ڪُو يُوان : چيني شاعر جنھن وطن تي ڌارين جي قبضي سبب پاڻ کي نديءَ ۾ ٻوڙي ماريو
جڏهن جلاوطن ڪُو يوان تائين پنهنجي محبوب وطن جي شڪست ۽ ڌارين جي قبضي جي خبر پهتي، ته هُو اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو. پنهنجي ڌرتيءَ جي غلامي ۽ تباهيءَ کيس جيئري ئي ماري ڇڏيو. هُو دشمن جي آڏو جهڪڻ يا غلاميءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ تيار نه هو. انتهائي ڏک ۽ قومي غيرت جي جذبي تحت، هن پنهنجي جسم سان ڳرا پٿر ٻڌا ۽ ميلو نديءَ جي وهڪري ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اهو رڳو آپگهات نه، پر هڪ محب وطن جو پنهنجي ملڪ جي برباديءَ تي هڪ آخري ۽ خاموش سياسي احتجاج هو.

ليکڪ: نصير اعجاز
ٻہ ڏينھن اڳ پنھنجي چيني دوست شاعر ۽ اسڪالر پروفيسر يانگ بو ما Yongbo Ma جو ھڪ نظم پڙھيم، جنھن ۾ چين ۽ دنيا جي ڪجھ ٻين شاعرن جو ذڪر ھو، جن پاڻ کي نديءَ ۾ ٻوڙي آپگھات ڪئي ھئي. سندس انھيءَ نظم جو سنڌي ترجمو ۽ نظم جو پسمنظر پڙھندڙن لاءِ پيش آھي. نظم جي شروعات چين جي شاعر ڪُو يُوان Qu Yuan جي ذڪر سان ٿئي ٿي. ھيءُ اھو شاعر ھو، جنھن کي جلاوطن ڪيو ويو ھو، ۽ جلاوطنيءَ ۾ جڏھن کيس معلوم ٿيو تہ سندس وطن تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو اھي، تہ ھُن پنھنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. پھرين اھو نظم پرھو ۽ پوءِ شاعر جي حياتيءَ جو احوال.

پٿر ۽ ٻڏي ويل شاعر
ڪُو يُوان پٿر کي ڇاتيءَ سان لاتو،
جڙي ٻُوٽين جي سڳنڌ ۽ پنهنجي خيالي محبوب سان گڏ،
ميلو نديءَ جي گهرائين ۾ لهي ويو.
لو جھائولن—جيڪو شروعاتي تانگ دور جي چئن عظيم اديبن مان هڪ هو،
تنهن يِنگ نديءَ جي لهرن ۾ پنهنجو انت آندو.
لي بائي چنڊ جهڙي هڪ پٿر کي ڀاڪر پاتو،
۽ يانگزي نديءَ جي وهڪرن حوالي ٿي ويو.
وانگ گُووي سمر پيلس جي ڪُنمِنگ ڍنڍ ۾ ٻڏي ويو،
پنهنجي پٺيان هيءَ وصيت ڇڏيندي:
“پنجاهه جي ڄمار ۾، هاڻي مون لاءِ صرف منهنجو موت ئي صحيح آهي.”
جھُو شِيانگ، چائشي ماٿريءَ وٽان ٻيڙيءَ ۾ گذرندي،
يانگزي نديءَ ۾ ٽپو ڏئي پيو، لي بائي جي پيرن جا نشان ڳوليندي.
الفونسينا اسٽورني، پنهنجي وڳي جي گهيرن ۾ پٿر لڪائي،
ارجنٽائن جي اٽلانٽڪ مهاساگر جي لهرن ڏانهن وڌي وئي.
پال سيلان، پونٽ ڊي ميرابيو تان،
سين نديءَ جي هنج ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
سارا ٽيزڊيل، پنهنجي ئي غسلخاني جي ٽب ۾ ٻڏي مئي.
هارٽ ڪرين، وطن واپس ورندي،
ڪيريبين سمنڊ جي لهرن ۾ ٽپو ڏئي ويو.
جان بيريمن، مسيسپي نديءَ جي وهڪري ۾ پاڻ اڇلائي ڇڏيو.
تجزيو:
قديم چين ۾، جيڪي شاعر نديءَ حوالي ٿيا،
تن ايئن ڪيو—ڪنهن ڍهندڙ سلطنت جي وفاداريءَ ۾،
ڪنهن اڻڄاتل ۽ بي رحم بيماريءَ جي وڪڙ ۾،
يا وري افراتفريءَ جي دور ۾، گهري نااميديءَ جي ڪري.
