Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

قديم ۽ جديد دور ۾ عزت ۽ غيرت جا تصور: سنڌي سماج ۽ عالمي منظرنامو

حقيقي عزت اها آهي جيڪا انسانيت، انصاف، برداشت ۽ باهمي احترام تي ٻڌل هجي ۽ اهڙي غيرت جيڪا سماجي اڏاوت ڪري، نه ڪي ڪنهن جي تباهيء جو سبب بڻجي.

اسان جي سنڌي سماج ۾ عزت توڙي غيرت جا تصور تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي روايتن سان گهريءَ طرح جڙيل رهيا آهن. صدين کان وٺي اهي قدر ڪٽنبي، برادري ۽ سماجي سڃاڻپ جو اهم حصو به سمجهيا ويا آهن.

اڳي غيرت جو مطلب پنهنجي زمين جي حفاظت يا عورت، خاندان ۽ برادريء جي نيڪنامي سمجهيو ويندو هئو. پر ڪجهه حالتن ۾ انهيء تصور کي غلط سمجهي، ان کي جبر، تشدد يا سخت سماجي پابندين جو جواز به بڻايو ويو، جيڪو سماج لاءِ نقصانڪار رهيو آهي.

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

عزت عربي لفظ ”عِزّ“ مان نڪتل آهي، جنهن جي لفظي معني وقار، احترام، آبرو، مانَ، قدر يا ڪنهن به ماڻهوء کي مٿانهين حيثيت ڏيڻ واري نڪري ٿي. جڏهن ته عزت کي ٻئي رخ سان جاچبو ته ان جي شڪل به هيٺين ريت بيهندي، ڪنهن شخص يا شئي کي ان جي اصل قدر ۽ قيمت جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ ان جو ايترو احترام ۽ قدر ڪرڻ جيتري ان ۾ خوبي موجود هجي. انهيء سلسلي ۾ عزت بابت اها ڳالهه به لاڳو ٿئي ٿي ته، اتفاق سان ڪنهن شخص يا شئي جي ڪا خاص اهميت يا ضرورت نه هجڻ باوجود مڪمل طور تي کيس رد نه ڪرڻ يا سندس هروڀرو بيعزتي ڪرڻ به ناهي پر، کيس مناسب لفظن سان نوازڻ يا سٺي رويي سان موٽائڻ به آهي۔ ڇو جو ٻئي کي عزت ڏيڻ يا بيعزتي نه ڪرڻ سان ئي موٽ ۾ عزت ملندي آهي۔

بلڪل اهڙي طرح غيرت به عربي ٻوليءَ مان آيل لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ بيهي ٿي حمِيت يعني حفاظت جو احساس، خودداري، اصولن جي پاسداري ۽ پڻ ڪٿي ۽ ڪنهن مهل يا مخصوص وقت تي ڪو ناپسنديدگيء جو احساس پيدا ٿي به پوي، تڏهن به ڪنهن جي دل نه رنجائڻ يا ڇيهو نه رسائڻ وارا عمل شامل آهن۔ اتفاق سان جڏهن ڪا ڳالهه عزت يا حدن جي خلاف هجي، تڏهن به مخالف مٿان اوچتو يا لڪي هلان ۽ حملو نه ڪرڻ کي به غيرت چيو ويندو آهي. مطلب ته غيرت جو بنيادي مطلب هي نڪري ٿو ته، ڪوبه غيرت جو مظاهرو ڪرڻ وارو پنهنجي توڙي ڪنهن ٻئي جي سمورن قدرن، حقن ۽ حدن جي حفاظت ڪندي، پنهنجو اندروني جذبو ڏيکاري ته، ان عمل کي غيرت چئي سگهجي ٿو۔

عزت ۽ غيرت جو جيڪڏهن مختصر فرق ظاهر ڪبو ته صورتحال هيٺئين ريت بيهندي، عزت جي معني ڪنهن ٻئي هڪ ماڻهوء يا سماج مان حاصل ڪيل وقار ۽ احترام جو نالو آهي، جنهن ۾ عزت حاصل ڪرڻ واري ماڻهوء جو پنهنجو رويو به مددگار ثابت ٿيندو آهي۔ لکڻ جو مطلب ۽ مقصد اهو آهي ته، جيڪڏهن توهان ڪنهن جي مناسب عزت نه ڪندا ته، توهان کي به ساڳئي عزت نه ملندي۔ جڏهن ته غيرت، اندروني احساس جيڪو انسان کي پنهنجي عزت، قدرن ۽ حدن جي حفاظت تي آماده ڪري ٿو. سادن لفظن ۾، عزت انسان جو مانُ آهي ۽ غيرت ان مانَ جي حفاظت جو جذبو آهي۔ اهو سڀ لکڻ جو مطلب اهو نڪري ٿو ته، اهي ٻئي اهم جذبا انسان جي اندروني ڪيفيتن سان گڏجي خارجي عمل دخل سان مڪمل ٿين ٿا۔

