Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: ھڪ طرفي لکت جو عذاب (مختصر ڪھاڻي)

نازُو ۽ سندس ماءُ ٻئي هڪ ٻئي سان چنبڙي روئڻ لڳيون. روئڻ به اهڙو جنهن ۾ ڏهن سالن جون فوتگيون هيون، اهڙو روئڻ جنهن ۾ عزتون لٽجڻ کان پوءِ جا سڏڪا هئا، اهڙو روئڻ جنهن ۾ سماج جا سمورا گناھ شامل هئا. رُڳو روئڻ ھيو، سڏڪا هئا ۽ پڇتاءُ ھيو ته موت قبول ڪيو پر ڪنهن به بي ظرف کان قرض نه کڻو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميرا نور

 رات جي پھر ۾ سياري جي ٿڌي هوا پراڻي ڪاٺ جي دروازن مان سُرڪندي  تن بدن سميت گهر جي ڀتين کي  بہ ڏڪائي سُڪائي ماري رهي هئي.

گهٽيءَ جا ڪتا به سيءَ جي لهر ۾ ورتل ھئا. رحم به ڏاڍو آيو پر ڇا ڪيان؟ ڪجھ به نه ڪيم. فجر جي ٻانگ ۾ اڃان ڪلاڪ کن ھيو. وري سمھڻ جي ڪيم، پر ننڊ نه آئي، پاسو ورايم ته سامھون واريءَ کٽ تي زرينه جاڳيل ھئي ۽ سندس اکيون وچ ڪمري ۾ ٿڌي ٿي ويل چلھ ۾ ھيون، جنھن ۾ سواءِ رک جي ٻيو ڪجھ به نه ھيو. سندس ڪن در ڏانھن ھئا. اھو ئي ساڳيو در جيڪو گذريل ڏهن سالن کان هر رات کيس ڪنهن معجزي جي آس ڏياري پوءِ خالي موٽائي ڇڏيندو اٿس.

امڙ… سمهي پئہ هاڻي.

مھمان ٿي آيل مائٽياڻيءَ سلمي چيس،

زرينا مُرڪي به نه سگهي.

ننڊ ته انهن کي ايندي آهي ڌيءَ جن جا انتظار مري وڃن.!

سلمي خاموش ٿي وئي. سياري جي خاموشيءَ اسان سڀني کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو.

ڏه سال اڳ

زرينه جي ڌيءَ نازو ڳوٺ جي ڪجھ خوبصورت ڇوڪرين مان هڪ حَسين ڇوڪري هئي.

پر حُسن هن سماج ۾ نعمت گهٽ سزا وڌيڪ هوندو آهي.

نازو پڙهڻ چاهيو ٿي. هوءَ چوندي هئي: امان مان ماسترياڻي ٿينديس، ڇوڪرين کي پڙهائينديس، جيئن هُو ڪنهن جي به رحم ڪرم تي نه رهن.

زرينا هر ڀيري سندس وار چمندي چوندي هيس: ”تنهنجا خواب منهنجي اڱڻ جا ڏيئا آهن پر غربت کي خوابن سان سدائين پراڻو وير رھيو آهي.“

نازوءَ جو پيءُ ڪجھ مھينا بيمار رھڻ کان پوءِ بيماريءَ ۾ ھي جھان ڇڏي ھليو ويو. پوءِ پويان زرينه، نازو، گهر، قرض، بک ۽ ماڻهن جون نگاهون رهجي ويون.

ڳوٺ جي وڏيري حاجي ڪريم داد هڪ ڏينهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ته نازوءَ کي شهر وٺي وينداسين. هڪ امير گهر ۾ نوڪري ملنديس، پگهار به سٺي ڏيندس، ان کان سواءِ لٽو ڪپڙو، کاڌو پيتو، ڳوٺ اچڻ وڃڻ لاءِ پئسو پائي به چڱو خاصو ملندس.

زرينه جي دل ڌڙڪي.

