محبت ۽ جنونيت ۾ فرق: محبت آزادي ڏئي ٿي، جنونيت قيد ڪري ٿي
محبت توڙي جنونيت ٻئي ڏسڻ ۾ ساڳيا لڳندا آهن، پر انهن جي اندروني حقيقت يا نتيجا بلڪل مختلف آهن. محبت ۽ جنونيت ۾ بنيادي فرق هيءُ به آهي ته، محبت آزادي ڏئي ٿي، جنونيت قيد ڪري ٿي۔ محبت ۾ سڪون هوندو آهي ۽ جنونيت ۾ بيچيني هوندي آهي۔ محبت تعمير ڪري ٿي، جنونيت شين کي تباهيءَ تائين پهچائي ٿي۔ محبت شعور سان جڙيل هوندي آهي، جنونيت گهڻو ڪري طوفان جيان محسوس ڪئي ويندي آهي۔ جتي انسان ٻئي کي آزاد ڏسڻ چاهي، اها محبت آهي ۽ جتي انسان ٻئي کي پنهنجو قيدي بڻائڻ چاهي، اها جنونيت آهي.

حميد منگي
محبت ڇا آهي؟ ڇا اهو انتهائي اهم ۽ جذباتي عمل آهي يا صرف ڪنهن ننڍڙي احساس جو نالو آهي؟ يا وري انهيءَ عمل جي پويان ڪو گهرو راز لڪل آهي؟ جو اڪثر چرند پرند ۽ ساهوارا، پنهنجي پنهنجي پسند وارين شين جي ڪڍ لڳندي، گهمندي ۽ اڏامندي ڏٺا ويا آهن، چڪور، چوڏهينءَ رات جو جيڪڏهن پڃري ۾ بند هوندو آهي ته، ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي، جيڪڏهن آزاد هوندو ته، چنڊ ڏانهن اڏام ڪندي ڪندي ٿڪجي پاڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ فضائن ۾ سدائين لاء گم ٿي ويندو آهي۔ ڀنڀوريون ۽ ڀنئور سڄو سڄو ڏينهن گلن مٿان ڦيراٽيون پائي، شام ٽاڻي ساڻا ٿي ڪري پوندا آهن۔ پتنگ، شام ٿيندي ئي هر ٽمڪندڙ روشنيءَ جي چوڌاري ڦيرا ڏيندي، ڪڏهن ڪڏهن سڙي مرندي به ڏٺا ويا آهن۔ اها انهن شين سان سندن محبت آهي يا ڪو ٻيو جذبو آهي۔ جنهن جي انت تائين ڪو بہ نه پهچي سگهيو آهي۔ دنيا جا لکين لکاري، ان جذبي جي کوڄ ۾ عمريون گذاري ويا ۽ آخر ۾ لکي، چئي ۽ ڳائيندا ويا ته ”انت بحر جي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ بڻايا هي“۔
انسان ته انهيءَ حوالي سان هر دور ۾ اچرج جهڙا ڪم ڪري پاڻ جهڙن انسانن کي حيران ۽ پريشان ڪندا رهيا آهن۔ ڏور ماضيءَ کان اڄ تائين، ڪٿي ماڻهو محبت ۾ پاڻ فنا ڪندي نظر آيا آهن، ڪٿي گهر، ڪٽنب ۽ ڳوٺ خاطر اهڙيون قربانيون ڏنيون اٿائون، جو عقل دنگ رهجيو وڃي۔ ڪٿي قومن، نسلن، سرحدن، وطنن، ٻولين ۽ فن خاطر سر تريءَ تي رکي وڙهندي ڏٺا ويا آهن، ڪٿي مذهبن، فڪرن، سوچن ۽ طبقن جي حقن خاطر جدوجهدن ۾ جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن۔ ٻين جي مدد ڪري، پنهنجي ۽ پنهنجن جي ڀينگ ڪرڻ تائين ڄڻ ته انهن لاء عام ڳالهه رهي آهي۔ بهرحال انسانن جي گهڻ رخن عشقن ۽ گهڻ پاسائين پيار ڪرڻ جا داستان پڙهبا ته، دماغ چئي کان نڪري ويندو۔ مطلب تہ انهيءَ انسان جيتريون نفرتون ڪري نقصان کاڌا آهن اوتريون محبتون ڪري به، پنهنجون محنتون اجايون ڪندا رهيا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته انسان رڳو محبتن ۽ نفرتن ڪرڻ لاء ئي ڄمندو ۽ مرندو رهيو آهي۔