اسان جي سنڌي سماج ۾ عزت توڙي غيرت جا تصور تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي روايتن سان گهريءَ طرح جڙيل رهيا آهن. صدين کان وٺي اهي قدر ڪٽنبي، برادري ۽ سماجي سڃاڻپ جو اهم حصو به سمجهيا ويا آهن. روايتي طور تي عزت کي انسان جي پنهنجي يا خاندان جي نيڪنامي، مهمان نوازي، وعدي جي پاسداري ڪرڻ توڙي هر دئور جي گهرو کان وٺي سماجي ذميوارين جي ادائگيء سان جوڙيو ويو آهي. جڏهن ته غيرت جو تصور سنڌي سماج ۾ اڪثر حفاظت، ذميواري نڀائڻ ۽ اصولن تي قائم رهڻ سان لاڳاپيل رهيو آهي. ڏور ماضيء ۾ پاڻ وٽ غيرت جو مطلب پنهنجي زمين جي حفاظت يا عورت، خاندان ۽ برادريء جي نيڪنامي سمجهيو ويندو هئو. پر ڪجهه حالتن ۾ انهيء تصور کي غلط سمجهي، ان کي جبر، تشدد يا سخت سماجي پابندين جو جواز به بڻايو ويو، جيڪو سماج لاءِ نقصانڪار رهيو آهي.

وقت، جيڪو ڪڏهن به هڪ جاء تي ناهي بيٺو، نه ئي ڪنهن جي انتظار ۾ پنهنجي رفتار گهٽائيندو يا وڌائيندو آهي، اهو جڏهن اڳتي وڌندو ويندو آهي ته، پاڻ سان گڏ حالتن جي هيئت تبديل ۽ حياتين جا رويا به مٽائيندو ويندو آهي ۽ ڏسندي ڏسبدي ڪيتريون ئي اهڙيون تبديليون رونما ٿي وينديون آهن جيئن ڪو ماڻهو ٻالڪپڻ مان جوانيء ۾ داخل ٿيندو آهي ته کيس هڪ مان ٻن ٿيڻ جي آس جاڳندي آهي ۽ جڏهن هو شادي ڪندو آهي ته ٻن مان ٽي ۽ چار ساڻس گڏ هوندا آهن، اهڙيء طرح جڏهن پوڙهائپ جي پيٽي تي پير پوندو اٿس ته ساڻس، ڏوهٽاڻ ۽ پوٽاڻ سان گهر ڀرجي ويندو اٿس، بلڪل ايئن ئي وقت وڌڻ سان نواڻ، ان جي ڄاڻ هر شعور واري کي جلد پئجي ويندي آهي۔

هلندڙ دور ۾ تعليم، شهري زندگي، سرڪاري ميڊيا کان سوشل ميڊيا تائين واڌ ۽ دنيا ليول تي انساني حقن بابت وڌندڙ شعور سبب عزت ۽ غيرت جا نوان مطلب سامهون اچي رهيا آهن. اڄ ڪيترائي ماڻهو نه رڳو روايتن سان پر عزت کي فرد جي وقار، برابري، ايمانداري ۽ قانون جي احترام سان به ڳنڍين ٿا. ساڳيء طرح غيرت کي هاڻي صبر، برداشت، سچائي ۽ ظلم جي مخالفت جي صورت ۾ ڏسڻ جي ڪوشش به وڌي رهي آهي. موجوده وقت ۾ سنڌي سماج لاءِ اهم چيلينج اهو به پيدا ٿي رهيو آهي ته، روايتي قدرن ۽ جديد کان جديد ٿيندڙ سوچن ۾ توازن ڪيئن قائم ڪجي. اهڙو عزت ۽ غيرت وارو تصور جيڪو انسانيت، انصاف ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هجي، سماج کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته تشدد ۽ ناانصافيء تي ٻڌل سوچ سماجي ترقيء ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. مختصر طور، سنڌي سماج ۾ عزت ۽ غيرت جا تصور بدلجندڙ ٿي پيا آهن. انهن ۾ مثبت تبديلي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انهن قدرن کي انساني وقار، علم ۽ شعور سان هم آهنگ ڪيو وڃي، جيئن سماج وڌ ۾ وڌ منصفاