انگلينڊ، مَئي جو گرم مھينو، سنڌڙي انبن جي ڳولا ۽ ھڪ ننڍڙي برِصغير جو سير
ليوٽن هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جون گهٽيون ڏسي لڳو ڄڻ ڪنهن ننڍڙي برصغير ۾ اچي ويو هجان. هن شهر کي مان “مني ننڍو کنڊ” (Mini Subcontinent) ۽ آفريقا جو هڪ خوبصورت سنگم چئي سگهان ٿو. جتي به نظر ٿي وئي، اتي پاڪستاني، سري لنڪن، نيپالي، هندستاني ۽ بنگلاديشي نظر ٿي آيا ۽ اهي آفريقي برادرين سان گڏ زندگيءَ جي رونقن ۾ مصروف نظر آيا.

اسان ڪافي دڪانن ۽ ميوي وارن مارڪيٽن جو رخ ڪيو. هر هنڌ انبن جا ڍير موجود هئا جن ۾ ڀارتي، آفريقي ۽ ٻين ملڪن جا انب به موجود هئا، پر سنڌڙي انب اڃا نه پهتا هئا. جڏهن به ڪنهن دڪاندار کان پڇيوسين ته سندس مهانڊي تي مرڪ اچي ويندي هئي ۽ سندن جواب هو، “جُون ۾ ايندا”، “اڃا ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو.”
سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو
مئي 2026ع جو آخري هفتو انگلينڊ ۾ غيرمعمولي طور تي گرم هو جتي معمول جي اُبتڙ شديد گرميءَ جي لهر هلي رهي هئي. لنڊن، ملٽن ڪينز ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي پد لڳ ڀڳ 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو. سئيڊن جي ٿڌي ماحول ۾ ارڙهن سال گذارڻ کان پوءِ اها گرمي مون لاءِ بلڪل غير متوقع، تيز ۽ ڪجهه وڌيڪ محسوس ٿي رهي هئي. گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڏينهن ۾ چار پنج دفعا وهنجڻ ضروري ٿي پيو هو. اها گرمي مون کي پنهنجي اباڻي شهر موري جي ياد ڏياري رهي هئي، جتي اهڙي شديد گرمي روز جو معمول هوندي آهي ۽ اونهارو رڳو هڪ موسم نه پر زندگيءَ جو حصو هوندو آهي. ننگر نَوَل جي ٿاڌل به ياد پئي اچي ته حاجي نَوَل جو ٿڌو ملائيءَ وارو گلاس به.

عيدالاضحي ۾ به ڪجهه ئي ڏينهن باقي هئا. جنهن ڪري ماحول ۾ هڪ خوشي ۽ انتظار جي ڪيفيت هئي. گهرڀاتين سان ڪچهريون هلنديون رهيون، جن ۾ عيد جون تياريون، کاڌا ۽ وطن جون يادون شامل هيون. انهن ڳالهين دوران هڪ موضوع هر هر ايندو رهيو ۽ اسان جي دل ۾ سنڌڙي انب کائڻ جي هڪ خاص خواهش جاڳي.
هفتي جي موڪل واري ڏينهن، اسان فيصلو ڪيو ته ليوٽن جو چڪر هڻجي، ليوٽن ۾ ڪافي ديسي دڪان آهن ، جتي شايد مُند جا پهريان سنڌڙي انب ملي وڃن. اسان جي هن سفر ۾ مون سان گڏ ڀائو ڊاڪٽر مشتاق، ادي سڪينه، ڊاڪٽر سليم ۽ معز شامل هئا.

ملٽن ڪينز کان ليوٽن تائين سفر جي شروعات
اسان ملٽن ڪينز کان روانا ٿياسين. ملٽن ڪينز کان ليوٽن جو سفر گهڻو ڊگهو ناهي. عام حالتن ۾ اڌ ڪلاڪ کن لڳي ٿو، جيتوڻيڪ هفتي جي موڪل هجڻ ڪري ڪجهه ٽريفڪ به موجود هئي. جيئن جيئن اسان ليوٽن جي ويجهو پهتاسين، تيئن تيئن ماحول ڪجهه واقف لڳڻ لڳو. جڏهن اسان ليوٽن پهتاسين ته لڳو ڄڻ اسان انگلينڊ ۾ نه پر ڪنهن ٻئي ديسي ملڪ ۾ اچي ويا آهيون.
ليوٽن انگلينڊ جو هڪ دلچسپ شهر آهي. هڪ زماني ۾ هي ٽوپيون ٺاهڻ واري صنعت لاءِ مشهور هو، پوءِ گاڏين جي صنعت جو مرڪز بڻيو. اڄڪلهه لنڊن ليوٽن ايئرپورٽ جي ڪري به مشهور آهي، جتان لکين ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن سفر ڪندا آهن. پر حقيقت ۾ مون کي هن شهر جي تاريخ کان وڌيڪ ان جا ماڻهو متاثر ڪري رهيا هئا.
هڪ ننڍڙو برصغير ۽ آفريقا جو ٿورو حصو
ليوٽن هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جون گهٽيون ڏسي مون کي لڳو ڄڻ مان ڪنهن ننڍڙي برصغير ۾ اچي ويو هجان. هن شهر کي مان “مني ننڍو کنڊ” (Mini Subcontinent) ۽ آفريقا جو هڪ خوبصورت سنگم چئي سگهان ٿو. جتي به نظر ٿي وئي، اتي ديسي ماڻهو جن ۾ پاڪستاني، سري لنڪن، نيپالي، هندستاني ۽ بنگلاديشي نظر ٿي آيا ۽ اهي آفريقي برادرين سان گڏ زندگي جي رونقن ۾ مصروف نظر آيا.
ديسي سيڌي سامان جا دڪان، حلال گوشت جا ماڊرن ڪاسائي، مٺائيون وڪڻندڙ حلوائي، ريسٽورنٽ، چانهه پيئڻ جون هوٽلون ۽ ننڍيون وڏيون ڪاروباري جايون، سڀ ڪجهه ننڍي کنڊ جي ياد ڏياري رهيو هيون.

سنڌڙي انبن جي ڳولا
پر اسان جو اصل مقصد ته سنڌڙي انب هئا. سنڌ جو شان سنڌڙي انب، جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ آهن، انھن کي بجا طور تي “انبن جو بادشاهه ۽ راڻو” چيو ويندو آهي. منهنجي نظر ۾ اهي دنيا جي بهترين انبن مان هڪ آهن. سنڌڙي انب گهڻو ڪري ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيدا ٿيندا آهن. ان جي مخصوص ڊگهي شڪل، جسامت، چمڪندڙ پيلو رنگ ۽ بنا ريشي جو اڻکٽ مٺو ۽ خوشبودار گودو سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. پرديس ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ لاءِ اهي رڳو ميوو نه پر وطن جي هڪ خوشبودار ياد ۽ وطن جي هير هوندا آهن.
اسان ڪافي دڪانن ۽ ميوي وارن مارڪيٽن جو رخ ڪيو. هر هنڌ انبن جا ڍير موجود هئا جن ۾ ڀارتي، آفريقي ۽ ٻين ملڪن جا انب به موجود هئا، پر سنڌڙي انب اڃا نه پهتا هئا. جڏهن به ڪنهن دڪاندار کان پڇيوسين ته سندس مهانڊي تي مرڪ اچي ويندي هئي ۽ سندن جواب هو، “جُون ۾ ايندا”، “اڃا ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو.”
اسان ٻيا انب به خريد ڪري پي سگهياسين، پر فيصلو اهو بيٺو ته انتظار ڪجي. ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن، جن جو مزو رڳو انهن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ ۾ ئي هوندو آهي.
