Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڏهاڪن کان سنڌي رضاڪار تامل ناڊو جي مسجد ۾ روزيدارن کي روزو افطار ڪرائن ٿا

سنڌي صوفي بزرگ دادا رتن چند جا پوئلڳ رمضان المبارڪ جي سڄي مهيني دوران تامل ناڊو رياست جي گاديءَ واري شھر چيناءِ جي والاجاهه مسجد ۾ کاڌو پهچائڻ جي روايت کي برقرار رکي رهيا آهن.

صوفي دَر ٽرسٽ جو مقصد روهڙي، سنڌ جي صوفي بزرگ شهنشاهه بابا نيڀراج صاحب جي تعليمات کي ڦهلائڻ آهي.

وينيتا گووندا راجن

چيناءِ ۾ سانجهي ٿي چڪي آهي. والاجاهه مسجد جي ٻن اڇن مُنارن جي پٺيان ھلڪي روشني ڇانئجي رهي آهي. مسجد جي ڪشادي اڱڻ ۾ 50 کان وڌيڪ مرد اڇيون ٽوپيون پائي خاموشيءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن. هن 220 سال پراڻي مسجد ۾ سانجھيءَ جي نماز شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ، هڪ ٽرڪ اندر اچي بيهي ٿي. اهي ماڻهو ھڪدم حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ڪافي تيزيءَ سان ديڳيون، وڏا ٿانوَ، بسڪيٽ، ڪيلا ۽ وڙا (پڪوڙن جو هڪ قسم) لاهڻ شروع ڪن ٿا.

گذريل چئن ڏهاڪن وانگر، صوفي دَر ٽرسٽ جا سنڌي رضاڪار، جيڪي دادا رتن چند ( هڪ سنڌي جيڪو ورھاڱي وقت چيناءِ ۾ اچي آباد ٿيو هو) جي تعليمات تي هلن ٿا، رمضان جي مهيني ۾ روزو کولڻ لاءِ افطاري جو سامان پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن.

هن ٽرسٽ جو مقصد روهڙي، سنڌ جي صوفي بزرگ شهنشاهه بابا نيڀراج صاحب جي تعليمات کي عام ڪرڻ آهي. گووند ڀرواڻي، جيڪو ٽرسٽ جي شروعات کان وٺي ان سان گڏ آهي، چيو ته: “اسان جو ايمان آهي ته سڀئي مالڪ (خدا) هڪ آهن، رڳو انسانن کين مختلف فرقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اهو ئي اسان جي گُرو جيءَ اسان کي سيکاريو هو.”

هر روز ٻپهرن جو، دادا رتن چند جا پوئلڳ صوفي دَر ٽرسٽ جي مندر ۾ صوفي بزرگ بابا دستگير جي دعا گهرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. اهو هڪ وڏو ڪمرو آهي جتي هندو ديوين ۽ ديوتائن جا بت، عيسيٰ مسيح، سنڌي درياءَ جو ديوتا جهوليلال ۽ ڪيترن ئي صوفي بزرگن جون تصويرون موجود آهن.

هتي موجود اڪثر ماڻهو سنڌ مان آيل ورهاڱي جي پناهه گيرن جو ٻيو نسل آهن. هڪ واپاري، جئي ڪشن ڪڪريجا چيو ته سندس ڏاڏو ورهاڱي دوران بمبئي ويو هو ۽ ريلوي اسٽيشن تي چيناِ وڃڻ واري ٽرين بابت اعلان ٻڌائين. ڪڪريجا چيو، “منهنجي پيءُ جو ڀاءُ ان وقت اڳيئي چيناِ ۾ هو، تنهنڪري سڄو خاندان هتي هليو آيو.”

ڪڪريجا جو پيءُ سينٽرل چيناءِ جي گودام اسٽريٽ تي هڪ ڦيري وارو (هاڪر) هو. ڪڪريجا ٻڌايو، “هو ٻين رياستن مان آيل ڪپڙو وڪڻندو هو. انهيءَ طريقي سان هو زندگيءَ ۾ اڳتي وڌيو.”

سينٽرل چيناِ جي گودام اسٽريٽ اڃا تائين پنهنجي سستن ۽ هول سيل ڪپڙي جي دڪانن جي ڪري مشهور آهي، جيڪو ڪڏهن سنڌي پناهه گيرن ۾ تمام گهڻو مقبول ڪاروبار هو. دادا رتن چند پاڻ به روحاني واٽ اختيار ڪرڻ کان اڳ گودام اسٽريٽ جي هڪ دڪان تي ڪم ڪندو هو.

والاجاهه مسجد ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سُني مسلمان عقيدتمند قطارن ۾ مسجد جي اڱڻ ۾ ويهي رهيا آهن. اهي نماز پڙهڻ کان اڳ پنهنجو روزو کوليندا. ٽرسٽ جي ميمبرن بنا وقت وڃائڻ جي کاڌو ورهائڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ کين اها خبر ناهي ته سندن مرشد هن خاص مسجد کي ئي خدمت لاءِ ڇو چونڊيو هو، پر سندن خيال آهي ته هيءَ روايت کين هڪ برادريءَ جي طور تي گڏجي سرگرميءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي.

گووند ڀرواڻي چوي ٿو، “اسان ان کي ‘سيوا’ چئون ٿا. اسان جي گُرو جيءَ ڪيترائي سال اڳ هيءَ شروعات ڪئي هئي ۽ اسان ان کي جاري رکيو آهي. هن اها روايت ان ڪري شروع ڪئي ڇاڪاڻ ته سندس دل ايئن چاهيو. مسجد انتظاميه مان به ڪنهن کي ان تي ڪو اعتراض ناهي.”

والاجاهه مسجد، جنهن کي ‘بگ ماسڪ’ (وڏي مسجد) به چيو ويندو آهي، 1795 ۾ آرڪوٽ جي اٺين نواب، محمد علي والاجاهه جي ھدايتن تي ٽرپليڪين ۾ اڏائي وئي هئي. مسجد جي سڀ کان نمايان خوبين مان هڪ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل تاريخي شاعري (Chronogram) آهي، جيڪا نواب جي نجي سيڪريٽري راجا مکن لال لکي هئي.

اٽڪل چار ڏهاڪا اڳ، دادا رتن چند جي درخواست تي، مسجد جي اختيارين صوفي در جي ميمبرن کي مسجد ۾ کاڌو ورهائڻ جي اجازت ڏني هئي. تڏهن کان وٺي، مسجد جي انتظاميه ۽ ٽرسٽ جي وچ ۾ اهو طئہ ٿيل آهي ته افطاري صوفي در جا ميمبر ئي ورهائيندا. ڀرواڻي چيو، “اسان ڪڏهن به مسجد جي انتظاميه سان گڏجي ڪو باقاعده رابطو ناهي ڪيو، اسان بس هر سال پاڻمرادو هتي اچي ويندا آهيون.”

والاجاهه مسجد جي هڪ رضاڪار سهيل احمد چيو ته اڪثر ٻين هنڌن تي اهي ٻين برادرين جي ماڻهن کي کاڌو ورهائڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن. پر هي ڏينهن خاص آهن. هن چيو، “عيد هڪ اهڙو وقت آهي جڏهن اسان سڀ گڏ ٿي سگهون ٿا. اهو ئي هڪ سبب آهي جو اسان هن روايت کي قائم رکيو آهي. اسان هن کي ڀائيچاري ۽ ماڻهن سان ملڻ جو هڪ وسيلو سمجهون ٿا، چاهي اهي هندو هجن، مسلمان هجن يا ٻيو ڪو.”

_________________

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button