موهن جي دڙي تي ٻُڌ ڌرم جا نقش، مھاتما ٻُڌَ جو مجسمو ۽ پُراسرار ڏاڪڻيون
رکلداس بئنرجيءَ جي رپورٽ ۾ موهن جي دڙي جي ماضيءَ جي ورقن کي اٿلائيندي، اندازو ٿيو تہ سڀ کان اوچو ۽ مرڪزي ماڳ هتان جو تاريخي ٻُڌ اسٽوپا آهي، جيڪو قديم سنڌ جي اڏاوتي مھارت جو ثبوت آهي. سائيٽ نمبر 1 جي بلڪل وچ ۾ قائم هيءَ خانقاهه رڳو هڪ ڌرمي اڏاوت ناهي، پر هي فنِ تعمير، قديم چترڪاري، ۽ گنڌارا آرٽ جو هڪ شاهڪار سنگم آهي. هن باب ۾ کوٽائيءَ دوران مليل فريسڪو چترڪاريءَ، قديم برهمي ۽ خروشتي لکتن، ڪشان دور جي سڪن، ۽ مهاتما ٻڌ جي مقدس تبرڪات جي دٻن جو تفصيلي احوال پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي اسان کي ٻي صدي عيسويءَ جي سنڌ جي سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي تاريخ سان ڳنڍن ٿا.

نصير اعجاز
هڪ تاريخي جائزو
5. اسٽوپا (Stupa)
موهن جو دڙو
5. علائقو
اسٽوپا يا خانقاه (Monastery) جو نقشو ۽ حصا
اسٽوپا ۽ ان جو هيٺيون حصو
(بشمول سڃاڻپ: سر جان مارشل)
سائيٽ نمبر 1جي تمام اڏاوتن جي بلڪل وچ ۾، هڪ سڪايل (Sun-dried) ڪچين سرن جو ٺهيل اسٽوپا هڪ اوچي چبوتري (Platform) تي قائم آهي. هي اسٽوپا هڪ پَورِي (Hollow) اڏاوت آهي؛ ٻين لفظن ۾، هي اصل ۾ هڪ مذهبي تبرڪات جو ھنڌ يا گرڀ چيتيا (garbha-chaitya) آهي، جيڪو سِرن جي چبوتري تي اڏيل آهي. انھيءَ جون ديوارون مٽيءَ جي چڱيءَ طرح سُڪايل سِرن سان اڏيون ويون هيون، ۽ ان جي بيهڪ اڃان تائين چٽي نموني نظر اچي ٿي. چيتيا (chaitya) جي اندرين پاسي، سِرن جي ديوارن تي مٽيءَ جي پلستر جو هڪ نفيس تھ چاڙهيو ويو هو ۽ ان کي فريسڪو (fresco) چترڪاريءَ سان سجايو ويو هو. هنن فريسڪو نقشن جو انداز سر اوريل اسٽائن (Sir Aurel Stein) جي وچ ايشيا جي قديم شهرن جي کنڊرن مان هٿ ڪيل ديواري چترڪاريءَ سان تمام گهڻو ملي ٿو.
اسٽوپا جي چبوتري جي اُلهندي لاهيءَ تان ملبو هٽائڻ دوران، مسٽر اين. اي. وارٽيڪر (Mr. N. A. Wartaker) کي پلستر جا ڪجهه ٽڪرا مليا، جن تي فريسڪو چترڪاري ۽آرائشي چٽسالي ٿيل هئي. جيتوڻيڪ اهي ٽڪرا تمام ننڍڙا هئا، پر انهن تي ٿيل چترڪاري حيران ڪندڙ حد تائين بهترين حالت ۾ هئي. اونهاري جي تيز اس، برسات ۽ موسم جي سختين جي باوجود، ان جا رنگ شاندار طريقي سان سلامت رهيا هئا. ان کان علاوه، پلستر تي اڪريل خروشتي (Kharosthi) ۽ برهمي (Brahmi) اکرن جي بناوٽ جي مدد سان، انهن جي دور (تاريخ) جو بلڪل صحيح اندازو لڳائڻ ممڪن بڻجي ويو.