واقف منظر، ديسي ثقافت ۽ بازارن جو رنگ
ليوٽن جو واپاري مرڪز مڪمل طور تي ڏکڻ ايشيائي رنگ ۾ رنگيل آهي، اتي ڪيترين ئي گهٽين ۾ مون کي پنهنجي وطن جا منظر ياد اچي ويا. مثال طور روڊن جي ڪنارن تي اسٽال لڳل هئا، ننڍا واپاري پنهنجو سامان وڪڻي رهيا هئا، ماڻهن جي رش هئي، مصالحن ۽ کاڌن جون خوشبوئون هوا ۾ پکڙيل هيون. نرالا مٺائي ۽ ان جهڙن ٻين دڪانن تي شيشن پٺيان رنگ برنگي مٺايون سجايل هيون. جليبي، لڏون، برفي، رس گلا، گلاب جامن، ڪلفي، فالودو، سمبوسا، پڪوڙا، پاپڙيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون سولائي سان ملي رهيون هيون.
دڪانن جا بورڊ پڻ ديسي انداز ۾ هئا، ڪيترن ئي دڪانن جا بورڊ ڏسي لڳندو ئي نه ته ماڻهو ڪو انگلينڊ ۾ آهي.
شهر جي مقامي سياست ۾ به ڏکڻ ايشيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو ڪافي اثر آهي. شهر جي آباديءَ کي ڏسندي اها ڳالهه بلڪل فطري لڳ يٿي.

انبن بدران ملي هڪ اڻڄاتل ۽ خوبصورت سچائي
جيتوڻيڪ اسان انب ته نه ڳولي سگهياسين، پر اتي ڪجهه ٻيو ملي ويو، جيڪو شايد انبن کان به وڌيڪ قيمتي هو. ليوٽن ۾ ان ڳالهه جو هڪ خوبصورت مثال ڏٺو جتي برصغير يعني ننڍي کنڊ جو انساني رواداري ۽ امن جو هڪ جيئرو جاڳندو عڪس. ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو هتي هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، هڪ ٻئي جو احترام ڪندي گڏ رهن ٿا. سڀ هڪ ٻئي جي عزت ڪندي نظر آيا. ڪو به هڪ ٻئي سان نفرت ڪندي نظر نه آيو. ٻار گڏ کيڏي رهيا هئا، ماڻهو گڏ خريداري ڪري رهيا هئا، دڪان گڏ هلائي رهيا هئا.
اتي هڪ گهڙيءَ لاءِ منهنجي دل ۾ خيال آيو ۽ مون سوچيو ته شايد عام ماڻهو اصل ۾ ڪڏهن به نفرت نٿو چاهي، اهي سڀ هڪ جهڙيون ئي خواهشون رکن ٿا، هو امن، عزت، روزگار ۽ پنهنجي خاندانن جي بهتر مستقبل جا خواهشمند هوندا آهن.
پر ننڍي کنڊ جا سياستدان پنهنجي فائدي لاءِ عوام کي نفرت جي ڄار ۾ ڦاسائين ٿا، ڪيترائي اختلاف سياستدانن جي بيانن ۽ تاريخي تڪرارن جي ڪري وڌيڪ نروار ۽ نمايان ٿيندا آهن، جڏهن ته عام ماڻهو گهڻو ڪري گڏجي رهڻ چاهيندا آهن. جيڪڏهن ماڻهن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته اهي امن ۽ ڀائيچاري کي چونڊيندا.
هڪ ٻي ڳالهه ته ليوٽن ۾ ننڍي کنڊ جهڙي رونق ۽ ديسي ماحول ته آهي، پر اهو اسان جي ملڪن جي شهرن کان وڌيڪ صاف سٿرو آهي. اتي رستن جي ڪنارن تي ديسي انداز ۾ اسٽال پڻ لڳل آهن، جيڪي مغربي نظم و ضبط ۽ ديسي ڪلچر جو هڪ بهترين ميلاپ پيش ڪن ٿا.