انسان جي ان محبت ڪري مرڻ، جيئڻ ۽ آباد يا برباد ٿيڻ واري عمل ۾، آخر اهڙي ڪهڙي لذت، ڪهڙي رمز، ڪهڙو مزو ۽ اسرار لڪل آهي۔ جنهن به انسان جي انهيءَ جذبي سان آشنائي ٿئي ٿي، هو پنهنجي آپي مان نڪري، اهي ڪم ڪرڻ لاء نڪري ٿو پوي، جيڪي ان جي وس کان به بنهه زور ۽ تمام وڏا هوندا آهن۔ ماڻهن کي اها طاقت کيس محبت جو جذبو ڏئي ٿو يا محبت ڪندڙن ۾ اڳ ئي اهڙا گڻ موجود هوندا آهن، جو کين ڪٿان به ٿورڙي پيار جي پڙي، پيئڻ جي مس مليس ٿي، ان جي ٽيڪ تي، زهر جا پيالا پيئڻ لاء تيار ٿيو ٿا وڃن، ڪي ماڻهو سر تريء تي رکي مرڻ ۽ مارڻ لاء ته ڪي پاڻ کان ايڏين وڏين طاقتن سان اٽڪي ٿا پون، جيڪي کانئن ڪئين ڀيرا وڌيڪ طاقتور هوندا آهن يا اهي ڪم ڪرڻ شروع ٿا ڪن، جن بابت اڳ انهن هنن سوچو به ناهي هوندو۔
ڇا سسئيءَ کي اها خبر هئي ته، جبلن جا پنڌ، عام پنڌن جي ڀيٽ ۾ اڙانگا هوندا آهن يا اها ڄاڻ هئس ته پنهونءَ تائين پهچي به سگهندي يا نه، پوء به هوءَ گهر جا سڀ سک ڇڏي نڪري پئي۔ سهڻي پنهنجي ميهار سان ملڻ لاء مٽيء جي گهڙي جي آسري تي، اهڙو دريا پار ڪري ويندي هئي، جنهن جي گجگوڙ جو آواز ٻڌي، ڀليل ڀٽڪيل شينهن ٻيلن ڏانهن واپس ڀڄي ويندا هئا۔ راڻو، مومل جي ملاقات لاء چانگي تي چڙهي روز رات جي اونداهيءَ جو سفر ڪري، ساڻس ملي موٽي به ويندو هئو۔ مورڙي ميربحر کي به خبر هئي، جيڪا اجگر بلا سندس ڇهه ڀائر ڳڙڪائي وئي آهي، اها کيس به لقمو بڻائڻ ۾ دير نه ڪندي، پوءِ به هو علائقي جي ٻين ماڻهن جي جان بچائڻ خاطر، اٽڪلون ڪري نيٺ انهيءَ واڳونءَ کي ماري وڌو ۽ ڪراچيءَ جي ”مئا ڇهه“ علائقي، جنهن جو نالو هاڻي مواڇ ڳوٺ آهي، اتان جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو هئو۔
سنڌ جي واقعن کان نڪري، عالمي سطح جا واقعا ۽ داستان ڦلهورينداسين ته، اڃا وڌيڪ عجب جهڙا نظارا نظر ايندا، ارسطو پنهنجي فڪر کي سچو ثابت ڪرڻ لاء زهر جو پيالو ڪيئن پيتو، نبي سڳورا ڪيترين تڪليفن ۽ اڻ پڙهيل ۽ اڻ گهڙيل ماڻهن جي ڏنل گهاون مان گذري، پنهنجا مذهب قائم ڪري ويا، امام حسين رضه ڪيئن ڪربلا جو ميدان سجايو۔ جڏهن وري مذهبن جو اچڻ بند ٿيو ۽ نظريا پيدا ٿيڻ شروع ٿيا ته، نظرياتي ماڻهن ڪيئن ۽ ڪهڙين تڪليفن مان گذري، نظرين کي نافذ به ڪرايو ۽ صدين تائين هلايو به۔ فرانسيسي انقلاب ۾ يا ان کان پوء به عام ماڻهن ڪيئن بادشاهتن خلاف تحريڪون هلائي دنيا مان بادشاهتي نظام جي پاڙ پٽي ڇڏي، هاري هلچل جي پهرين اڳواڻ شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ کان وٺي، شڪاگو جي مزدورن جي يوم مئي واري تحريڪ تائين جون جدوجهدون، جن کي اڳتي هلي جرمنيءَ جي ڪارل مارڪس طبقاتي جدوجهد جو نالو ڏئي، جڏهن نئون نظريو تشڪيل ڏنو ته، کيس ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا هئا، سندس ٻار بيماريءَ ۾ تڙپي تڙپي مري ويا پر هو پنهنجي نسل بدران دنيا جي نسلن جون تاريخون تبديل ڪرڻ واري ڪم کي اهميت ڏئي دنيا کي نئون نظريو ڏئي ويو۔ لينن، مائوزي تنگ، هوچي مِنھ ۽ ٻين جدوجهدن ۾ اڳواڻن کان وٺي ڪارڪنن تائين کي ڪيترين نه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو هئو، اها سموري تاريخ به عشق، پيار ۽ محبت سان ٽمٽار آهي۔
