Editor's pickMain Slideتعليم

اسڪولن ۾ ٻارن لاء حفاظتي اُپاءَ، جن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آھي

اسڪولن ۾ پرھندڙ ٻار ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿين ٿا. مثال طور گھرُو مسئلن، امتحان ۾ ناڪامي، دوستن سان جھيڙو ۽  ناراضگي، احساس ڪمتري وغيرہ. اھڙن انيڪ مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ اسڪول انتظاميا لاءِ ھدايتون.  

ليکڪ: ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪا

ڪيئي ٻار جڏھن وڏا ٿين ٿا تہ اھي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿين ٿا. مثال طور گھرُو مسئلن، امتحان ۾ ناڪامي، دوستن سان جھيڙو ۽  ناراضگي، احساس ڪمتري، ڇوڪرن ڇوڪرين جو بلوغت ۾ وڃڻ، ھارمونن جي تبديليءَ ڪري ھُو جنسي ڳولا لاءِ عشق محبت يا ڪيئي جنسي سوچن لاءِ ھڪ نئين دنيا ۾ قدم رکن ٿا. ڪن مخصوص حالتن تحت  ھو پنھنجي حياتي کي نقصان ڏين ٿا ۽ ڪيترن واقعن ۾ ھو اسڪولن جي گئلرين، ڇتين تان ٽپو ڏين ٿا. ڪن حالتن ۾ ھو پنھنجي ساٿين کي ڪيرائن ٿا. سو اسڪول جي ڇت جو دروازو ھميشہ لاڪ ھجي . پھرئين فلور کان وٺي سڀني  مٿين فلورن جي ورانڊن ۾ گرليون ھجن ۽ سرويلنس ڪئميرا تي ھڪ ماڻھو اسڪول جي ھلڻ دوران ويٺو ھجي ۽ شاگردن جي ھر حرڪت جو جائزو وٺي  ۽ ڪنھن  بہ  ٻار جي مشڪوڪ حرڪت کي نظر انداز هرگز نہ ڪري . ھئڻ تہ اسڪول ۾ انٽر ڪام سسٽم ھجي جو ھر ڪمري، آفيس ۽  ڪلاس  کي ڪنھن بہ خبر لاء ھڪدم اگاھ ڪري سگھجي. اسڪول ۾ حادثي يا  ڪنھن بہ ايمرجنسي باھ يا ڪنھن بہ ٻئي قسم جي  ايمرجنسي  ۾ الارم  جو ھجڻ لازمي هئڻ گهرجي ،ڪو ايمرجنسي اگزٽ يا ڪا ڏاڪڻ ھجي جتان  بحفاظت نڪري سگھجي.

اسڪول  ۾ ٻار وڻن تي چڙھن ٿا وڻن جي ٽارين تي لڏن ٿا يا وري ايڪسرسائيز جي جھولن يا لڙڪڻ وارين جاين تان بہ ڪرن ٿا. ائين ئي  ٻار  بئنچن، ٽيبلن ۽ ڪرسين تي ٽپاڏئي بہ پنھنجي ڪا ھڏي ڀڃي وجھن ٿا.  اسڪول ۾ بجلي جي بورڊن ۾  ڪي لوھي تارون وجھي اتفاقي بجلي جي ڪرنٽ جو شڪار ٿين ٿا. اسڪول اندر بجلي جون تارون کليل نہ ھئڻ گهرجن ۽ بجلي جي شين  کي ھٿ لائڻ جي شاگردن کي سختيء سان روڪ ھجي. ايئر ڪولر ،پاڻي جي موٽرن، پکن  ۽  بجلي جي ٻين  شين  کان احتياط  بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي ۽ بجليء جون فٽنگ مڪمل بند  يعني سيلڊ ھجن ۽  بجلي واريون شيون ڪرنٽ کان مڪمل محفوظ هئڻ گهرجن . بجلي جو حفاظتي ارٿ سسٽم موجود هئڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنھن کي ڪرنٽ اچي ٿو تہ بجلي آٽوميٽڪ سسٽم تحت بند ٿيڻ گهرجي.

