مورو ۽ محرم شريف جون يادون: مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جو سھڻو مثال
مورو شهر هميشه کان مذهبي ڀائيچاري ۽ امن جو هڪ رول ماڊل رهيو آهي، جتي مذهب ۽ عقيدو ڪڏهن به انسانيت ۽ پاڙيسريءَ جي حقن جي وچ ۾ ڀت نه بڻيا.

سئيڊن مان عبدالله عثمان مورائيءَ وٽان
نئين اسلامي قمري سال جي شروعات محرم الحرام جي پاڪ مهيني سان ٿيندي آهي، جيڪو مسلمانن لاءِ انتهائي عزت ۽ احترام وارو مهينو آهي. ڪربلا جي عظيم قرباني انسانيت، سچائي، انصاف ۽ حق تي قائم رهڻ جو لازوال پيغام ڏئي ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن وانگر سنڌ جي تاريخي شهر موري ۾ به محرم شريف رڳو هڪ مذهبي عقيدت جو مهينو نه هوندو هو، پر اهو سني ۽ شيعا برادريءَ جي وچ ۾ سالن کان قائم محبت، اتحاد، ڀائيچاري ۽ گڏيل ثقافت جي اهڙي خوبصورت تصوير پيش ڪندو هو، جيڪا اڄ به ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تازين يادن وانگر محفوظ آهي.
ٻنهي مڪتبه فڪر جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ هن غم جي مهيني ۾ شهداءِ ڪربلا کي ياد ڪندا آهن. شهر ۾ شيعا برادريءَ جا ماتمي جلوس تمام وڏي عقيدت، احترام ۽ اهتمام سان نڪرندا آهن. ننڍپڻ ۾ محرم جو چنڊ نظر اچڻ سان ئي شهر جي فضا بدلجي ويندي هئي. بازارن ۾ ڪارا جهنڊا لڳي ويندا هئا، امام بارگاهن کي سينگاريو ويندو هو ۽ هر طرف نوحن جون صدائون گيتن جي جاءِ والاري وٺنديون هيون. موري جي گهٽين ۾ هڪ عجيب اداسي سان گڏ روحانيت جو احساس پکڙجي ويندو هو.
ننڍپڻ ۾ اسان ٻار وڏي بيچيني سان روزانو ماتمي جلوسن جو انتظار ڪندا هئاسين ، هڪ ٻئي کان پڇندا هئاسين تہ جلوس ڪٿي پهتو آ ؟ پوء ڏاڍي شوق ۽ انتظار سان اهي جلوس ڏسڻ ويندا هئاسين. جڏهن اهو جلوس اسان جي گهر جي ويجهو شاهي بازار واري چوڪ وٽ پهچندو هو ته اتي جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو هو. شام جو سج لٿي جي نماز کان پوءِ شيعه عالم ڪربلا جي فلسفي تي خطاب ڪندو هو. جيڪڏهن محرم گرمين جي ڏينهن ۾ ايندو هو ته جلوس جو شاهي بازار پهچڻ ٿورو دير سان ٿيندو هو پر ماڻهن جو جذبو ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندو هو.
جلوس جو رستو ڊگهو ۽ تمام وڏو هوندو هو، جنهن جي صفائيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هو. اهو جلوس سرهيا محلي واري امام بارگاهه کان نڪرندو، شهر جي مختلف علائقن مان گذرندو ۽ وري ٻئي پاسي کان واپس ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هر طرف ڪارا ڪپڙا پهريل نظر ايندا هئا. عزاداري جاري هوندي هئي ۽ نوحن جون صدائون ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏينديون هيون. گانن جي جڳهه تي رڳو نوحن جو آواز گونجندو هو.