هوءَ سمجهي وئي هئي ته غريبن لاءِ وڏيرن جا دروازا روزگار کان وڌيڪ قبرستان هوندا آهن پر بک،،،،،،،،

بُک وڏيري کان به وڏي جلاد ٿيندي آهي ۽ مٿان وري وڏيري جو قرض به!

ھاڻي ڪو چارو ناھي ته نازو نه وڃي.

نازوءَ ويندي مهل ماءُ کي چيو: ”جلدي موٽي اينديس امان، تنهنجي لاءِ ڳاڙهي شال وٺي اينديس جيڪا تو بابا کي چئي ھئي پر غربت جي ڪري بابا نه وٺي سگھيو.“

ان گھڙيءَ ٻنھي جون اکيون آليون ھيون. نازو کي چيائين: ”بس ڌيءَ پنهنجي عزت بچائي رکجانءِ .“

اهي لفظ چوندي سندس آواز ٽٽي پيو ۽ ٻئي ھڪ ٻي کان پري ٿي ويون،

 پھرين مهيني هڪ خط آيو.

”امان مان ٺيڪ آهيان تون ڪئين آهين؟ دوائون وقت تي کائين ٿي يا نه!؟ امان هتي گھر الاھي وڏو آهي ماڻهو به ڏاڍا عجيب آهن باقي خبرون سامھون ٻڌائيندس.“

ٻيو خط ٻن مهينن کانپوءِ آيو، جنهن ۾ رُڳو ھڪ جملو لکيل ھيو ته ”امان مون کي ڊپ ٿو لڳي!“

۽ ٽيون خط ڪڏهن به نه آيو. ڏھ سال گذري ويا.

زرينه ڪيترائي ڀيرا وڏيري جي حويليءَ ۾ وئي پر حويليءَ ۾ سواءِ نوڪرن چاڪرن جي ٻيو ڪو به ڪونہ مليس، ڳوٺ جي ڪنهن به عورت کي اوطاق تي اچڻ جي اجازت ڪونہ ھئي.

زرينه ڪيئي ڀيرا شهر وئي.

هر ڀيري ڌڪا مليس دڙڪا مليس ته هتي اهڙي ڪا به ڇوڪري ناهي رھندي.  

”وڃ پوڙهي اسان جو دماغ خراب نه ڪر“.

نيٺ شھر جي ٿاڻي تي وئي. اتي وڏيري جو ڪمدار اڳي ئي ويٺو هو ۽ پوليس واري سان گڏ چانھن پي رھيو ھو.

زرينه پوليس واري کي روئي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي ۽ چيائينس ته ڪمدار ويٺو اٿئي ان کي سڄي خبر آهي.

غريبن جون ڌيئرون ايئين ئي گم ٿينديون آهن. پوليس واري ٺٺولي ڪئي جنھن تي ڪمدار کلندو رهيو ۽ زرينه جي زندگي هڪ در تي بيٺل سوال بڻجي وئي ته:

”منهنجي نازو ڪٿي آهي؟“

بي رحم وقت پنھنجي رفتار سان هلندو رهيو. زرينه  زرينه نه رھي. ڪاڏي ويا ڪارا وارَ ؟ ڪاڏي وئي اکڙين جي روشني؟ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو. فنا ٿي ويو، سواءِ انتظار جي جيڪو اڃان به جيئرو آھي.

ڏھن سالن کان زرينه هر رات در کوليندي هئي. هر رات کيس لڳندو هو ته اڄ نازو واپس ايندي.

شايد زخمي

شايد ٽٽل

شايد بيمار

شايد رڳو هڪ پاڇو!!!!!!

ورھين کان پوءِ ان رات اوچتو در تي ٺڪاءُ ٿيو.

ٺڪ… ٺڪ… ٺڪ…

زرينه جو ساھ ڄڻ بيهي ويو.

ھوءَ اٿي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان رئي کي سنڀالي پڇيائين :

”ڪير ھيو در تي؟“

گھر ۾ ۽ ٻاهر مڪمل خاموشي هئي. گھڙيءَ پل ۾ ٻيو کڙڪو ٿيو.

مون در کوليو ته سامهون هڪ عورت بيٺي هئي.