هڪ ٽڪري تي خروشتي رسم الخط ۾ سمڻا (Samana) لفظ لکيل چٽو نظر اچي پيو. هي لفظ سنسڪرت جي لفظ شرامڻا (Shramana) سان ميل کائي ٿو ۽ گُمان آهي ته هي ڪنهن ٻُڌ ڌرم جي شلوڪ جو حصو هو:
“Ye dharmā hetu-prabhavā hetuṃ teṣāṃ tathāgato hyavadat, Teṣāṃ ca yo nirodha evaṃ vādī mahāśramaṇaḥ.”
ٻين پلستر جي ٽُڪرن تي مليل برهمي رسم الخط جو انداز پڻ انهن برهمي لکتن سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جيڪي سر اوريل اسٽائن کي وچ ايشيا مان مليل قلمي نسخن ۽ دستاويزن مان هٿ آيون هيون. انهن پلستر جي ٽڪرن تي مليل فريسڪو چترڪاريءَ جي انداز ۽ موضوع تي اڳتي هلي هٿ آيل شين جي تفصيلي حصي ۾ بحث ڪيو ويندو.
برهمي لکتون
موهن جو دڙو مان گڏ ڪيل برهمڻي لکتون
(بشمول سڃاڻپ: سر جان مارشل)
اسان کي اها خبر ناهي ته هن تبرڪات جي ھنڌ مٿان ڪهڙي قسم جي ڇت يا اڏاوت هئي. لڳي ٿو ته ان تي ڪچين سرن جي ٺهيل هڪ گنبذ نما ڇت هئي. تبرڪات جي ھنڌ جي اندروني حالت ڪافي حد تائين محفوظ رهي آهي، ۽ سِرن جي چبوتري جي مٿئين سطح ان جي فرش جو ڪم ڏيندي هئي. ڳوٺاڻن هن پڪي چبوتري جي بلڪل وچ ۾ لڳ ڀڳ چوڏهن انچ اونهو هڪ کڏو کوٽيو هو.
سنڌ جي ڪمشنر مسٽر جي. ايل. ريو (Mr. J. L. Rieu) جي دوري دوران، ڪجهه ڳوٺاڻن کيس ٻڌايو ته ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن خزاني جي ڳولا ۾ چبوترئي جي وچ واري حصي کي کوٽيو هو، پر کين پٿر جي چند برتنن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه مليو. اهي پٿر جا برتن اصل ۾ تبرڪات جا دٻا (relic caskets) هئا، جن ۾ مهاتما ٻڌ يا شايد ڪنهن مقامي ٻڌ راهب جون پاڪ هڏيون محفوظ ٿيل هيون، جيڪي هن خالي تبرڪات واري ھنڌ جي اندر رکيل هيون. خزانو ڳوليندڙن انهن دٻن کي ڀڃي ڇڏيو ۽ مقدس باقيات کي اڱڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
اسان جي کوٽائيءَ دوران، انهن مقدس تبرڪات جي دٻن جا ڪيترائي ٽڪرا مليا. پر، سڀئي ٽڪرا هٿ نه اچڻ ڪري، انهن کي صحيح نموني ٻيهر جوڙڻ ناممڪن هو. اسان کي مليل پٿر جي دٻن مان هڪ رڳو سادي پيالي جهڙو هو، جنهن تي ان جهڙي ئي مادي جو ڍڪڻ پيل هو. ٻيو هڪ ننڍڙو گول برتن هو، جنهن جو ڍڪڻ ڪنهن ڪپيل سِپِ (cut shell) مان ٺهيل معلوم ٿئي ٿو. ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اتي ڪي قيمتي ڌاتن جهڙوڪ سون يا چانديءَ جا دٻا پڻ موجود هئا، جن کي خزانو ڳوليندڙ کڻي ويا ۽ ڳاري ڇڏيائون.
هن ڍولڪ جي شڪل جهڙي (drum-shaped) ڪچين سرن جي اسٽوپا ۽ ان جي اندر محفوظ مقدس تبرڪات جي تاريخ جو اندازو، اڏاوت جي اندر فريسڪو نقشن مان مليل خروشتي لکتن جي مدد سان لڳايو ويو آهي. هي رسم الخط ڪنشڪ پهرين (Kanishka I) جي “سوئي ويهار” واري ٽامي جي پليٽ جي لکت (Sue Vihar Copper Plate inscription) سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هيءَ تاريخ انھن ڪوٺين (chambers) جي اُلهندي اڱڻ جي فرش جي سطح، يعني پهرين تهہ (first stratum) مان مليل سِڪن سان پڻ مڪمل مطابقت رکي ٿي.