اسڪول ۾ جھيڙو تشدد يا  ڪنھن  به قسم جي دھشتگردي جو حملو وغيرہ بہ ٿي سگھي ٿو.  جڏھن ٻار وڏا ٿين ٿا تہ ھو جذباتي بہ ٿين ٿا ۽  ڪڏھن ڪڏھن ھو پاڻ  ۾ معمولي مسئلن تي وڙهي بہ پون ٿا ۽  اسڪول بيگس  ۾ ننڍڙآ ننڍڙا چاقو يا  جاميٽري جون پلڪارون ،ڪي تيز ڌار واريون  ڪلپيون  وغيرہ کڻي اچن ٿا ۽ ڪاوڙ ۾  ھڪ ٻئي کي وھائي ڪڍن ٿا. ڪن  مخصوص حالتن ۾ ھو ھٿيار پستول وغيرہ بہ ٿيلھن ۾  لڪائي  کڻي اچي  سگھن ٿا. ھاڻي ته جاميٽري جون پلڪارون بہ پلاسٽڪ جون اچي ويون آهن. اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندڙ گارڊ جي مسلح آھن ۽  وٽن ھٿيار آھن تہ انھن جي نفسياتي حالتن کي ضروري ڏسجي تہ ھو پريشان تہ نہ آھن. ڪن  نفسياتي مسئلن جو شڪار تہ ناھن ،ڪو نشو تہ  نه ٿا ڪن، کين سختي سان ھدايت ھجي تہ ھو پنھنجو ھٿيار ڪنھن کي بہ  ڏسڻ لاء ھرگز  نہ ڏين يعني شاگردن کي بہ نہ ۔ھنن جي شاگردن سان واقفيت، دوستي يا ڪو ڳالھائڻ  جو  گهڻو رابطو ميل جول نہ  هئڻ گھرجي . اسڪول جي  گارڊن تي انتظاميہ کي خاص نظر رکڻ گھرجي. اسڪول کي مڪمل چوديواري ھجي تہ بھتر آھي .ڪوبه باھريون ماڻھو اسڪول ۾ اچي تہ گيٽ تي ان جي سُڃاڻپ جو جديد نظام هئڻ گهرجي ۽ مطمعن  ٿيڻ کان پوء اسڪول ۾ ڇڏجي. اسڪول ۾ ڪو بہ دھشت گرد امڪاني حملو ٿي سگھي ٿو  جنھن لاء خاص نظر ۽  انتظام ھجي. آرمي پبلڪ اسڪول  تي دھشتگرد حملي جو مثال اسان سامهون ٿي چڪو آهي.

راند دوران ڪن ٻارن ۾ گھڻو جوش رھي ٿو ء ٻار ٿوري ٿوري ڳالھ تي وڙھي پون ٿا  ۽ ڀر ۾ پيل سريو يا ڪو پٿر ھڪ ٻئي کي وھائي ڪڍن ٿا. ڪرڪيٽ ۽ ھاڪي مئچ دوران  بيٽ ، وڪيٽ ۽  ھاڪي سان ھڪ ٻئي کي ڪٽي ماري سگھن ٿا. سو ٻارن جي ٿوري جذباتي ٿيڻ ۽ وڙھڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. اسڪول. اندر خاص طور ڪوڏي ڪوڏي  ۽  ملھ جي راند تي پابندي هئڻ گهرجي . جيڪڏھن ٿئي تہ سخت اصولن تحت  چو جو ٻار ھڪ ٻئي کي ڪو خاص ڌڪ ھڻي ڪڍن ٿا. باڪسنگ بہ صحيح اصولن  ۽ پروٽوڪول سان کيڏائجي. اسڪولن  ۾ ويران جڳھين  ۽ خالي پيل ڪمرن،  ڏاڪڻين جي ھيٺان  ۽ ڇت تي ٻارن کي بنھ نہ وڃڻ ڏجي اڪيلو توڙي  گروپ جي شڪل  ۾. اسڪول جي  اندر يا ڀر  ۾ وڻڪاري يا ٻنيون آھن  ته  اسڪولن اندر ڪلاسن ۾ ڪنھن ڊيسڪ ھيٺان ڪو نانگ وغيرہ بہ لڪي سگھي ٿو. اسڪول اندر رولو جانورن خاص طور تي ڪتن کي نہ اچڻ ڏجي چو جو ڪتا ريبيز يا ڇتڪتائي جھڙي بيماري جا ڪارڻ هجن ٿا. اھي ٻارن کي چڪ ھڻي زخمي بہ ڪري سگھن ٿا.  اسڪول ۾ گاھ چرندڙ مينھون ،ڳئون ۽ ٻڪريون بہ ٻارن کي زخمي ڪري سگھن ٿيون.

 اسڪولن جي ويجھو پاڻيء جي واھن، دريائن، تلائن، سوئمنگ پولن،  پاڻيء جي ٽانڪين ۽ جنريٽرن جي طرف وڃڻ نہ ڏجي جتي ٻارن کي نقصان پهچڻ جا امڪان ھوندا آهن . ٻارن جي ترڻ لاء ڪو سوئمنگ پول آھي تہ پوء ڪو تجربيڪار استاد ھنن کي ترڻ جي سکيا ڏئي. اسڪول ۾ ٻارن کي پئٽرول ،ماچس کڻي اچڻ نہ ڏجي. گئس، بجلي جي شين مان باھ لڳي سگھي ٿي . اسڪول ۾ مناسب جاين تي باھ وسائڻ جا حفاظتي اوزار موجود هئڻ گهرجن ۽ انھن جي استعمال لاء تربيت يافته عملو  ھجي . اسڪول ۾ ايمرجنسي فائر اگزٽ يا ڪو اھڙو دروازو ھجي تہ ڪن حالتن ۾ اڳيان نہ نڪري سگھجي تہ  پوء  هنگامي طور پوئين دروازي کان نڪري سگھجي!

