انگريزي ادب مان چونڊ: مايوسيءَ کان پوءِ زندگيءَ کي نئين سر اڏڻ جي ڪهاڻي
زندگي سبق سيکاري ٿي ته توهان جي پرواهه ڪرڻ وارو ٻيو ڪو بہ ناهي. توهان پاڻ ئي سڀ ڪجھ آھيو. پنهنجي اهميت سڃاڻو. جيڪڏهن گڏ رهڻ جو مطلب پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ هجي… ۽ ڇڏي وڃڻ جو مطلب سماج جي نظر ۾ ڏوهاري بڻجڻ هجي… ته توهان ڪهڙو رستو چونڊيندؤ؟

مشھور انگريز ناول نگار ايني بِرونٽَي جي مشھور ڪلاسيڪل ناول وائلڊ فيل هال جي رهواسي (The Tenant of Wildfell Hall)جو اڀياس
انگريزي ادب جو اڀياس
اَينِي بِرونٽَي (Anne Brontë) هڪ مشهور انگريز ناول نگار ۽ شاعرہ هئي، جيڪا 17 جنوري 1820ع تي پيدا ٿي ۽ 28 مئي 1849ع تي وفات ڪري وئي. هوءَ مشهور برونٽي ادبي خاندان منجھان هئي ۽ ليکڪائن شارليٽ، ايميلي، ۽ برينويل جي ننڍي ڀيڻ هئي. ايني کي سندس 1847ع جي ناول ايگنيس گري (Agnes Grey) ۽ 1848ع جي ناول دي ٽيننٽ آف وائلڊ فيل هال (The Tenant of Wildfell Hall) جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي تاريخ جي پهرين فمينسٽ (عورتن جي حقن واري) ناولن مان هڪ تصور ڪيو ويندو آهي. هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڇهن ٻارن مان سڀ کان ننڍي هئي، ۽ سندس ماءُ ان وقت وفات ڪري وئي جڏهن ايني صرف هڪ سال جي هئي.
ايني پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو هاورٿ، يارڪشاير ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ڀينرن سان گڏ گذاريو، ۽ ڪجهه وقت گهر ۾ پڙهائيندڙ استاد طور پڻ ڪم ڪيو. 1846ع ۾، هن ۽ سندس ڀينرن فرضي نالن سان شاعريءَ جو هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ ايني جو نالو “ايڪٽن بيل” هو. ايني صرف 29 سالن جي ڄمار ۾ ٽي بيءَ جي بيماريءَ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. سندس وفات کان پوءِ، سندس ڀيڻ شارليٽ ڪجهه سببن جي ڪري دي ٽيننٽ آف وائلڊ فيل هال جي ٻيهر اشاعت کي روڪي ڇڏيو، جنهن سان اينيءَ جي مقبوليت کي نقصان پهتو؛ تنهن هوندي به، اڄ سندس ٻنهي ناولن کي انگريزي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب مڃيو وڃي ٿو.
ڪجهه ناول خاموشيءَ سان منظرِ عام تي ايندا آهن ۽ پوءِ توهان جي ذهن تان ڪڏهن به ناهن لهندا. اَينِي بِرونٽَي جو لکيل ۽ 1848ع ۾ شايع ٿيل ناول The Tenant of Wildfell Hall به انگريزي ادب جي انهن ئي غيرمعمولي شاهڪار ناولن مان هڪ آهي. ڪيترن ئي سالن تائين، هيءُ ناول اينيءَ جي مشهور ڀينرن، شارليٽ ۽ ايميلي برونٽي جي ناولن جي پاڇي ۾ دٻيل رهيو. پر اڄ، پڙهندڙ تيزيءَ سان ان ڏانهن موٽ کائي رهيا آهن. پڙھندڙن کي هيءُ ناول حيرت انگيز طور تي جديد، جذباتي حوالي سان بي باڪ، ۽ گهري همدرديءَ سان ڀريل محسوس ٿئي ٿو.