پر جديد دور ۾، چاهي چيني شاعر هجن يا پرڏيهي،
انهن کي هن انت تائين پهچائيندڙ هئا:
ذهني گُهٽ ۽ اداسي، نسلي صدمه،
جذباتي ڀڃ ڊاهه،
۽ زنده رهڻ جي جدوجهد مان پيدا ٿيل سخت ٿڪاوٽ.
پڄاڻي:
چاهي پاڻيءَ ۾ لهڻ وقت،
سندن هٿن ۾ ڪو پٿر هو يا نه،
پر سچ ته اهو آهي ته:
انسان جي دل، دنيا جي ڪنهن به پٿر کان،
وڌيڪ سخت ۽ وڌيڪ ڳري هئي.
(نظم جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو: جيمناءِ)

چيني فلسفو ۽ مذهب خودڪشيءَ جا مخالف ھئا. قديم چين ۾ ٻه وڏا فلسفا ۽ مذهب ڪنفيوشسيزم (Confucianism) ۽ تائوزم (Taoism) هئا. ڪنفيوشسيزم ۾ جسم کي والدين جي امانت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي نقصان پهچائڻ سخت گناهه ۽ بي ادبي (Filial Impiety) تصور ڪيو ويندو آهي. تائوزم فطرت سان گڏ هلڻ ۽ زندگيءَ جي حفاظت تي زور ڏئي ٿو. ان ڪري خودڪشيءَ جي عمل کي قديم چيني سماج ۾ ڪڏهن به سٺي نظر سان نه ڏٺو ويو.
پر چين جي تاريخ ۾ پاڻيءَ ۾ ٻڏي خودڪشي ڪرڻ جو هڪ تمام مشهور ۽ تاريخي واقعو ڪُو يُوآن، هڪ مشهور شاعر ۽ وزير، جو آهي، جيڪو 278 ق.م ڌاري پيش آيو. جڏهن سندس وطن تي دشمن جو قبضو ٿيو، ته هن انتهائي ڏک ۾ ميلو ندي (Miluo River) ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي هئي. ڪجهه لوڪ ڪهاڻين ۾ چيو ويندو آهي ته هن پنهنجي لباس ۾ پٿر ٻڌا هئا ته جيئن هو ٻڏي وڃي.
دنيا جي تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي، جن پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان محبت جو قرض پنهنجي جان ڏئي چڪايو. قديم چين جو عظيم شاعر، محب وطن سياستدان ۽ وزير ڪُو يُوآن بہ ھڪ اھڙو ڪردار ھو. سندس زندگي جيتري علمي ۽ فڪري هئي، موت اوترو ئي المناڪ ۽ تاريخي بڻجي ويو. وطن جي آزاديءَ تان قربان ٿيڻ جو اهو واقعو اڄ به چين جي ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جو هڪ اهم حصو آهي.
ڪُو يُوآن 340 ق.م ڌاري قديم چين جي طاقتور رياست چُو (Chu) جي هڪ شاهي خاندان ۾ جنم ورتو. هُو انتهائي ذهين، وسيع علم جو مالڪ ۽ هڪ بهترين سفارتڪار هو. سندس قابليت کي ڏسندي، چُو رياست جي بادشاهه کيس پنهنجو خاص وزير ۽ صلاحڪار مقرر ڪيو. ان دور ۾ چين مختلف ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو، جن مان چِن (Qin) رياست سڀ کان وڌيڪ ظالم ۽ جارح مزاج هئي. ڪُو يُوآن پنهنجي سياسي بصيرت سان سمجهي ويو هو ته چِن رياست جي ارادن کي روڪڻ لاءِ ٻين ننڍين رياستن سان اتحاد ڪرڻ ضروري آهي. هن بادشاهه کي پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ ۽ اندروني سڌارا آڻڻ جو مشورو ڏنو.