 ٻارڙن جي امدروفت لاء استعمال ٿيندڙ سائيڪلن ، موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين کي حفاظت سان ھلائڻ ۽  حفاظتي احتياط معني ھيلمٽ مناسب اسپيڊ جي ٻارن کي معلومات ڏجي. اسڪولن جا ڪوسٽر، بسيون ويگنيون انھن جا ڊرائيور ء ڪلينر گھڻو ڪري گھٽ پڙھيل ھوندا آھن.  ٻار اڃان  چڙھندا ئي ناھن تہ گاڏي ھلائي ڇڏيندا آھن   ۽ ٻار چيڀاٽجي ويندا آھن . ڪي گاڏي ريورس احتياط سان نہ ڪندا آھن. ٻارن کي بس ۾ چڙھڻ ۽ لھڻ لاء پورو ٽائيم ڏجي ۽ تڪڙ نہ ڪجي . روڊ تي بسون مناسب اسپيڊ سان ھلائجن، ريس نہ ڪجي، تيز رفتاريء کان پاسو ڪجي . ٽرانسپورٽ  عملي کي ٻارن سان اجايو فري نہ ٿيڻ کپي. کين   سختيء سان منع ڪجي تہ ھو ٻارن کي حراسان ڪرڻ وارو رويو نہ رکن، خاص طور تي گھورڻ ۽ اجايو ڇھڻ.

ٽيچرس گھٽ ۾ گھٽ ٽي منٽ ڪلاس ۾ چڪر ھڻي  ۽ ھر شاگرد کي غور سان  ڏسي ھن کان پڇي. جي ڪو موڳو، سست ،بيمار ٿڪل يا بي چين لڳي ٿو ته ھو ڇو آھي . ڪلاس ۾ پڙھڻ ۾ ٻار دلچسپي وٺي ٿو يا نه . ٻار سان ڪلاس ۾ اجايو بحث سزا ۽ تذليل نہ ڪجي ۽ جيڪو بہ مسئلو هجي ٽيچر انتظاميا کي اگاھ ڪري.

 سڪولن ۾ ڪو ٻار غير ضروري طور کنگھي ٿو خارش ڪري ٿو تہ ان کي ھڪدم اسڪول ڊسپنسري ۾ موڪلجي.اسڪول ۾ جي ڪو ٻار اچانڪ بيھوش ٿئي تو تہ ھن کي فورن طبي امداد ڏجي. ان جي سي .پي. ار ڪجي يا بھتر اسپتال موڪلجي . ان ۾ مريض جي حالت کي چيڪ ڪجي تہ ڪيتري سيريس آھي. اسڪول اسپتال ۾ ھڪ ننڍڙو آڪسيجن سلينڊر ھجي . ڪو ٻار زخمي ٿئي ٿو تہ ان جي رت وھڻ کي روڪجي ۽ ان بابت  مناسب فيصلو ڪري ڪجي تہ ھت ڪيترو علاج ممڪن آھي نہ تہ ڪنھن سٺي اسپتال جلدي موڪلجي مرھم پٽي ڪري.  اسڪول ۾ بلڊ پريشر، گرمي، شوگر ڪنھن به سبب ڪري عملي جا بالغ فرد بہ اچانڪ بيمار ٿي سگھن ٿا.