محرم الحرام جي ڏينهن جي هڪ وڏي خصوصيت نذر و نياز ورهائڻ ۽ لنگر جي ورڇ هڪ وڏي روايت هئي. شهر جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي وس آهر نياز ڪندا هئا ۽ عزادارن ۽ مسافرن جي خدمت ڪندا هئا. چڻن واري پلاءَ جي خوشبو اڄ به ياد اچي ٿي، اھو پلاءُ ايترو ته سوادي هوندو هو جنهن جو ذائقو شايد اڄ تائين ڪنهن ٻي هنڌ محسوس نه ٿيو آهي. ان کان علاوه گهرن توڙي سبيلن تي ٿڌو پاڻي، کير، گلاب وارو شربت، مختلف قسم جا شربت، کيرڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جي ورڇ جاري رهندي هئي.
منهنجو مامو، لاهوتي غلام نبي سومرو ، پنهنجي هوٽل تان سمورن ماتمي جلوس وارن لاءِ مفت چانهه جي نياز جي سبيل ورهائيندو هو. اها خدمت ڪنهن فرقيواري سڃاڻپ کان مٿانهين هئي. شهر جا ڪيترائي سني خاندان شيعن ڏانهن نياز موڪليندا هئا ۽ شيعا وري سني پاڙيسرين کي نياز پيش ڪندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن قسم جي نفرت يا ٽڪراءُ جو احساس نه ٿيندو هو. ڪيترن ئي گهرن ۾ هڪ ڀاءُ سني هوندو هو ته ٻيو شيعو، پر محبت ۽ رشتن ۾ ڪڏهن به ڪا رڪاوٽ نه ايندي هئي ۽ سڀ گڏجي احترام سان رهندا هئا
اسان ٻار جلوس کي ڪڏهن دادو چوڪ، ڪڏهن شهيد چوڪ، ڪڏهن مين روڊ ۽ ڪڏهن شاهي بازار چوڪ تي بيهي ڏسندا هئاسين. منهنجون ننڍڙيون اکيون خاص طور تي حضرت امام حسين عليه السلام جي ان ذوالجناح (دلدل) جي علامتي گهوڙي کي ڏسڻ لاءِ بيقرار هونديون هيون جنهن کي عقيدت سان سينگاريو ويندو هو. ان سان گڏ امامن جي علامتي روضن جا شبيہ (تعزيا) ۽ نشانين کي ڏسي دل ۾ هڪ عجيب احترام پيدا ٿيندو هو.
شاهي بازار واري سومرا مسجد به هميشه سڀني لاءِ کليل هوندي هئي. ڪيترائي شيعا زائرين پڻ اتي نماز ادا ڪندا هئا. اهو مذهبي هم آهنگيءَ جو اهڙو مثال هو، جنهن تي هر موري وارو فخر ڪري سگهي ٿو.
شهر ۾ ڪيترين ئي جاين تي سبيلون لڳل هونديون هيون، جتان سڄو ڏينهن پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ وقفي وقفي سان شربت ملندو هو. خاص طور تي شاهي بازار چوڪ تي چاچا عبدالخالق عرف چاچا ڪارو سرهيو ۽ سندس ڀائرن ۽ پٽن جي سبيل وڏي مشهور هوندي هئي، جتي هر ايندڙ ويندڙ جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي ويندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ بجليءَ جي فراهمي به جلوس جي رستي تي خاص انتظام سان ڪئي ويندي هئي ته جيئن لاوڊ اسپيڪر ۽ روشنيءَ جو سلسلو بنا رڪاوٽ جاري رهي. ان سڄي انتظام جي ذميواري ڀائو صابر علي شاهه وڏي محنت سان نڀائيندا هئا. چاچا محبوب علي شاهه، جيڪي اڪثر اسان جي اوطاق تي رهندا هئا، پڻ جلوس جي انتظاميه سان لاڳاپيل ۽ نگران هئا ۽ روٽ جي مختلف هنڌن تي معاملا سنڀاليندا ۽ نظم ۽ ضبط قائم رکڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا هئا.