بهرحال دور مٽبا رهيا، پر ماڻهن جي من ۾ محبت جا ڏيئا پوء به وڌندي ڏٺا ويا۔ ڪن پنهنجن گهرن، گهرڀاتين ۽ ٻچن جي آسانين لاء ڪرت جاري رکي، ڪن نسلن ۽ قومن جي مستقبل سنوارڻ لاء جدوجهدون ڪيون، ڪي پراڻن فرسوده ريتن، رسمن ۽ نظامن جون پاڙون اکيڙي، نون خيالن، فلسفن ۽ نظامن جا بنياد وجهڻ ۾ مصروف رهيا۔ جڏهن ته هاڻي به دنيا ۾ نيون معيشتون، نيون ٽيڪنالاجيون ۽ نوان آئيڊيا جنم وٺي رهيا آهن، ۽ منهنجي خيال ۾ انهن بابت پتوڙ، رڳو انساني محنتون ناهن پر، ماڻهن جون ماڻهن سان محبتون به آهن۔ کوڙ ماڻهو هاڻي به هر هفتي يا هر مهيني ڏينهن راتيون محنتون ڪري نيون ايجادون ڪري، انساني سهوليتن جا ڍير لڳائي رهيا آهن۔ پنجاهه سال اڳ ڪم نبرڻ جو نالو نه وٺندا هئا، مرد، عورتون، جوان، پوڙها سڄو سڄو ڏينهن ڪم ڪندا هئا، پر پوء به ڪي اڌ ۾ رهجي ويندا هئا، جيڪي وري ٻئي ڏينهن تي ختم ٿيندا هئا، تيسيتائين مٿن وري نوان ڪم ڪڙڪندا هئن۔ اهي سڀ عمل به محبتن جي بنياد تي ٿيندا هئا ۽ هاڻي وارين ايجادن ۾ به ماڻهن جي محنت سان گڏ محبت به شامل آهي۔ هونئن به دنيا جو هر ڪم محنت سان گڏ محبت سان ئي ٿيندو رهيو آهي۔
سڀ کان وڏي ڳالهه ته، ماڻهن کان اهڙا ڪئي ڪم ڪرائڻ کان پوء به اها محبت، ڪٿي به ٿڪجندي نظر نه ٿي اچي۔ ڪجهه ماڻهو انسانن جي اهڙن سڀني ڪمن، عملن ۽ قدمن کي عشق نه پر جنون به چوندا آهن، جڏهن ته جنون جي سنڌيءَ ۾ سنئين سڌي معني نڪرندي چريائپ۔ چريائپ وري حيوانيت واري صفت ٻڌائي وڃي ٿي۔ ڇا اهڙي محبت جيڪا ڪئي اڻ ٿيڻن عملن کي سدائين ٿيڻ لائق بڻائيندي رهي هجي، ان محبت کي جنون ڪوٺي سندس توهين ته نه پئي ڪئي وڃي؟ واقعي جيڪڏهن محبت اصل ۾ جنونيت يعني چريائپ آهي ته، ان انسان ۾ وڏين تبديلين باوجود ڪڏهن ڪڏهن ساڳئي حيوانيت واپس ڪيئن ٿي داخل ٿئي؟ ڇا انسان اڃان تائين اشرف المخلوقات نه بڻجي سگهيو آهي يا هن سڌريل دور تائين سماجي جانور ئي آهي؟ اهي ۽ ان جهڙا کوڙ سوال سوچجن ٿا ته، نتيجو اڪثر ڪري ٻڙي ئي نڪرندو رهيو آهي، پر اڄ اسان ان موضوع کي کڻي منطقي انجام تي پهچائڻ جي هام نه ٿا هڻون، پر انهيء موضوع کي ٿورو اڳڀرو ڪرڻ واري ڳالهه ضرور ڪنداسين۔
