سنڌ ۾ طوفان کان پوءِ بجليءَ جو بحران: قدرتي آفت يا انتظامي نااهلي؟
طوفان کان پوءِ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان کي صرف قدرتي آفت نٿو چئي سگهجي. اهو سالن جي انتظامي نااهلي، ناقص منصوبابندي ۽ مجرماڻي غفلت جو نتيجو لڳي ٿو. اپر سنڌ جا 10 کان وڌيڪ ضلعا مڪمل يا جزوي طور اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويا، لکين صارف ڪيترن ئي ڏينهن تائين بجليءَ کان محروم رهيا، ۽ ڪجهه علائقن ۾ اڄ تائين به زندگي معمول تي نه اچي سگهي آهي.

لاڙڪاڻي مان نادر مائريءَ وٽان
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هڪ قدرتي طوفان جو شڪار ٿي، جنهن ۾ تيز هوائن جي رفتار 60 کان 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي. پر ان طوفان کان پوءِ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان کي صرف قدرتي آفت نٿو چئي سگهجي. اهو سالن جي انتظامي نااهلي، ناقص منصوبابندي ۽ مجرماڻي غفلت جو نتيجو لڳي ٿو. سيپڪو بجليءَ جو نظام سالن کان ڪمزور ۽ پراڻو بڻيل آهي. زنگ لڳل تارون، پراڻا پول، ڪمزور ٽرانسميشن لائينون ۽ ناڪافي گرڊ اسٽيشنون ڪنهن وڏي حادثي جو انتظار ڪري رهيون هيون. طوفان اچڻ سان ڪيترائي ٽاور ۽ هاءِ وولٽيج لائينون سخت متاثر ٿيون، جنهن جو نتيجو اڄ لکين ماڻهن جي تڪليف جي صورت ۾ سامهون آهي. ڏهن ضلعن جي لکين ماڻهن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين بجلي، پاڻي ۽ بنيادي ضرورتن کان محروم رکڻ ڪهڙي جمهوريت ۽ ڪهڙي انصاف جي زمري ۾ اچي ٿو؟ ان تباهيءَ سبب اپر سنڌ جا 10 کان وڌيڪ ضلعا مڪمل يا جزوي طور اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويا، لکين صارف ڪيترن ئي ڏينهن تائين بجليءَ کان محروم رهيا، ۽ ڪجهه علائقن ۾ اڄ تائين به زندگي معمول تي نه اچي سگهي آهي. رپورٽن موجب، هن طوفان سيپڪو (SEPCO) جي ڪمزور بنيادي ڍانچي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. طوفان دوران سوين هاءِ وولٽيج پولز ۽ ٽرانسميشن ٽاورز متاثر ٿيا، جن مان ڪيترا ئي مڪمل طور تي زمين بوس ٿي ويا. ڪيترن ئي هنڌن تي فيڊرز مڪمل طور بند ٿي ويا ۽ گرڊ اسٽيشنن تي لوڊ مينيجمينٽ جو نظام مڪمل ناڪام ويو. سيپڪو ۽ وزارتِ توانائي جو هراول دستو هر ڀيري اهو بيان جاري ڪندو آهي ته “موسم خراب هئي، ان ڪري نظام درهم برهم ٿي ويو.” سوال اهو آهي ته ڇا هي موسم هر سال صرف اپر سنڌ لاءِ بدلبي آهي؟ ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ طوفان، برفباري يا ٻوڏون ناهن اينديون؟ جاپان ۽ يورپ جي ڳالهه ته پري رهي، اسان جي پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ جديد گرڊ اسٽيشنون ۽ انڊر گرائونڊ ڪيبلنگ جو نظام ڪنهن حد تائين موجود آهي. پر اپر سنڌ سان هيءَ ماٽيلي ماءُ واري هلت ڇو؟ ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به زنگ آلود تارون ۽ ڪمزور پول موجود آهن، جيڪي معمولي هوا جو دٻاءُ به برداشت نٿا ڪري سگهن.