وقت سان گڏ شهر ۾ شيعا برادريءَ جي انگ ۾ واڌارو ٿيندو ويو، پر ان سان گڏ مذهبي رواداري به وڌندي نظر ايندي هئي ۽ محبت ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. لوهار خاص طور تي نائين ۽ ڏهين محرم جي عزاداري لاءِ محرم کان ڪيترائي ڏينهن اڳ زنجيرن جي مرمت ۽ تياريءَ ۾ مصروف رهندا هئا. موري ۾ نوحه پڙهندڙن جو به هڪ منفرد ۽ پيشاوراڻو انداز هو، جيڪي ڏاڍي دردناڪ انداز ۾ نوحا پڙهندا هئا ۽ انهن جون صدائون عزادارن جي جذبن کي وڌيڪ تازگي بخشينديون هيون.

جلوس سان گڏ ايمبولينس، پوليس ۽ شيعه توڙي سني اسڪائوٽس جو دستو به موجود هوندو هو ته جيئن هر قسم جي سهولت ۽ سلامتي برقرار رهي. پر سڀ کان وڏي حفاظت ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت هئي، جيڪا ڪنهن به سرڪاري انتظام کان وڌيڪ مضبوط هوندي هئي.
شيعه ۽ سني دوست گڏجي زيارتن تي ويندا هئا، هڪ ٻئي جي خوشين ۽ غمين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. محرم انهن لاءِ اختلاف جو نه، پر ويجهڙائپ جو مهينو هوندو هو.
ٻئي پاسي سني برادريءَ جو وڏو مذهبي اجتماع ڏهين محرم تي تاج مسجد مورو ۾ منعقد ٿيندو هو، جتي سڄو ڏينهن عالمن جون تقريرون، بيان، ذڪر ۽ وڏي پيماني تي گوشت واري پلاء جي نياز ۽ شربت جي ورڇ ٿيندي هئي. جڏهن ماتمي جلوس مين روڊ تي پهچندو هو ته تاج مسجد وارو پروگرام احترام سان پنهنجي پڄاڻيء تي پهچندو هو ۽ ماتمي جلوس بنا ڪنهن رڪاوٽ جي شاهي بازار مان گذري ويندو هو. اها روايت هڪ ٻئي جي عقيدن جي عزت ڪرڻ جو زنده مثال هئي.
اڄ جڏهن ماضي جون اهي يادون ذهن ۾ تري اچن ٿيون ته محسوس ٿئي ٿو ته مورو رڳو هڪ شهر نه هو، پر محبت، برداشت، احترام ۽ گڏيل سماجي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت اُھڃاڻ هو. محرم جي ڏينهن ۾ جيڪو ڀائيچارو، هڪٻئي جي خدمت جو جذبو ۽ مذهبي رواداري نظر ايندي هئي، اها اسان جي سماج جو قيمتي سرمايو آهي.
مورو شهر هميشه کان مذهبي ڀائيچاري ۽ امن جو هڪ رول ماڊل رهيو آهي، جتي مذهب ۽ عقيدو ڪڏهن به انسانيت ۽ پاڙيسريءَ جي حقن جي وچ ۾ ڀت نه بڻيا. دعا آهي ته موري جو اهو سهڻو روپ، جتي شيعه ۽ سني هڪ ٻئي جي عزت ڪن ٿا، هڪ ٻئي جي نياز ۾ شريڪ ٿين ٿا، هڪ ٻئي جي جلوسن ۽ مجلسن جو احترام ڪن ٿا ۽ انسانيت کي سڀني اختلافن کان مٿانهون سمجهن ٿا، اها محبتن واري روايت ايندڙ نسلن تائين ائين ئي قائم ۽ دائم ۽ سلامت رهي. ڇو ته اهڙي محبت ئي ڪنهن به شهر جي اصل سڃاڻپ ۽ اصل دولت هوندي آهي.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com




تمام بھترين۔ مورو جو ماتم ۽ مذهبي رواداري بيمثال آهي.