Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جي شھر موري جي شاھي بازار ۽ نوٽن جي هارن جي خوشبوءِ جون ساروڻيون

شاهي بازار موري جا اهي دڪان اڄ به ياد اچن ٿا، جتي ڪجهه دڪاندار انتهائي  مهارت ۽ نفاست سان ڪرنسي نوٽن جا هار ٺاهيندا هئا. اهي دڪاندار پنهنجي ڪم ۾ ايترا ته ماهر هئا جو نوان نوٽ مختلف شڪلين ۾  موڙي ۽ ويڙهي، گلن جهڙيون ڊزائن ٺاهي، پوءِ اسٽيپلر سان وڏي احتياط سان جوڙي ڇڏيندا هئا.

سموريون تصويرون ھٿرادو ڏاھپ سان تيار ڪيل آھن

سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جون سڀ کان خوبصورت يادون نه ڪنهن وڏي محل سان جُڙيل هونديون آهن، نه ڪنهن مهانگي سفر سان، پر ننڍن شهرن جي انهن گهٽين سان واسطو رکنديون آهن، جتي ماڻهو سادگيءَ سان جيئندا هئا، محنت ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي خوشين ۾ خوش ٿيندا هئا. اهڙيون ئي ڪجهه مشهور رونقن واريون يادون موري جي شاهي بازار سان جُڙيل آهن، جتي هڪ دور ۾ “نوٽن جا هار” ٺاهڻ هڪ خاص ثقافت، هنر ۽ روزگار جو اهم حصو هوندو هو.

اڄ به ڪنهن حد تائين اهو رواج موجود آھي، پر ان دور جهڙي ڳالهه هاڻي ناهي رهي. جنهن انداز، محبت، ۽ هنر سان اڳ ۾ نوٽن جا هار ٺاهيا ويندا هئا، ان جي خوشبوءِ اڄ به ذهن ۾ تازي آهي.

هنر ۽ ڪاريگريءَ جا مرڪز

شاهي بازار موري جا اهي دڪان اڄ به ياد اچن ٿا، جتي ڪجهه دڪاندار انتهائي  مهارت ۽ نفاست سان ڪرنسي نوٽن جا هار ٺاهيندا هئا. اهي دڪاندار پنهنجي ڪم ۾ ايترا ته ماهر هئا جو نوان نوٽ مختلف شڪلين ۾  موڙي ۽ ويڙهي، گلن جهڙيون ڊزائن ٺاهي، پوءِ اسٽيپلر سان وڏي احتياط سان جوڙي ڇڏيندا هئا. ڪنهن نوٽ جي ڊزائن گول هوندي هو ته ڪنهن جي ڊگهي، ته ڪنهن ۾ اهڙي ترتيب هوندي هئي جو ڏسندڙ حيران رهجي ويندو هو. اهو رڳو ڪاروبار نه هو، پر هڪ هنر هو، هڪ تخليق هئي.

انهن مان هڪ نالي وارو شخص خاص طور اڄ به ياد اچي ٿو، چاچا اُميد علي سرهيو. هُو نه رڳو هڪ بهترين ڪاريگر هو، پر هڪ انتهائي خوش مزاج انسان پڻ هو. هميشه کلندڙ، ڀوڳ چرچا ڪندڙ، ۽ ماڻهن سان محبت سان ڳالهائيندڙ. سندس دڪان وٽان گذرڻ ئي هڪ خوشگوار تجربو هوندو هو. هو بازار مان گذرندڙ ماڻهن سان چرچا ڪندو رهندو هو. مونکي ياد آهي ته هو مون کي هميشه “اگلو” چوندو هو، جيڪو ان وقت جي مشهور آئس ڪريم جو نالو هو. هو ڪنهن کي ٻڪريء جا پٽ، ته ڪنهن کي ڀوتار به پيو چوندو هو. اڄ سوچيان ٿو ته ڪي ماڻهو رڳو پنهنجي ڪاروبار سان نه، پر پنهنجي روين سان به ماڻهن جي دلين ۾ رهجي ويندا آهن.

نوان نوٽ ۽ ڪاروبار جو طريقو

موري جي سرهيا برادري خاص طور هن هنر سان وابسته هئي، جڏهن ته ڪجهه ميمڻ به اهو ڪم ڪندا هئا. اسان ننڍپڻ ۾ اڪثر سوچيندا ۽ حيران ٿيندا هئاسين ته اهي ايترا  نوان، ڪرڪرا ، صاف ۽ چمڪندڙ نوٽ آخر آڻيندا ڪٿان هئا؟ ڇو ته بازار ۾ ته گهڻو ڪري پراڻا، ڦاٽل يا گهلجي ويل نوٽ هلندا هئا. پوءِ هوريان هوريان اڳتي هلي خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو ڪراچي، سکر، حيدرآباد يا ڪوئيٽا مان، اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي نوان نوٽ وٺي ايندا هئا ۽ پوءِ انهن کي منافعي تي انهن دڪاندارن کي وڪرو ڪندا هئا. انهن نون نوٽن جي خوشبو به ڏاڍي وڻندڙ هوندي هئي.

