڳ جي عمارتن ۽ ادارن بابت مواد ڳوليندي خبر پئي تہ سنڌ جي سرنديءَ وارن جي پئسن تي ڪم ٿيندا ھئا پر نالو انگريز حڪمرانن جو ڳائبو ھو. ليڊي ڊفرن اسپتالن بابت بہ عام طور اھو ئي سمجھيو ويندو آھي ته برطانوي راڄ دوران قائم ٿيل اھي اسپتالون مڪمل طور تي انگريز سرڪار پنھنجي فنڊن مان ٺاھيون ھيون. پر تاريخي دستاويز ۽ رڪارڊ ان ڳالھ جي مڪمل تصديق ڪن ٿا ته انھن اسپتالن جي قيام پٺيان اصل ٻانهن ٻيلي ۽ سرندي وارا سنڌ جا مقامي هندو ۽ پارسي مخير شخصيتون ھيون. انگريزن رڳو ڊفرن فنڊ جي نالي تي هڪ تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن کي اصل عملي روپ سنڌ جي مقامي دولتمندن پنھنجي دل کولي ڪيل امداد ذريعي ڏنو.

​​برطانوي هندستان ۾ جڏهن 19هين صديءَ جي آخر ۾ عورتن جي صحت ۽ خاص ڪري ويم جي سهولتن جي سخت کوٽ هئي، تڏهن هندستاني عورتون پردي جي روايتن يا مذهبي ۽ سماجي پابندين سبب مرد ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ تي مرڻ کي ترجيح ڏينديون هيون. ملڪه وڪٽوريا جي چوڻ تي، ان وقت جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن جي گهرواري ليڊي هيريوٽ ڊفرن 1885ع ۾ هڪ فنڊ ”نيشنل ايسوسيئيشن فار سپلائينگ ميڊيڪل ايڊ ٽُو دي وومن آف انڊيا“ (مشهور نالو: ڊفرن فنڊ) قائم ڪيو.

​پر هن فنڊ جي اصل حقيقت اها آهي ته برطانوي سرڪار ان لاءِ شاهي خزاني مان فنڊ ڏيڻ بدران مقامي شاھوڪار ۽ مخير شخصيتن کان پئسا گهرڻ شروع ڪيا. سنڌ ۾، جتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اهي اسپتالون قائم ٿيون، اتي سڄو بار مقامي هندو سنڌي ۽ پارسي سرنديءَ وارن کنيو. سنڌ جي انھن ٽن شھرن کانسواءِ بلوچستان جي شھر ڪوئٽا ۾ بہ ليڊي ڊفرن اپتان قائم ٿي ھئي.

​​ڪراچيءَ ۾ جڏهن ليڊي ڊفرن اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي وئي ته ان وقت جي مشهور پارسي شخصيت سيٺ ايڊلجي ڊنشا اڳتي وڌيو. هن 1894ع ۾ اسپتال جي اڏاوت لاءِ ان دور جي هڪ وڏي رقم 50,000 روپيا، جيڪي اڄ جي حساب سان ڪروڙين روپيا ٿين ٿا، عطيو ڪيو. ان اسپتال جو بنيادي بلاڪ اڄ به ايڊلجي ڊنشا وِنگ جي نالي سان قائم آهي، جنهن جو بنياد نومبر 1894ع ۾ رکيو ويو ۽ 1898ع ۾ مڪمل ٿيو.

​ان کان پوءِ، 1914ع ۾ اسپتال کي وڌائڻ لاءِ هڪ ٻئي پارسي مخير شخصيت سيٺ ڪئٽرڪ وڏي رقم ڏني، جنهن سان ڪئٽرڪ ميٽرنٽي وِنگ اڏيو ويو. اسپتال جي اڏاوت ۽ نقشي لاءِ زمين گڏ ڪرڻ ۽ ان جي سڄي انتظاميا ۾ مقامي هندو معمارن ۽ انجنيئرن، جهڙوڪ دُرگاداس بي آڏواڻي (آرڪيٽيڪٽ) ۽ سيوجي گنيش (ٺيڪيدار) حصو ورتو.

ليڊي ڊفرن

سال 1915 ۾ ڊاڪٽر ايليزبيٿ اسٽيفنس کي ڪراچيءَ واري ليڊي ڊفرن اسپتال جي سربراھ مقرر ڪيو ويو. ھُوءَ پنھنجي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ انگلينڊ مان سامونڊي جھاز ايس ايس پرشيا ۾ فرسٽ ڪلاس پئسينجر طور سوار ٿي رواني تہ ٿي، پر ڪڏھن بہ ڪراچيءَ ڪونہ پھتي ڇو تہ ان وقت پھرين مھاڀاري جنگ ھلي رھي ھئي ۽ يونان جي ھڪ ٻيٽ ڀرسان لنگھندي  جھاز جرمنيءَ جي آبدوز جي حملي سبب ٽي سئو چاليھ مسافرن سميت سمنڊ ۾ ٻُڏي ويو.

ڪراچيءَ جي ھيءَ اُھا ئي اسپتال آھي جتي محترما بينظير ڀٽو پنھنجي پُٽ بلاول ڀُٽو زرداريءَ کي جنم ڏنو ھو.   

​حيدرآباد واري اسپتال بہ هندو سنڌي اڳواڻ جي ڪوششن جو نتيجو ھئي. ​حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ تي قائم ليڊي ڊفرن اسپتال  پڻ مڪمل طور مقامي سنڌي هندو سرندي وارن جي مالي مدد سان قائم ٿي. حيدرآباد جي مشهور هندو اڳواڻ ۽ سماجي شخصيت سيٺ پوهومل کيئمل عورتن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ پنھنجي کيسي مان ۽ مقامي هندو واپارين وٽان فنڊ گڏ ڪري هيءَ اسپتال قائم ڪرڻ جو ٻيڙو کنيو.

​ميونسپلٽيءَ رڳو هڪ پلاٽ ڏنو (ڪجھ ھنڌن تان مليل معلومات موجب پلاٽ بہ ھڪ سنڌي ھندوءَ ڏنو ھو)، پر اڏاوت جو سڄو پئسو سيٺ پوهومل ڏنو. ان جو افتتاح 22 جنوري 1934ع تي ليڊي سائيڪس ڪيو، پر ان جي پٺيان اصل پئسو ۽ محنت مقامي سنڌي هندن جي هئي. بعد ۾ 1946ع ۾ اتي مڊوائفري اسڪول به ٺهيو.

​ ​شڪارپور ان دور ۾ سڄي ايشيا ۾ واپار جو هڪ وڏو مرڪز هو ۽ اتي جا هندو سيٺيون (بينڪر ۽ واپاري) پنھنجي سخاوت جي ڪري مشهور هئا. شڪارپور ۽ اڳتي جيڪب آباد تائين جي علائقن ۾ عورتن لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ پڻ انهن ئي هندو سنڌي سرنديءَ وارن جي ڪري ممڪن ٿي سگھيو.

​جڏهن ليڊي ڊفرن فنڊ تحت اپيل ٿي، ته شڪارپور جي هندو سيٺين رڳو زمينون ئي دان نه ڪيون، پر اڏاوت جو هڪ هڪ روپيو پاڻ ڀريو. اهي اسپتالون انهن هندو خاندانن جي مالي مدد سان هليون، جيڪي اڳتي هلي ورهاڱي سبب سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويا.

​​تاريخ جو اهو رخ تمام اهم آهي ته انگريز سرڪار پنهنجي نالي جا بورڊ ۽ پنهنجي گورنرن ۽ وائيسرائن جي گهروارين جا نالا (جهڙوڪ ليڊي ڊفرن، ليڊي هف ڊو وغيره) انهن اسپتالن تي رکرايا، جنهن سان عام ماڻهو ايئن سمجهڻ لڳو ته اها انگريزن جي مهرباني هئي. پر حقيقت ۾ انگريز سرڪار صرف هڪ ايسوسيئيشن يا پاليسيءَ جو ڍانچو تيار ڪيو هو، جڏهن ته ان ڍانچي ۾ گوشت ۽ رت ڀرڻ جو ڪم، يعني زمينون، پئسا، عمارتون ۽ مالي مدد، سنڌ جي مقامي هندو ۽ پارسي سخي مردن ۽ عورتن ڪيو ھو.

​مقامي سنڌين جي هن عظيم انساني همدرديءَ کي تاريخ جي صفحن ۾ اهو مقام نه ملي سگهيو، جنهن جا اهي حقدار هئا، پر اڄ به اهي عمارتون سنڌ جي پنهنجي ماڻهن جي سخاوت جي شاھدي ڏين ٿيون.

___________________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button