کوٽائي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي، انهن ڪوٺين جي سڀ کان مٿئين تهہ مان ۽ سائيٽ نمبر 2جي ڪوٺي نمبر 1 ۽ 2 مان واسوديو پهرين (Vasudeva سان تعلق رکندڙ ڍڳي ۽ بيٺل شوا (Bull and Standing Shiva) واري طرز جا ٽامي جا سڪا مليا هئا. انهن سڪن تي اڳتي هلي بحث ڪيو ويندو. ان ڪري، اسان يقين سان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته ڪچين سرن جي هيءَ تبرڪات واري جاءِ ۽ اڱڻ جي سڀ کان مٿئين سطح سان تعلق رکندڙ عمارتون لڳ ڀڳ ٻي صدي عيسويءَ ڌاري اڏيون ويون هيون.
مٿرا ميوزيم (Mathura Museum) مان مليل لکتون ظاهر ڪن ٿيون ته وڏو ڪشان شهنشاهہ واسوديو پهريون ان دور جي آخري چوٿائيءَ ۾ حڪومت ڪندو هو، جنهن جو ذڪر انهن لکتن ۾ ٿيل آهي. اڄڪلهه اڪثر محقق ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ان دور جي شروعات 78 عيسويءَ ۾ ڪنشڪ پهرين جي تاجپوشيءَ سان ٿي هئي (ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد1). پر، ڪجهه ٻين جو خيال آهي ته ان دور جو آغاز 120ھين عيسويءَ ۾ ٿيو هو (سر جان مارشل، اي گائيڊ ٽو ٽيڪسيلا؛ وي. اي. سمٿ، ارلي هسٽري آف انڊيا، چوٿون ايڊيشن). انهن ٻنهي تجويز ڪيل تاريخن جي وچ ۾ فرق تمام معمولي آهي، تنهنڪري اسان وسيع معني ۾ چئي سگهون ٿا ته واسوديو پهرين ٻي صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ اتر هندستان تي حڪومت ڪئي هئي.
(پڙهندڙن کي ان ڳالهه تي منجهڻ نه گهرجي ته واسوديو پهرين جو ذڪر پهريان پهرين صديءَ سان ۽ هتي ٻي صديءَ سان ڪيو ويو آهي. پهريان، رکلداس بندوپاڌياءِ ڪنشڪ دور جي پهرين صديءَ جو ذڪر ڪري رهيو هو. واسوديو پهرين ڪنشڪ دور جي پهرين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ حڪومت ڪئي، جيڪا تقريبن ٻي صدي عيسويءَ جي آخري چوٿائيءَ جي برابر بيهي ٿي. مٿرا ميوزيم ۾ محفوظ ٻُڌ جي هڪ مجسمي جي هيٺان مليل لکت ۾ لکيل آهي: “مهاراجا ديواپوترا واسوديو جي 93 هين سال ۾…”، جيڪو ان دور جي پهرين صديءَ جي پڄاڻيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪشان دور ۾، بعد ۾ ايندڙ حڪمران اڪثر ڪري ڪنشڪ دور جي حساب سان تاريخن جو تعين ڪندا هئا. جديد تحقيق هاڻي ڪنشڪ دور کي شڪا دور (Shaka Era) کان الڳ ڪري ٿي ۽ ڪنشڪ دور جي شروعات لڳ ڀڳ 127 ھين عيسويءَ ڌاري، يعني ڪنشڪ جي تخت نشينيءَ سان رکي ٿي.)
اسٽوپا جي چبوتري جو اڀرندو پاسو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ ترتيب وار ٺهيل آهي. اتي هڪ وڏو طاق (niche) آهي جنهن ۾ ٻُڌ جو هڪ مجسمو رکيل آهي. هن ٻڌ جي مجسمي جو انداز اتر-اُلهندي سرحد جي انڊو-گرڪ اسٽوپائن سان ملي ٿو. سانچي اسٽوپا (Sanchi Stupa) يا ڀرهوت اسٽوپا (Bharhut Stupa) جهڙن قديم هندستاني اسٽوپائن جي ابتڙ، جتي بنيادي اسٽوپا سان گڏ اهڙي ڪا به عبادتگاهہ نٿي ملي، اتي جي شروعاتي اسٽوپائن ۾ وچ تي ٻُڌ جي مجسمي واري ڪنهن عبادتگاهہ جو ڪو ثبوت ناهي مليو. سانچِي اسٽوپا جي ٻاهرين گهيري ۾ جيڪي مجسما اڄ نظر اچن ٿا، اهي بنا ڪنهن شڪ جي اصل اسٽوپا کان گهڻو بعد جي دور جا آهن.
