سنڌ ۾ زندگي صرف جياپي نہ، پر عزت، غيرت، محبت ۽ لڄ جي تهذيب سان ڳنڍيل آهي
سنڌ جي سرزمين تي جڏهن به زماني جي لهرن ڪو شور مچايو آهي، تڏهن هن ڌرتيءَ جا ماڻهو پنهنجي دلين ۾ لڪل ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت سان بيهي رهيا آهن۔ هي طاقت نہ تلوارن جي جهلڪ مان پيدا ٿي آهي ۽ نہ ئي حڪمرانن جي حڪمن مان، پر اها قوت انساني غيرت، لڄ ۽ سماجي شعور مان جنم وٺي ٿي۔

حڪيم پريم چاندواڻي
سنڌ جي تاريخ رڳو ڪتابن جي ورقن ۾ بند ڪهاڻي ناهي، پر اها ڌرتيءَ جي سيني تي لکيل هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن جا لفظ پاڻيءَ جي لهرن، وڻن جي ڇانورن، ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ترندڙ خوابن ۾ پڙهي سگهجن ٿا۔ جڏهن سنڌ جي روح کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته اهو احساس ٿيندو آهي ته هتي جي زندگي صرف جياپي جو نالو ناهي، پر اها عزت، غيرت، محبت ۽ لڄ جي هڪ اهڙي تهذيب سان ڳنڍيل آهي جيڪا صدين کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي۔
سنڌ جي سرزمين تي جڏهن به زماني جي لهرن ڪو شور مچايو آهي، تڏهن هن ڌرتيءَ جا ماڻهو پنهنجي دلين ۾ لڪل ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت سان بيهي رهيا آهن۔ هي طاقت نہ تلوارن جي جهلڪ مان پيدا ٿي آهي ۽ نہ ئي حڪمرانن جي حڪمن مان، پر اها قوت انساني غيرت، لڄ ۽ سماجي شعور مان جنم وٺي ٿي۔ جڏهن قومن جي اندر اها لڄ زندهہ هوندي آهي تہ پوءِ حالتون ڪيتريون بہ ڏکيون ڇو نہ هجن، ماڻهو پنهنجو وقار وڃائڻ نٿا ڏين۔
وقت جي وهڪري ۾ جڏهن سماج تي بي حسي جا پاڇا وڌڻ لڳن ٿا، تڏهن ڪيترائي منظر اهڙا نظر اچن ٿا جيڪي انسان جي ضمير کي جهٽڪو ڏين ٿا۔ غربت، ناانصافي، وسيلن جي کوٽ ۽ بي ترتيبي جڏهن ماڻهن جي زندگين کي گهيرو ڪن ٿا تہ سماج جي اصل سونهن بہ ڌندلي ٿيڻ لڳي ٿي۔ پر انھن سڀني جي باوجود بہ هڪ سچ سدائين زندهہ رهي ٿو: جنهن سماج ۾ شرم ۽ احساس جي چڻنگ باقي هجي، اهو سماج مڪمل طور تي ڪڏهن بہ تباهہ نٿو ٿئي۔
سنڌ جي تهذيب هميشہ انسانيت جي قدرن کي اوليت ڏني آهي۔ هتي جي ثقافت ۾ مهمان نوازي، سادگي، وفاداري ۽ عزت جو تصور ايترو گهرو رهيو آهي جو ماڻهو پنهنجي ذاتي تڪليفن کان اڳ سماج جي وقار کي اهميت ڏيندا رهيا آهن۔ جڏهن بہ ڪا مصيبت آئي آهي، تڏهن ماڻهن گڏجي ان جو مقابلو ڪيو آهي۔ هي گڏجڻ ئي اصل ۾ ڪنهن بہ قوم جي طاقت هوندو آهي۔