شروعات ۾، هيءَ ڪهاڻي هڪ راز ۾ ويڙھيل ۽ لِڪل نظر اچي ٿي.

هيلن گراهم نالي هڪ نوجوان بيواهه عورت اوچتو وائلڊ فيل هال ۾ اچي رهي ٿي، جيڪا ڳوٺ جي زندگيءَ کان پري هڪ اڪيلي ۽ پراڻي حويلي آهي. هوءَ پنهنجي ننڍڙي پٽ سان گڏ اتي پهچي ٿي ۽ سماج کان پرڀرو ٿي، خاموش زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ٿي. قدرتي طور تي، ماڻهن ۾ کيس ڄاڻڻ جو تجسس وڌڻ لڳي ٿو. ماڻهو سندس ماضيءَ بابت اڳڪٿيون ڪن ٿا. هوءَ اڪيلي ڇو ٿي رهي؟ سندس مڙس ڪاٿي آهي؟ هوءَ پنهنجي حياتيءَ بابت ايتري رازداري ڇو ٿي رکي؟
سندس شخصيت ڏانهن راغب ٿيندڙن ۾ گلبرٽ مارڪهم به شامل آهي، جيڪو هڪ نوجوان هاري آهي. هُو هيلن جي ذهانت، ضبط ۽ خاموش طاقت کان متاثر ٿي ويندو آهي. گلبرٽ جي نظر سان ڏسجي ته، هيءُ ناول شروعات ۾ هڪ رومانس ۾ ويڙهيل پراسرار ڪهاڻي لڳي ٿو.
پر ايني برونٽي جي ذهن ۾ ان کان به وڌيڪ طاقتور شئي هئي.
جيئن جيئن ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي، هيلن جي ڊائري سچائيءَ تان پردو کڻي ٿي ۽ هيءُ ناول هڪ غير متوقع ۽ ناقابلِ فراموش روپ اختيار ڪري وٺي ٿو.
هيلن جي پنهنجي لفظن ذريعي، اسان سندس ماضيءَ جي زندگي ۽ آرٿر هنٽنگڊن سان ٿيل شاديءَ جا شاهد بڻجون ٿا. آرٿر هڪ دلڪش، خوش مزاج ۽ سماج ۾ پسند ڪيو ويندڙ شخص آهي، جيڪو آهستي آهستي پنهنجي سڃاڻپ هڪ خود غرض، غير ذميوار، جذباتي طور تي ظالم ۽ تباهه ڪندڙ عادتن ۾ مبتلا انسان طور ڪرائي ٿو. جيڪا شادي اميدن سان شروع ٿي هئي، سا مايوسيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي، ۽ اها مايوسي آهستي آهستي تڪليف بڻجي وڃي ٿي.
ايني برونٽي انهن لمحن کي غير معمولي ايمانداريءَ سان لکيو آهي.
هيلن کي ڪنهن جذباتي يا لاچار عورت طور پيش ناهي ڪيو ويو. ان جي برعڪس، هوءَ ادب جي تاريخ جي هڪ مضبوط ۽ خاموشيءَ سان بهادري ڏيکاريندڙ عورت بڻجي سامهون اچي ٿي. هوءَ محبت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هوءَ صبر سان ڪم وٺي ٿي. هوءَ معاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر آخرڪار کيس اندازو ٿئي ٿو ته بنا ڪنهن مقصد جي تڪليف سهندو رهڻ ڪا نيڪي ناهي ۽ پنهنجي عزتِ نفس (وقار) کي اھميت ڏيڻ ڪا خود غرضي ناهي.
اڻويهين صديءَ ۾ شايع ٿيندڙ ڪنهن ناول لاءِ، هي خيال تمام گهڻو انقلابي ۽ باغي هو.