حضرت عيسي جي پيدائش کان ڪجهه وقت اڳ، گنڌارا اسڪول (Gandhara School) جي فنڪارن پنهنجي دور ۾ اڏجندڙ اسٽوپائن جي هڪ پاسي تي خوبصورتيءَ سان سينگاريل طاق يا جارا ٺاهڻ شروع ڪيا. اهڙن طاقن جا ڪيترائي شاندار مثال اڄ پڻ انڊين ميوزيم جي آرڪيالاجي کاتي جي گنڌارا واري حصي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جتي طاقن جي وچ ۾ مختلف مدرائن (ڌرمي پوزيشنن) ۾ ٻُڌ جا مجسما نظر اچن ٿا. سائيٽ نمبر 1 جو هي وڏو اسٽوپا پنهنجي تاريخ جي لحاظ کان افغانستان ۽ اتر-اُلهندي سرحدي صوبي جي انڊو-گرڪ اسٽوپائن کان گهڻو مختلف ناهي، تنهنڪري هتي ٻُڌ جي مجسمي واري اهڙي طاق جي موجودگي ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي.
هي طاق، يا ننڍڙي عبادتگاهہ، چبوتري جي اڀرندي پاسي جي بلڪل وچ ۾ واقع آهي، ۽ ان جي سامهون هڪ دالان يا لنگهه آهي. هن دالان مان هڪ رستو اولهه طرف ٽڪنڊو ٿي وڃي ٿو. ان رستي جي ٻنهي پاسي ڏاڪڻيون آهن، يا اُلهندي ڇيڙي تي هڪ سوڙهي ڪوٺي آهي جنهن جو فرش رستي جي سطح کان اوچو آهي. طاق جي ڊيگهه 7 فٽ ۽ ويڪر 4 فٽ آهي. طاق جي اندر اُلهندي ديوار سان گڏ ٻُڌ جو هڪ ويٺل مجسمو آهي، جيڪو گمان آهي ته ڪملاسن (lotus posture) ۾ ويٺل آهي. مجسمي جو بنيادي ڍانچو سِرن کي مختلف پوزيشنن ۾ رکي تيار ڪيو ويو هو. مجسمي جي گوڏن تي سِرن مٿان مٽيءَ جي پلستر جا نشان اڃان تائين واضح آهن، ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان پلستر تي ڪڏهن رنگ ۽ سونا ورق چڙهيل هئا. مجسمي جي مٿي ۽ ڪلهن جي پويان، سِرن جي لڳائڻ واري طرز ۽ پٺين ديوار جي مٽيءَ جي پلستر تي اڃا تائين هالو halo – نوراني چڪر جو خاڪو ڏسي سگهجي ٿو.
طاق جي سامهون هڪ ڪشادي جڳهه يا رستو آهي جيڪو 7 فٽ ڊگهو ۽ 4 فٽ ويڪرو آهي، جنهن جو فرش طاق جي پنهنجي سطح کان 4 فٽ هيٺ آهي. جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، هن رستي تان ٻه ڏاڪڻيون مٿي چڙهن ٿيون، هڪ اتر ڏانهن ۽ ٻي ڏکڻ ڏانهن. هر ڏاڪڻ جا 6 يا 7 ڏاڪا صحيح سلامت مليا آهن.