ڪُو يُوآن جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ايمانداريءَ سبب دربار جا ٻيا حاسد ۽ ڪرپٽ وزير سندس خلاف ٿي ويا. انهن بادشاهه جا ڪن ڀريا ۽ ڪُو يُوآن تي غداريءَ جا ڪوڙا الزام لڳايا. بادشاهه حقيقت کي سمجهڻ کانسواءِ کيس دربار مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. جلاوطنيءَ جي ان دور ۾، جيڪو لڳ ڀڳ 28 سالن تي پکڙيل هو، ڪُو يُوآن چين جي ٻهراڙين، ندين ۽ پهاڙن ۾ ڀٽڪندو رهيو. ان اڪيلائيءَ ۽ وطن جي ڳڻتيءَ کيس هڪ عظيم شاعر بڻائي ڇڏيو. هن ان دور ۾ چيني ادب جا شاهڪار نظم لکيا، جن ۾ لي ساو Li Sao ( ڏک جو سفر) سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. ان نظم ۾ هن پنهنجي ملڪ سان محبت، درٻار جي ڪرپشن ۽ وطن جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جو ذڪر دردناڪ لفظن ۾ ڪيو آهي.
جيئن ڪُو يُوآن اڳڪٿي ڪئي هئي، بلڪل ايئن ئي ٿيو. چُو رياست جو بادشاهه چِن رياست جي چالبازين کي نه سمجهيو. 278 ق.م ۾، چِن رياست جي فوجن چُو رياست جي گاديءَ واري شهر تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو ۽ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو.
جڏهن جلاوطن ڪُو يُوآن تائين پنهنجي محبوب وطن جي شڪست ۽ ڌارين جي قبضي جي خبر پهتي، ته هُو اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو. پنهنجي ڌرتيءَ جي غلامي ۽ تباهيءَ کيس جيئري ئي ماري ڇڏيو. هُو دشمن جي اڳيان جهڪڻ يا غلاميءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ تيار نه هو.
انتهائي ڏک ۽ قومي غيرت جي جذبي تحت، هن پنهنجي جسم سان ڳرا پٿر ٻڌا (ته جيئن هو واپس مٿي تري نه سگهي) ۽ چين جي مشهور ميلو ندي (Miluo River) جي وهڪري ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اهو رڳو هڪ آپگهات نه هو، پر هڪ محب وطن جو پنهنجي ملڪ جي برباديءَ تي هڪ آخري ۽ خاموش سياسي احتجاج هو.
عوامي محبت ۽ ڊريگن بوٽ فيسٽيول جي شروعات
ڪُو يُوآن عوام ۾ تمام گهڻو مقبول هو. جڏهن مقامي ماڻهن کي خبر پئي ته سندن محبوب شاعر ۽ اڳواڻ نديءَ ۾ ٽپو ڏنو آهي، ته اهي سڏڪا ڀري روئي پيا.
ماڻهو پنهنجيون ٻيڙيون کڻي نديءَ ۾ ويا ته جيئن کيس بچائي سگهن يا سندس مڙهه هٿ ڪري سگهن. نديءَ ۾ ٻيڙيون ڊوڙائڻ جو اهو عمل اڳتي هلي ٻيڙين جي ريس جي شڪل اختيار ڪري ويو.
نديءَ جي مڇين کي ڪوئي يوان جي جسم کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ لاءِ، ماڻهن چانورن جا لڏون يا پيڙا ٺاھي نديءَ ۾ اڇلائڻ شروع ڪيا ته جيئن مڇيون اهي کائين ۽ شاعر جي جسم کي نه ڇهن. انهن چانورن جي لَڏُن کي زونگزي (Zongzi) چيو ويندو آهي.
ان واقعي کي 23 سئو سال گذرڻ کانپوءِ به، چين ۽ سڄي دنيا ۾ چيني ماڻهو هر سال قمري ڪيلينڊر جي پنجين مهيني جي پنجين تاريخ تي ڊريگن بوٽ فيسٽيولDragon Boat Festival ملهائيندا آهن. ان ڏينهن ٻيڙين جا مقابلا ٿيندا آهن ۽ چانورن جا خاص لَڏُون تيار ڪيا ويندا آهن.
ڪُو يُوآن جو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻ جو عمل ڪو عام رواج نه هو، پر هڪ عظيم انسان جي پنهنجي مٽيءَ سان بي پناهه عقيدت جو اظھار هو. هُو جسماني طور ته نديءَ جي لهرن ۾ گم ٿي ويو، پر تاريخ کيس هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. اڄ به هُو چين ۾ حب الوطنيءَ، ايمانداريءَ ۽ ادبي عظمت جي سڀ کان وڏي علامت سمجهيو ويندو آهي.
_____________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



زبردست نظم ۽ ڊريگون بوٽ فيسٽيول جي روايت