خواب ضرور ڏسو، پر ساڀيان لاءِ جاکوڙ لازمي آھي
فقط خواب ڏسڻ سان تبديلي نٿي اچي۔ خواب جيڪڏهن عمل کان خالي هجن تہ اهي فقط ذهن جي عارضي تسلي بڻجي رهجي وڃن ٿا۔ انسان جي زندگيءَ ۾ تبديلي تڏهن ايندي آهي، جڏهن خوابن سان گڏ جدوجهد، محنت، شعور ۽ مستقل مزاجي شامل ٿيندي آهي۔

حڪيم پريم چاندواڻي
انسان سدائين پنهنجي حالتن جي تبديليءَ جا خواب ڏسي ٿو۔ هو چاهي ٿو تہ غربت ختم ٿي وڃي، مايوسيءَ جا پاڇا لهي وڃن، بي روزگاريءَ جي اذيت گهٽجي وڃي، سماج مان ناانصافي ختم ٿئي ۽ زندگيءَ ۾ سک، سڪون ۽ خوشحالي اچي۔ پر جڏهن صبح ٿئي ٿو تڏهن حالتون ساڳيون ئي هونديون آهن۔ نہ تقدير بدلجندي آهي، نہ سماج جو رويو، نہ ئي زندگيءَ جا مسئلا ختم ٿيندا آهن۔
اصل حقيقت اها آهي تہ فقط خواب ڏسڻ سان تبديلي نٿي اچي۔ خواب جيڪڏهن عمل کان خالي هجن تہ اهي فقط ذهن جي عارضي تسلي بڻجي رهجي وڃن ٿا۔ انسان جي زندگيءَ ۾ تبديلي تڏهن ايندي آهي، جڏهن خوابن سان گڏ جدوجهد، محنت، شعور ۽ مستقل مزاجي شامل ٿيندي آهي۔
اسان جي سماج ۾ اڪثر ماڻهو خواهشن جي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا۔ هر ماڻهو چاهي ٿو تہ سندس قسمت بدلجي، پر قسمت بدلائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ گهرجن، انهن کان لنوائي ٿو۔ شاگرد ڪاميابيءَ جا خواب ڏسن ٿا، پر علم سان سچي محبت نٿا ڪن۔ نوجوان روشن مستقبل جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر وقت جو قدر نٿا ڄاڻن۔ قومون ترقيءَ جا نعرا هڻن ٿيون، پر نظم، ايمانداري ۽ محنت کي پنهنجي مزاج جو حصو نٿيون بڻائين۔ پوءِ اهڙي حالت ۾ تبديلي فقط تقريرن ۽ خوابن تائين محدود رهجي وڃي ٿي۔
دنيا جي تاريخ شاهد آهي تہ جن ماڻهن ۽ قومن عمل کي پنهنجو شعار بڻايو، سي ئي اڳتي وڌيا۔ جن قومن رڳو خوابن تي ڀروسو ڪيو، سي وقت جي وهڪري ۾ پوئتي رهجي ويون۔ خواب رستو ڏيکارين ٿا، پر منزل تائين پهچائڻ جو ڪم عقل ۽ عمل ڪندو آهي۔
اسان جي معاشري جو هڪ وڏو الميو اهو بہ آهي تہ ماڻهو رات جو وڏا خواب ڏسي ٿو، پر صبح جو ساڳي سستي، ساڳي بي حسي ۽ ساڳي مايوسيءَ سان اٿي ٿو۔ هو چاهي ٿو تہ دنيا بدلجي، پر پاڻ کي بدلائڻ لاءِ تيار ناهي۔ جڏهن تہ سماج جي تبديلي فرد جي تبديليءَ سان شروع ٿيندي آهي۔ جيڪڏهن انسان پنهنجي سوچ، پنهنجي عادت، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي ذميوارين کي نہ بدلائيندو، تہ پوءِ حالتون ڪيئن بدلجنديون؟
زندگيءَ جو اصول بلڪل واضح آهي تہ جيڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج نہ پوکيندو، اهو فصل جي اميد نٿو رکي سگهي۔ جيڪو محنت نہ ڪندو، اهو ڪاميابيءَ جي منزل تائين نٿو پهچي سگهي۔ ۽ جيڪو فقط خواب ڏسندو رهندو، ان جي زندگي خوابن کان اڳتي نہ وڌي سگهندي۔
اڄ اسان کي خوابن کان وڌيڪ شعور جي ضرورت آهي۔ اهڙي شعور جي، جيڪو انسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياري۔ اهڙي سوچ جي، جيڪا کيس خام خيالن بدران عملي جدوجهد ڏانهن وٺي وڃي۔ ڇو تہ تبديلي دعوائن سان نہ ايندي، پر قربانيءَ سان ايندي۔ حالتون خواهشن سان نہ بدلجنديون، پر مسلسل محنت سان بدلجنديون آهن۔
اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي بہ اهو سيکارڻو پوندو تہ خواب ڏسڻ خراب ڳالهہ ناهي، پر خوابن کي عمل ۾ بدلائڻ سڀ کان وڏي دانائي آهي۔ جيڪڏهن خوابن سان گڏ ارادو، محنت ۽ ثابت قدمي شامل نہ هوندي، تہ انسان جيئن سمهي ٿو، تيئن ئي اٿندو رهندو، ۽ سندس حالتون بہ ساڳيون رهنديون۔
انسان جي قسمت جا دروازا تڏهن کلندا آهن، جڏهن هو پنهنجي سوچ کان اڳتي وڌي عملي ميدان ۾ قدم رکندو آهي۔ ڇو تہ زندگي انهن ماڻهن کي ئي ياد رکندي آهي، جن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پنهنجو سک، آرام ۽ وقت قربان ڪيو۔
تنهن ڪري جيڪڏهن اسان واقعي تبديلي چاهيون ٿا، تہ پوءِ فقط خواب ڏسڻ بدران پاڻ کي بدلائڻو پوندو، پنهنجي عمل کي جاڳائڻو پوندو، ۽ پنهنجي سماج لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔
ڇو تہ: خواب رڳو اکين ۾ هوندا آهن، پر تبديلي سخت محنت ۽ مشقت سان ايندي آهي۔
محنت سان، منزل ملندي آ،
خوابن جي، ساڀيان ٿيندي آ۔
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.