اڄ اها ڳالهه يقين سان چوڻ مشڪل آهي ته انهن ڏاڪڻين جو اصل مقصد ڪهڙو هو. اهو ممڪن آهي ته بعد جي دورن ۾ هن ٻڌ اسٽوپا تي ايندڙ عقيدتمند انهن ڏاڪڻين تان چڙهي اسٽوپا جي بنياد تائين پهچندا هئا ۽ پوءِ ان جي چوڌاري طواف (پرديکشنا) ڪندا هئا. اهڙو مذهبي طواف ٻڌ، هندو ۽ جين عبادتن ۾ هڪ ريت آهي. اهو پڻ ممڪن آهي ته هن عبادتگاهہ جا پوجاري يا شريمن (راهب) انهن ڏاڪڻين جو استعمال طاق جي اندر موجود مجسمي جي مٿئين حصي تائين پهچڻ لاءِ ڪندا هجن. اهڙيون ڏاڪڻيون اڃا تائين کجراهو جي جين مندرن Khajuraho Group of Monuments ۽ “ان” (Un) ۾ ڏسي سگهجن ٿيون (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي سالياني رپورٽ، ويسٽرن سرڪل، مالي سال پڄاڻي 31 مارچ1919). دريافت جي وقت، طاق جو مٿيون حصو اڳي ئي ڪافي خراب ٿي چڪو هو، ان ڪري هاڻي اهو معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي ته ان تي اصل ۾ ڪا ڇت هئي يا نه.
چبوترئ جي اڀرندي پاسي، مٿي ذڪر ڪيل رستي جي بلڪل سامهون، هڪ دالان آهي جنهن جي ڊيگهه 26 فٽ 6انچ ۽ ويڪر 5فٽ 10 انچ آهي. هن دالان جي ٻنهي پاسن کان اسان کي چورس ٿنڀن جا بنياد مليا، پر سامهون واري پاسي ٿنڀن جا ڪي به نشان نه مليا. هن دالان جي فرش جي سطح سامهون واري اڱڻ جي سڀ کان هيٺين يا قديم ترين پڪي فرش جي سطح کان 4 فٽ 3 انچ اوچي آهي، جڏهن ته اها اتي جي ئي سڀ کان مٿين يا جديد ترين فرش جي سطح کان 3 انچ اوچي آهي.
هن جڳهه تي، ۽ گڏوگڏ اڱڻ جي ڪيترن ئي هنڌن تي، ٻن مختلف دورن سان تعلق رکندڙ اڱڻن جي فرشن جي اوچائيءَ جي فرق کي مئنيج ڪرڻ لاءِ ڏاڪا رکيا ويا هئا. کوٽائيءَ دوران اسان کي اهي ڏاڪا بلڪل چبوترئ جي وچ واري حصي مان مليا. اهي ڏاڪڻيون 17 فٽ ڊگهيون ۽ 10 فٽ 3 انچ ويڪريون آهن. چئن الڳ الڳ ڏاڪن جا نشان اڃا تائين نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ بنيادي عبادتگاهہ يا اسٽوپا چبوتري جي بلڪل وچ واري حصي کان ٿورو ڏکڻ-اولهه طرف آهي، تنهن هوندي به، طاق، رستو، دالان ۽ ڏاڪڻين جو مرڪزي محور (central axis) سڀ چبوتري جي بلڪل وچين لڪير تي اچن ٿا. هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته اهي بعد واريون اڏاوتون اصل ڪچين سرن جي اسٽوپا کان به قديم دور جون آهن.
جيڪڏهن اسان چبوتري جي اڀرندي ڪناري سان گڏ صحن مان اڳتي وڌون، ته اسان ڏسون ٿا ته معمار (architect) اڀرندي پاسي کان اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو به رستو نه رکيو هو. اڱڻ جي اڀرندي ڪناري تي واقع ڪوٺين جي اندرين پاسي سان سِرن جي هڪ ديوار وڃي ٿي جيڪا 35 فٽ 9 انچ ڊگهي آهي، جيڪا چبوتري جي اڀرندي ڪناري جي لڳ ڀڳ متوازي (parallel) آهي. سِرن جي چبوتري واري طاق جي بلڪل سامهون، صحن جي ڪناري تي ڪوٺي نمبر 4 جي ڀرسان اندرين گهيري واري ديوار ۾ هڪ وٿي (gap) آهي، پر ان ڪوٺي جي اڀرندي ديوار ۾ ڪو به دروازو ناهي. ان ڪري اهو چٽو آهي ته اڀرندي پاسي واريون ڪوٺيون نمبر 3 ۽ 4 اڱڻ جو بنيادي لنگهه يا مکيه دروازو نه هيون. (جاري آهي)
ھن باب جو پھريون حصو پڙھڻ لاءِ ٽڙڪ ڪريو
ٻيون حصو پڙھڻ لاءِ ٽڙڪ ڪريو
_________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