نوٽن جا هار اصل ۾ شاديءَ جي تقريبن جو اهم حصو هوندا هئا. جيئن گلن جا هار خوبصورت لڳندا آهن، تيئن نوٽن جا هار به پنهنجي چمڪ ۽ ترتيب سبب خاص دلڪشي رکندا هئا. نوٽ لڳڻ کان اڳ به انهن هارن جي بناوٽ، چمڪندڙ پنيون ۽ رنگين پنا ڏاڍا سهڻا لڳندا هئا. شاديءَ جي موسم ايندي هئي ته انهن دڪانن تي ڄڻ رونقن جا ميلا لڳي ويندا هئا. دڪاندار رات دير تائين ڪم ڪندا هئا. گراهڪ اچي مختلف ڊزائن ڏسندا، پسند ڪندا هئا ۽ پوءِ دڪاندار وڏي مهارت ۽ احتياط سان انهن کي پراڻين اخبارن ۾ ويڙهي، اسٽيپلر سان صحيح نموني بند ڪري گراهڪن جي حوالي ڪيو ويندو هو. پوءِ اهي هار شاديءَ يا ننڍن ٻارن جي طهر جي محفلن ۾ ويندا هئا، جتي خوشين جي علامت بڻجي ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ پوندا هئا.

دڪانن جي رونق ۽ سامان

اهي دڪان رڳو نوٽن جي هارن تائين محدود نه هوندا هئا. اتي ضرورت جون ٻيون به ڪافي شيون ملنديون هيون ۽ اها ڄڻ ڪا ننڍڙي دنيا هوندي هئي. صابڻ، موتين جا هار، سينگار جون شيون، ڪريمون، مختلف تيل، چوڙيون، رومال، ميڪ اپ، رنگ برنگا  ديسي سنڌي ۽ عربي انداز جا انگوڇا  جيڪي گهڻو ڪري مرد پنهنجي ڪلهن يا مٿي تي رکندا هئا. ان کانسواء ٻيون به ڪيتريون ئي شيون انهن دڪانن تي وڪامجنديون هيون. هر دڪان جي پنهنجي خوشبوءِ ، پنهنجي رونق، پنهنجو انداز هوندو هو.

سادگي ۽ سڪون وارو دور

انهن ماڻهن جي زندگين ۾ هڪ سادگي هئي، هڪ سڪون هو. “حق حلال” جي ڪمائيءَ ۾ جيڪا برڪت ۽ ذهني سڪون هوندو آهي، اها سندن منهن مهانڊي تي نظر ايندي هئي. نه هڪ ٻئي سان ساڙ، نه غير ضروري مقابلو، نه اڄ جهڙو ذهني دٻاءُ. ماڻهو پنهنجي ڪم سان خوش هئا، پنهنجي گراهڪن سان محبت ڪندا هئا، ۽ پاڙي جي ماڻهن سان پنهنجائپ ۽ کل ڀوڳ سان رهندا هئا.

اڄ جي وٺ وٺان ، تيز رفتار ۽ مقابلي واري زندگيءَ ۾، جڏهن هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي، تڏهن اهڙيون يادون دل کي هڪ عجيب سڪون ڏين ٿيون. اهي يادون ياد ڏيارين ٿيون ته خوشي هميشه وڏي دولت ۾ ناهي هوندي پر ڪڏهن ننڍڙي دڪان، پراڻي اخبار ۾ ويڙهيل نوٽن جي هار، چاچا اُميد علي جي مذاق، يا شاهي بازار جي گوڙ ۾ به زندگيءَ جي اصل خوبصورتي لڪل هوندي آهي.

شايد وقت گهڻو ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي، پر يادون اڃا به پنهنجي اصل رنگن سان زندهه آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن، پراڻين يادن کي ياد ڪرڻ به زندگيءَ جي هڪ خوبصورت خوشي بڻجي ويندي آهي. اڄ جڏهن اهي يادون ذهن ۾ اچن ٿيون ته موري جي انهن گهٽين جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي. اهي ماڻهو ۽ اهي ساديون خوشيون اسان جي زندگيء جو هڪ قيمتي سرمايو آهن.

_____________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button