 خوبصورت ٻارن کي ٻين ٻارن جي بنسبت حراساني جو گھڻو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ائين موڳن ۽  آسان ٽارگيٽ ٻارن سان بہ ڪي حادثاتي مسئلا ٿي سگھن ٿا … انھن تي وڌيڪ توجہ ڏجي… ٻارن  ۾ ساڙ حسد ڪامپٽيشن فطري ھوندو آھي. ٻارن جي نارمل ۽ ايبنارمل روين کي ڏسجي.ٻارڙن جي کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ھنن کي سائنسي مذھبي ڄاڻ ڏجي تہ ڪيئن کائن، کائڻ کان اڳم ھٿ ڌوئن.. ڪچو سڙيل پاروٿو ۽ کليل مارڪيٽ واريون شيون ڇولا چاٽ حليم وغيرہ جي صفائي سان نہ آھن تہ اھي بہ نہ کائن. فروٽ ڌوئي صاف ڪري کائجن ڳريل سڙيل نہ کائجن. اسڪول اندر ڪنھن  حليم ،ڇولن ريڙھي واري کي اجازت نہ ڏجي تہ صفائي کان بغير شيون نہ وڪڻن.. اسڪول اندر پڪوڙا سمبوسا تازا پچائي شاگردن کي کارائجن  ۽گھڻو ڪري پاڪيٽ ۾ بند ٿيل شيون جيئن پيڪنگ وارا بسڪوٽ ٽافيون چپس فراھم ڪجن . اسڪول اندر کليل گدرا ھنداڻا .. ۽ کليل شربت نہ ھجن جيڪي ٻار وٺي واپرائن…. اسڪول اندر ھڪ پاڻي جو صاف فلٽر ھجي جتان ٻار صاف پاڻي پيئن . ڪينٽين جي صفائي ۽ ان جون وڪڻندڙ شيون اسڪول انتظاميا چڪاسي .. اسڪول جي ميس م صاف صحتمند کاڌي ۽ صاف سٿرائي جو خيال ڪجي. اسڪول جي واش رومن کي جراثيم ڪش دوائن سان صاف ڪجي ۽ اھي شيون شاگردن جي پھچ کان پري ھجن.

ٻارڙن جي ظاھري ڏيک جائزو وٺو تہ ھو عمر جي حساب سان قد ۾ وڌيڪ ڊگھا آھن  بندرا آھن ،ٿلھا آھن ڪمزور آھن. اُھي ٻڌن ڏسن ڪيئن ٿا کين ٻڌڻ نظر اچڻ ۾ کين تڪليف تہ نہ ٿي اچي. ھو شين جا رنگ سڃاڻن تا.ھنن کي ويجھو پري ڏسڻ ۾ ڪيتري دشواري ٿئي ٿي. ھو ھٻڪن تہ نہ ٿا، ٻار کي ھلڻ ۾ ڪا دشواري تہ  نہ ٿي ٿئي ھنن جا قدم ترتيب ۾ آھن مناسب وٿي سان کڄن ٿا. ٻار جو ڏاڪڻين چڙھڻ يا راند کيڏڻ ۾ ساھ  تہ نہ ٿو چڙھي سھڪو تہ نہ ٿو ٿئيس يا ساھ کڻڻ ۾ کيس ڪا دشواري تہ نہ ٿي ٿئيس يا وري ساھ کڻڻ دوران سيٽيون ٿيون وڄنس. ٻار جي اکين جو رنگ پيلو تہ ناھي.. ٻار ھيڊو ۽ ڪمزور تہ نظر نہ ٿو اچي .. کيس نڪھير يا ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ ھن جي رت اضافي تہ نہ ٿي وھي … ٻار غير ضروري تہ نہ ٿو ڳالھائي تڪڙو تہ نہ ٿو ڳالھائي ھن جي ڳالھائڻ ۾ ترتيب ڪيئن اھي ..ھن جي ہنھنجي مادري ٻولي ڪيئن آھي ..ء ٻين ٻولين پڙھڻ ۾ کيس ڪھڙا مسئلا آهن ..ھي ڪھڙن سبجيڪٽن ۾ سٺو آھي ۽ ڪھڙن ۾ ڪمزور..ھوراندين ۽ فنون لطيفا شاعري، ميوزڪ ، ڊرامن ۽ ڊبيٽ  ۾ڪيترو هوشيار آھي ھن ۾ ڪھڙو آء ڪيو وڌيڪ اھي ..ھو جذبات کي ڪيئن منھن ڏئي ٿو. .فيصلا ڪيئن ٿو ڪري ھن جو ٻين ٻارن سان ورتاء ڪھڙو آھي ..  ٻارگھڻو روئي تہ نہ ٿو يا گھڻو چپ تہ ناھي…ھن جي باڊي لينگوئيج ڪيئن اھي ھو گھڻو ڪوڙ تہ نہ ٿو ڳالھائي ۽ ان جي ھن کي ضرورت ڇو ٿۍ پوي…ٻار جي سڄي پرک استاد، اسڪول جو ڊاڪٽر ڪري سگهن ٿا ھنن  کي جسماني طور جاچيو وڃي ھنن جي ذھني صلاحتين  جو تعين ڪجي .ھنن  ۾لاڙا ڏسجن ..ھنن جي ڪمزورين کي جاچجي ھنن سان ڳالھائجي ۽ جيترو ٿي سگھي ھنن جي مدد ڪجي… ائين استادن جي بہ رويي چال چلت … ھنن جي پريشانين کي بہ ڏسجي.

___________

Dr Ismail Mako-TheAsiaN

ڊاڪٽر محمد اسماعيل  ماڪو  سول اسپتال سکر ۾ ڊاڪٽر آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button