پر اڄ جي دؤر ۾ هڪ نئون سوال سامهون بيٺو آهي تہ ڇا اسان اڃا تائين انهن قدرن سان جڙيل آهيون جيڪي اسان جي سڃاڻپ رهيا آهن؟ جديديت جي تيز رفتار، معاشي دٻاءُ، ۽ مفادن جي سياست ڪٿي نہ ڪٿي ماڻهن جي اندروني احساسن کي ڪمزور ڪرڻ لڳي آهي۔ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سماجي ذميوارين کان پري ٿيندي نظر اچن ٿا۔ جڏهن ڪنهن سماج ۾ بي حسي وڌي وڃي ٿي تہ پوءِ اتي انصاف، محبت ۽ همدردي جهڙا لفظ آهستي آهستي پنهنجو وزن وڃائڻ لڳن ٿا۔
تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته جڏهن قومون پنهنجي اخلاقي بنيادن کان پري ٿينديون آهن ته پوءِ سندن وجود کي به خطرا لاحق ٿي ويندا آهن۔ دنيا ۾ ڪيترين ئي تهذيبن جو زوال رڳو اقتصادي يا فوجي ڪمزوريء سبب نہ ٿيو، پر انهن جي اخلاقي زوال انهن کي اندر کان خالي ڪري ڇڏيو۔ انهيءَ ڪري هر دؤر ۾ دانشورن، شاعرن ۽ مفڪرن جو ڪم رهيو آهي تہ هو سماج کي آئنو ڏيکارين۔
سنڌ جي فڪر ۾ بہ اهو ئي پيغام بار بار ورجائجي ٿو تہ انسان جي اصل سڃاڻپ سندس دل جي سچائي ۽ ضمير جي جاڳرتا ۾ لڪل آهي۔ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي اندر جي لڄ ۽ احساس کي زندهہ رکندا تہ پوءِ ڪنهن بہ ڏکئي دؤر کي پار ڪرڻ ناممڪن نہ هوندو۔ پر جيڪڏهن اهو احساس ختم ٿي وڃي تہ پوءِ سماج رڳو ظاهري شڪل ۾ زندهہ رهندو، روح کان خالي ٿي ويندو۔
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي فڪري روايتن ۾ هميشہ انسان کي پنهنجي ضمير کان سوال پُڇڻ سيکاريو ويو آهي۔ هر ماڻهوء کي پنهنجي عملن جو حساب پاڻ سان ڪرڻو پوندو آهي۔ جڏهن انسان پنهنجي اندر جي عدالت ۾ بيهي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪري سگهي ٿو، تڏهن ئي سماج ۾ بہ انصاف ۽ توازن پيدا ٿئي ٿو۔
اڄ جي دؤر ۾ ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنهنجي سماجي قدرن کي ٻيهر ياد ڪريون۔ تعليم، شعور ۽ سماجي ذميواريء جي ذريعي ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪجي تہ معاشري جي سونهن رڳو عمارتن يا شاهراهن سان نہ هوندي آهي، پر ماڻهن جي اخلاق، احساس ۽ همدرديء سان ٿيندي آهي۔ جيڪڏهن ماڻهو هڪ ٻئي جي درد کي محسوس ڪرڻ سکي وٺن تہ پوءِ سماج ۾ ڪيترائي مسئلا پاڻمرادو حل ٿي سگهن ٿا۔
سنڌ جي فڪري روايتن ۾ اها اميد هميشه موجود رهي آهي ته انسانيت جي روشني ڪڏهن به مڪمل طور تي وسامي نٿي سگهي۔ ڪڏهن ڪڏهن اهو چراغ ڌنڌلو ضرور ٿي وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي دلين ۾ سچائي ۽ لڄ جي باهه کي زندهه رکن تہ اهو چراغ ٻيهر روشن ٿي سگهي ٿو۔
سنڌ جي انهيءَ فڪر کي چند سٽن ۾ سموئندي چيو ويو آهي ته
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا۔
(جيئي لطيف)
________________

حڪيم پريم چاندواڻي ھڪ شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