ان دور ۾ جڏهن عورتن مان اها اميد رکي ويندي هئي ته اهي ناخوش شادين کي برداشت ڪن ۽ مڙسن تي منحصر رهن، ايني برونٽي هڪ اهڙي عورت جو تصور ڪرڻ جي جرئت ڪئي جيڪا آزادي، پنهنجي ٻار جي حفاظت ۽ اخلاقي عزتِ نفس جو رستو چونڊي ٿي. ڪنهن وڏي تقرير يا ڏيکاءُ واري بغاوت کان سواءِ، هيلن صرف هڪ انسان طور پنهنجو احترام ڪرڻ تي زور ڀري ٿي.
اهو خاموش احتجاج ئي هن ناول کي هڪ عظيم جذباتي طاقت عطا ڪري ٿو.
هن ناول جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ پهلو اهو آهي ته هي سڌا سنوان ۽ سولا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. آرٿر هنٽنگڊن کي ڪو اهڙو مڙس ناهي ڏيکاريو ويو جنهن ۾ انسانيت ئي نه هجي. هو خامين سان ڀريل، ڪمزور، دلڪش، لاپرواهه ۽ بدقسمتيءَ سان پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. ايني ڏيکاري ٿي ته تڪليف ڪڏهن به اوچتو يا ڊرامائي انداز ۾ ناهي ايندي. اها اڪثر بهانن، اميدن ۽ سمجهوتن جي ذريعي آهستي آهستي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندي آهي.
هن ناول جا بنيادي موضوع اڄ جي دور ۾ به اوترا ئي اهم آهن: محبت ۽ وهم، جذباتي بقا، مرد ۽ عورت مان رکيل اميدون، ذاتي آزادي، عزتِ نفس، اولاد جي پرورش، ۽ اهو ڏکيو سوال ته ڇا صرف محبت ئي ڪنهن ٻئي انسان کي تبديل ڪري سگهي ٿي؟
ڪهاڻيءَ جي پٺيان هڪ خاموش اداسي به هلي ٿي. اهو احساس ته ڪڏهن ڪڏهن ذهني پختگيءَ جو مطلب اهو هوندو آهي ته توهان اهو تسليم ڪري وٺو ته ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ سان توهان کيس تباهي کان بچائي نٿا سگهو.
هيءُ ڪو نااميد ڪندڙ ناول ناهي.
هيءُ بنيادي طور تي همت ۽ ٻيهر اٿي بيهڻ (resilience) جي ڪهاڻي آهي. مايوسيءَ کان پوءِ زندگيءَ کي نئين سر اڏڻ جي ڪهاڻي آهي. اهو ڄاڻڻ بابت آهي ته وقار ۽ سڪون، ظاهري ڏيکاءُ ۽ ماڻهن جي پسنديدگي کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا.
هڪ صدي ۽ اڌ کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به، The Tenant of Wildfell Hall اڄ به حيرت انگيز طور تي زنده محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته هي انهن تجربن بابت ڳالهائي ٿو جيڪي ڪڏهن به ختم ناهن ٿيا. پڙهندڙ اڄ به هيلن جي خاموشي، سندس بهادري ۽ سندس ڏکين فيصلن ۾ پنهنجو پاڻ کي پسن ٿا.
ايني برونٽي صرف تڪليفن کي پٺي ڏيئي ڇڏڻ جي ڪهاڻي ناهي لکي.
هن اها ڪهاڻي انھيءَ لاءِ لکي آهي ته زندگي مان توهان اهو سبق سکو ته توهان جي پرواهه ڪرڻ وارو ٻيو ڪو بہ ناهي. توهان پاڻ ئي سڀ ڪجھ آھيو. پنهنجي اهميت سڃاڻو.
جيڪڏهن گڏ رهڻ جو مطلب پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ هجي… ۽ ڇڏي وڃڻ جو مطلب سماج جي نظر ۾ ڏوهاري بڻجڻ هجي… ته توهان ڪهڙو رستو چونڊيندؤ؟
____________
انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ
ايڊيٽنگ: نصير اعجاز




بھترين ونڊ