اصل ۾ جيڪي ماڻهو، محبت وارن ڪجهه عملن کي جنون ۽ جنونيل عملن کي وري محبت ڀائيندا ۽ سمجهندا رهيا آهن، اهي ٻئي اصل ۾ محبت ۽ جنون کي پنهنجن اصل خانن ۾ رکي ناهن سگهيا۔ انهيءَ ڪري پهريون ڪم ته پاڻ کي اهو ڪرڻو پوندو جو محبت ۽ جنون ۾ فرق ظاهر ٿي پوي ۽ پوءِ انهن ٻنهي وچ ۾ لڪير ڪڍي، محبت کي محبت ۽ جنون کي جنون ثابت ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي محبت ۽ جنون، ڌار ڌار عمل چورائيندا، نه ته ڪڏهن پاڻ پيار کي جنون چئي ان جا حمايتي پيدا ڪندا رهنداسون ۽ ڪڏهن جنون کي پيار جي پوشاڪ پهرائي سندن نقصانن تي چشم پوشي اختيار ڪندا رهنداسون۔ نتيجي طور سادن ماڻهن جي سادگيءَ تي، سمجهو ايئن کلندا رهندا جيئن اڪثر علم ۽ ادب کي ساڳي ڳالهه سمجهڻ وارا سمجهندا آهن۔
عام ماڻهن توڙي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي محبت توڙي جنونيت ٻئي ڏسڻ ۾ ساڳيا لڳندا آهن، پر انهن جي اندروني حقيقت يا نتيجا بلڪل مختلف آهن. ان ڳالهه جو فرق سادي ۽ واضح نموني ۾ هن ريت سمجهي سگهجي ٿو ته، محبت هڪ مثبت، متوازن، هر قسم جي لالچ کان پاڪ ۽ شعوري احساس جو نالو آهي. جنهن ۾ ٻئي لاءِ عزت، اعتماد ۽ آزادي شامل هوندي آهي۔ جيڪو انسان ٻئي جي خوشي چاهي، ڀلي پاڻ تڪليف ۾ ڇو نه هجي، اها برداشت، صبر ۽ سمجهه ئي اصل محبت آهي، جيڪا انسان کي مهذب ۽ انسان دوست بڻائي ٿي۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ جنونيت حد کان وڌيڪ غير متوازن هجڻ سان گڏ قابوء ۾ نه ايندڙ جذباتي عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ضد ۽ ٻئي تي ضابطو آڻڻ جي خواهش هجي ٿي۔ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته، ماڻهن ۾ “رڳو مون کي ملي” واري سوچ ڇانيل هوندي آهي، اهڙي سوچ ۾ اڪثر بيچيني، خوف ۽ عدم تحفظ به وڌي ويندو آهي، جيڪو انسان کي پريشان ۽ ڪڏهن ڪڏهن نقصانن ۾ به وجهندو آهي۔
محبت ۽ جنونيت ۾ ٻيو بنيادي فرق هيءُ به آهي ته، محبت آزادي ڏئي ٿي، جنونيت قيد ڪري ٿي۔ محبت ۾ سڪون هوندو آهي ۽ جنونيت ۾ بيچيني هوندي آهي۔ محبت تعمير ڪري ٿي، جنونيت شين کي تباهيءَ تائين پهچائي ٿي۔ محبت شعور سان جڙيل هوندي آهي، جنونيت گهڻو ڪري طوفان جيان محسوس ڪئي ويندي آهي۔ ان کي اڃا سادي مثال سان سمجهون ته، تت هينئن نڪرندو، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي چاهيو ٿا ۽ چوندا به آهيو ته “تون خوش رهه ڀلي مون کان پري ڇو نه هجين” اها محبت آهي، پر جيڪڏهن توهان ڪنهن کي چئو ته “تون صرف منهنجو آهين، ٻئي ڪنهن جو نٿو ٿي سگهين” ته اها جنونيت آهي۔ آخر ۾ نتيجو ڪڍبو ته هينئن نڪرندو محبت انسان کي آزاد ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ جنونيت انسان کي پاڻ ۽ ٻين لاءِ تڪليف جو سبب بڻائي ٿي۔