پوڙهو ماڻهو ۽ گٽار هڪ اداس لمحو
واپسيءَ تي ان ڏينهن جي سڀني منظرن مان هڪ منظر ذهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رهجي ويو. جنهن دل کي اداس ڪري ڇڏيو. فٽ پاٿ تي هڪ ضعيف بزرگ، جيڪو پنهنجي عمر جي 80 واري ڏهاڪي ۾ هوندو، پنهنجون ڪجهه ذاتي شيون ۽ گهرو سامان وڪڻڻ لاءِ ويٺو هو. انهن شين ۾ هڪ پراڻي گٽار (Guitar) به رکيل هئي. مون کي خبر ناهي ته هو پنهنجو سامان ڇو وڪڻي رهيو هو، شايد ضرورت هوندي، شايد گهر خالي ڪري رهيو هوندو، شايد ڪا ٻي ڳالهه هوندي پر ان بزرگ جي منهن تي هڪ گهري اداسي ۽ مجبوري صاف نظر اچي رهي هئي. شايد زندگيءَ کيس مجبور ڪيو هو ته هو پنهنجي ڪنهن پياري شيءِ کان جدا ٿئي.

مون گٽار ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيم ته موسيقي جا اهي اوزار رڳو ڪاٺ ۽ تارن جا مجموعا ناهن هوندا. انهن سان ماڻهن جون يادون جڙيل هونديون آهن، خواب جڙيل هوندا آهن، زندگيءَ جا ڪيترائي سال جڙيل هوندا آهن. اهو منظر ڏسڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ هو. اهو بزرگ رڳو هڪ گٽار نه، پر شايد پنهنجي سڄي زندگي جي موسيقي، يادون ۽ پنهنجو شوق وڪڻي رهيو هو. زندگي ڪڏهن ڪڏهن ايتري سخت ٿي ويندي آهي جو انسان کان رڳو شيون نه پر سندس شوق، خواب ۽ جذبا به وڪرو ڪرائي ڇڏيندي آهي ۽ انسان کي پنهنجي روح جا پسنديده مشغلا به وڪڻڻا پوندا آهن. ان بزرگ کي سندس عمر جي ان حصي ۾ اهڙي جدوجهد ڪندي ڏسي دل ڀرجي آئي. اسان اڳتي وڌي وياسين، پر اهو منظر منهنجي ذهن ۾ رهجي ويو.
اسين ان ڏينهن ملٽن ڪينز کان سنڌ جي مٺڙي انب جي ڳولا ۾ نڪتل هئاسين پر هي سفر رڳو انبن جي ڳولا تائين محدود نه رهيو، بلڪ هڪ گهرو ثقافتي ۽ انساني سفر بڻجي ويو. سنڌڙي انب ته نه مليا، پر موٽ ۾ هڪ ننڍڙو برصغير ملي ويو، آفريقا جا ڪجهه رنگ مليا، وطن جون يادون مليون، مختلف قومن، ٻولين ۽ مذهبن جي ماڻهن جي گڏيل زندگيءَ جو خوبصورت منظر مليو، اهو احساس مليو ته دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو گڏجي امن سان رهي سگهن ٿا. هڪ پوڙهي شخص جي خاموش اکين ۾ زندگيءَ جي سختين جو هڪ سبق مليو. سنڌڙي انب شايد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اچي ويندا، پر ان ڏينهن جي سفر جيڪا مٺاڻ ڏني، اها شايد ڪنهن به انب جي مٺاڻ کان وڌيڪ هئي. ڪڏهن ڪڏهن سفر جو اصل مقصد منزل نه هوندو آهي، پر اهي ماڻهو، منظر، احساس ۽ سبق هوندا آهن، جيڪي رستي ۾ ملي ويندا آهن.
اسان امن، محبت، انساني يڪجهتي ۽ زندگي جي تلخ حقيقتن جو هڪ اڻمٽ سبق کڻي واپس آياسين، جيڪو انگلينڊ جي ان گرم اونهاري ۾ اسان جي دلين تي نقش ٿي ويو.
______________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