بجليءَ جي هن تاريخي بليڪ آئوٽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ پوري انساني زندگيءَ جي چرخي کي ئي جام ڪري ڇڏيو. پاڻي جو سپلاءِ سسٽم بند ٿي ويو، جنهن سان شهري علائقن ۾ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ پريشان ٿي ويا. اسپتالن جا ايمرجنسي وارڊ سخت متاثر ٿيا. وينٽيليٽرز ۽ آڪسيجن تي هلندڙ مريضن جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي، جڏهن ته قيمتي دوائون ۽ ويڪسينون خراب ٿيڻ جون رپورٽون پڻ سامهون آيون. شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي وئي، موبائل ٽاور بند ٿيڻ سبب رابطن جو نظام به درهم برهم ٿي ويو، ننڍا دڪاندار، ورڪشاپ، ملون ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ پورهيت روزگار کان محروم ٿي ويا، جنهن سان مقامي معيشت کي وڏو نقصان رسيو. بجلي بند ٿيڻ جو فائدو کڻي منافعي خورن برف جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو تائين ٻيڻو واڌارو ڪري ڇڏيو.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيپڪو هر سال مرمت، اپگريڊيشن ۽ بحاليءَ جي نالي تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ جون دعوائون ڪري ٿي، پر خبر نه آهي ته اهي فنڊ وڃن ڪاڏي ٿا؟ لاڙڪاڻي ۾ 500 ڪلو وولٽ (500 KV) گرڊ اسٽيشن جو اهم منصوبو سالن کان رڳو سياسي بيانن ۽ ڪاغذن تائين محدود آهي. جيڪڏهن اهو منصوبو وقت تي مڪمل ٿئي ها، ته شايد اڄ اپر سنڌ کي بار بار اهڙي عبرتناڪ بليڪ آئوٽ جو منهن ڏسڻو نه پوي ها. ٻئي طرف، عوام تي اوور بلنگ ۽ زبردستي بل وصولي جو بار وڌايو پيو وڃي. صارفين جي شڪايت آهي ته بجلي نه هجڻ جي باوجود مڪمل بل موڪليا وڃن ٿا، ۽ بل نه ڏيڻ تي کين هراسان ڪيو وڃي ٿو، جيڪو عوامي بي اعتمادي کي وڌيڪ هٿي ڏئي ٿو.
هاڻي صورتحال اها آهي ته هي مسئلو صرف هڪ طوفان جو ناهي رهيو، پر هڪ پوري سسٽم جي ناڪامي جو داستان بڻجي چڪو آهي. هاڻي پوري سنڌ جو عوام انتظاميه کان ڪجهه بنيادي سوال پڇڻ تي مجبور آهي.
عوام کي ٻڌايو وڃي ته گذريل سالن دوران بجليءَ جي نظام لاءِ رکيل رقم ڪٿي خرچ ٿي. ڪهڙا منصوبا مڪمل ٿيا ۽ ڪهڙا اڌ ۾ رهجي ويا. احتساب کان سواءِ سڌارا ممڪن ناهن. ڊگهي مدي لاءِ سولر ۽ ونڊ توانائيءَ جهڙن متبادل ذريعن کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اپر سنڌ ۾ سج جي روشني وافر مقدار ۾ موجود آهي، جنهن مان فائدو وٺي هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي سستي ۽ پائيدار توانائي فراهم ڪري سگهجي ٿي.
مان ڪو ماهر نه آهيان. مان به انهن لکين شهرين مان هڪ آهيان، جن جي گهرن ۾ رات جو اونداهي ڇانئجي ويندي آهي ۽ جن جا ٻار لالٽين يا موبائل جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اپر سنڌ جو هي درد صرف بجليءَ جو درد نه آهي، پر ٽٽندڙ اميدن، وڌندڙ مايوسين ۽ نظرانداز ٿيندڙ ماڻهن جو درد آهي. ڇا هر ڀيري قدرت کي ذميوار قرار ڏئي انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪايو ويندو؟ ڇا هر بليڪ آئوٽ کان پوءِ رڳو هڪ اڌ بيان جاري ڪري معاملو ختم ڪيو ويندو؟ يا واقعي ڪنهن سطح تي اعليٰ اختيارين پاران سخت احتساب ۽ سڌارن جي عملي شروعات ڪئي ويندي؟ هي وقت صرف ميڊيا تي اچي رسمي بيان ڏيڻ يا ڦاٽل لائينن جون تصويرون شيئر ڪري همدردي ميڙڻ جو ناهي. جيڪڏهن سيپڪو ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن هن نظام کي جنگي بنيادن تي جديد (Upgrade) نه ڪيو ويو ته هر ايندڙ موسم اسان جي ٻارن، مريضن ۽ بزرگن لاءِ موت جو پيغام کڻي ايندي. جيستائين ايوانن ۾ ويٺل صاحبن کي عوام جي تڪليف جو احساس نه ٿيندو، تيستائين سنڌ ائين ئي اونداهين ۾ سڙندي رهندي. هي طوفان جو نقصان ناهي، هي سالن جي ان غفلت ۽ لٽمار جو نتيجو آهي، جنهن جو حساب هاڻي سنڌ جي عوام کي هر صورت ۾ گهرڻو پوندو!
______________

نادر مائري لاڙڪاڻي ۾ صحافي آھي