منھن لٿل

اکيون کوکليون

جسم ڏٻريل

وار وکريل اڌ اڇا اڌ ڪارا

ٻنھي عورتن پھرين نظر ۾ ھڪ ٻي کي نه سڃاتو پر پوءِ دل جي تيز ڌڙڪڻ چئي ڏنو…..نازو…..؟

ھن عورت چيو……امان………!!!

بس ٻئي هڪ ٻئي سان چنبڙي روئڻ لڳيون روئڻ به

اهڙو جنهن ۾ ڏهن سالن جون فوتگيون هيون

اهڙو روئڻ جنهن ۾ عزتون لٽجڻ کان پوءِ جا سڏڪا هئا

اهڙو روئڻ جنهن ۾ سماج جا سمورا گناھ شامل هئا.

روئڻ رُڳو روئڻ ھيو، سڏڪا هئا ۽ پڇتاءُ ھيو ته موت قبول ڪيو پر ڪنهن به بي ظرف کان قرض نه کڻو.

نازوءَ بي انتھا روئڻ کان پوءِ ٻڌايو ته وڏيري کيس وڪڻي ڇڏيو. ”وڏيري تي ڇھ لک کان مٿي قرض ھيو. اھو قرض لاھڻ لاءِ ھُن مون کي وڪرو ڪيو!“

”امان مون ڀڄڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مون رڙيون ڪيون، الله رسول، قرآن جا واسطا ڏنا پر غريب ڇوڪرين جون رڙيون ڪنهن جي به ڪنن ۽ قانون تائين ناھن پهچنديون…..“

هوءَ روئندي رهي.

”امان مان ڪيترائي سال قيد ۾ رهيس….“

زرينه نازوءَ کي ڏٺو.

”بس……. هاڻي ڪجھ نه چئه“…

نازوءَ چيو: ” امان!“

”ها ڌيءَ؟“

”جيڪڏهن مان ان ڏينهن شھر نه وڃان ها ته ڇا اسان بک مري وڃون ها؟“

زرينا جون اکيون ڀرجي آيون. نڙي سُڪي وئي ھيس. ڳيت ڏنائين پر ڳالھائي نه سگھي ۽ مڙس جي بيماريءَ وقت کنيل ٽي لک قرض واريءَ لکت تي سوچيندي رھي جنھن ۾ لکيل ھو ته قرض نه لاھڻ جي صورت ۾ پنھنجي ڌيءَ وڏيري کي ڏيندين (اھيا لکت ھڪ طرفي ھئي) ۽ اھا لکت وڏيرياڻي، مڙس جي فوتگيءَ واري ڏينهن تڏي تي اچي ڏئي وئي ھيس جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ خبر پيس ته نازو ھٿن مان نڪري چڪي آهي پر کيس اھو اندازو بلڪل نه ھيو ته نازو ٻين وٽ وڪرو ڪندا يا ٻي شھر موڪليندا.

زرينه جي سوچن کي ٽوڙيندي نازوءَ چيو: ”امان مان ھڪ چوڪيدار جي مھرباني سان اتان ڀڄڻ ۾ ۽ ھتي تو وٽ پڄڻ ۾ ڪامياب ته ٿي آھيان پر ھو ظالم منھنجي پويان يا وڏيري وٽ ضرور ايندا. امان مان ھاڻي ھي تر ڇڏي نه ويندس.“

”امان ھي سماج جيڪو ھن مھل جاڳي رهيو آهي سو راتين ۾ غريبن جون ڌيئرون ڳڙڪائيندو آهي ۽ ڏينهن جو عزت جا واعظ ڪندو آهي .سڀاڻي جمعي ڏينهن به… “

امان امان در کڙڪيو ……

ٻاهر وري ڪو در تي آيو آهي؟

ٺڪ… ٺڪ…ٺڪ….

پر هن ڀيري زرينه کي ڪو به ڊپ ڪونه ھيو ڇو ته سندس انتظار، اذيت، پيڙا، خوف، قرض ۽ ھڪ طرفي لکت به ختم ٿي چڪي هئي.

______________

Humaira Noor-TheAsiaN

حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button