اچو ته پاڻ، هاڻي هن موضوع کي روحاني، نفسياتي ۽ ادبي انداز ۾ کوجنا ڪيون، جيئن پڙهندڙن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي۔ اڳ ۾ اچون ٿا روحانيت تي ته، روحانيت ۾ محبت کي ”نور“ سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته جنونيت کي ”نفس جو ڄار“ سمجهيو ويندو آهي. سچي محبت انسان کي “انا” کان مٿي کڻي وڃي ٿي۔ صوفي بزرگ جهڙوڪ رومي ۽ شاهه لطيف محبت کي خدا تائين پهچڻ جو رستو سمجهندا هئا۔ انهن مطابق محبت ۾ انسان مان “مان” ختم ٿئي ٿي ۽ “تون” يا “اسان” پيدا ٿئي ٿي۔ جڏهن ته جنونيت ۾ انسان ٻئي کي خدا بدران ٻانهون بڻائي ڇڏيندو آهي، انهيء ۾ روحاني سڪون بدران اندروني تڪرار وڌي ٿو، مطلب ته محبت انسان کي آزاد ڪري ٿي، جنونيت انسان کي پنهنجن خواهشن جو غلام بڻائي ٿي۔
هاڻي پاڻ محبت ۽ جنونيت کي نفسياتي نقطه نظر سان جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ جديد نفسيات ۾ هن فرق کي واضح ڪيو ويو آهي، هڪ هوندي آهي صحتمند محبت، ٻيو هوندو آهي جذباتي توازن ۽ ٽئين ڳالهه اعتماد جي هوندي آهي، جنهن سان ذاتي سڃاڻپ برقرار رهندي آهي، اصل ۾ جنهن سان به رشتو ڳنڍبو آهي، ان رشتي ۾ هڪ ننڍڙو “خال” به هوندو آهي، جنهن کي قائم به رکڻو پوندو آهي، پر جنونيت ۾ ايئن هرگز ناهي هوندو۔ انساني نفسيات مطابق، جنونيت انسان جي اندر جي عدم تحفظ مان پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ته محبت “اندر جي پختگي” مان جنم وٺندي آهي. انهيء حوالي سا ادبي ۽ فلسفياڻي سوچ تحت سوچبو ته، محبت ۽ جنونيت ٻنهي کي بيان ڪيو ويو آهي، پر انهن جا رنگ مختلف آهن، محبت کي اڪثر “گل” سان تشبيهه ڏني ويندي آهي، جڏهن ته جنونيت کي “باهه” سان۔ ان حوالي سان مختصر ادبي ۽ فلسفياڻو خيال اهو به آهي ته، محبت نرم هوا جي جهونڪي جيان هوندي آهي، جيڪا زندگي کي خوشبو ڏئي ٿي ۽ جنونيت وري تيز طوفان جيان آهي، جيڪو سڀ ڪجهه اڏائي ويندو آهي۔ اڪثر صوفي شاعرن به پنهنجين شاعرين ۾ اهو محسوس ڪرايو آهي ته، سچو پيار انسان کي سنواري ٿو ۽ ڪوڙو عشق ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي۔ هاڻي ٿورڙو سوچجي ته ٻنهي روين ۾ زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو يا نه۔
اڪثر تاريخدان پنهنجين لکڻين ۾ محسوس ڪرائيندا رهيا آهن ته فلاڻي حڪمران فلاڻي نسل يا مذهب جي محبت ۾ فلاڻي وسنديءَ تي هلان ڪري کين ريتون رسمون ۽ مذهب مٽائڻ جي دعوت ڏني، آڇ قبولڻ تي اتي پنهنجو نمائيندو مقرر ڪري اڳتي وڌي يا پوئتي موٽي ويو۔ پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي دنيا ۾ سموريون جنگون “محبت” جي نالي تي نه، پر “جنونيت” جي ڪري ٿيون آهن، ڪٿي قوميتن جو مفاد رهيو ڪٿي مذهب يا وري ڪٿي طاقت جي “انڌي وابستگي” شامل هئي جيڪا به جنونيت جي ذمري ۾ ايندي آهي، اصل ۾ حقيقي محبت عالمي امن، برداشت ۽ گڏيل انسانيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔
بهرحال ڳالهين جو تَتُ ڪڍبو ته، محبت جي معني شعور، آزادي ۽ عزت نڪرندي، جڏهن ته جنونيت جي معني شدت، خوف ۽ ٻئي مٿان قبضي جي خواهش آهي۔ دنيا جي گهڻن ڏاهن، فلسفين ۽ صوفي مفڪرن محبت ۽ جنونيت جي فرق تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي۔ انهن جي راءِ عام طور هڪ ئي طرف ويندي ڏٺي وئي آهي ته، محبت فرد، ڪٽنب، نسل، مذهب ۽ وطن کي آزاد ۽ مڪمل بڻائي ٿي، جڏهن ته جنونيت کين غلام بڻائي ٿي۔ هاڻي دنيا جي ڪجهه وڏن مفڪرن جي خيالن کي سادي نموني سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته ڳالهه ڪجهه واضع ٿي پنهنجي سامهون ايندي۔ افلاطون محبت کي “روح جي ترقيء” سان ڳنڍيو آهي، سندس خيال ۾ سچي محبت انسان کي روشني، حسن ۽ سچائيء جي مٿانهين سطح ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔ جڏهن ته جنونيت انسان کي انسانيت کان هيٺ ڪيرائي ٿي۔
انهيءَ سلسلي ۾ ارسطو محبت کي “اعتدال” سان ڳنڍيو آهي، هن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ چيو ته هر شيءِ جو توازن ضروري آهي، حد کان وڌيل ڪو به جذبو، هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو، يعني محبت کي رڳو محبت تائين رهڻ ڏجي، جنونيت تائين وٺي وڃڻ سان اها محبت، محبت نه رهندي۔ مطلب ته، محبت ۾ توازن آهي، جڏهن ته جنونيت بي توازن جذبو آهي۔ وري روميءَ کي پڙهنداسين ته، هو عشق کي روحاني سفر سمجهي ٿو، سندس چوڻ اهو آهي ته “سچو عشق انسان کي مٿي کڻي وڃي ٿو” ۽ “نفس وارو عشق” انسان کي پڪڙي ۽ جڪڙي ٿو وجهي۔ مطلب ته روحاني محبت آزادي آهي، نفساني جنونيت هڪ قيد مثل آهي۔ بلڪل ساڳئي نموني شاهه لطيف جي شاعري ۾ سچو عشق صبر، وفا ۽ قرباني آهي، اهو ڪڏهن به زبردستي يا قبضي جي ڳالهه نه ٿو ڪري مطلب ته محبت ۾ عزت ۽ صبر آهي جنونيت ۾ ضد ۽ تڪليف۔
نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرائيڊ چيو آهي ته، محبت انسان جي فطري ضرورت به آهي، پر جڏهن اها حد کان وڌي ٿي ته، بيماري بڻجي وڃي ٿي۔ هن جي خيال مطابق جنونيت اڪثر اندروني دٻاء واري خواهشن مان پيدا ٿئي ٿي۔ مطلب ته هو به چوي ٿو ته، محبت صحتمند جذبو آهي ۽ جنونيت نفسياتي مسئلو بڻيل رهندو آهي۔ ايريخ فروم پنهنجي ڪتاب “دي آرٽ آف لو” ۾ لکي ٿو، محبت هڪ “فن” آهي، جنهن ۾ ذميواري، خيال، ڄاڻ ۽ عزت وارانہ نقطا شامل ضرور هجڻ گهرجن، جيڪڏهن محبت ۾ ذري جيتري به ضرورت شامل ڪبي ته، اها سچي محبت نه رهندي۔ ان جملي کي ٿورو واضع ڪبو ته، محبت شعوري عمل لڳندو ۽ جنونيت انڌي وابستگي ڀاسندي۔ جڏهن پاڻ دنيا جي سمورن ڏاهن جي راء کي گڏينداسين ته، عالمي راءِ به اها ئي بيهندي ته، محبت معني شعور، توازن، آزادي ۽ احترام۔ جڏهن ته جنونيت معني لالچ، شدت، بي توازن، خوف، قبضي جي خواهش۔ انهيء سلسلي ۾ آخري فڪري جملو، جتي انسان ٻئي کي آزاد ڏسڻ چاهي، اها محبت آهي ۽ جتي انسان ٻئي کي پنهنجو قيدي بڻائڻ چاهي، اها جنونيت آهي.
______________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



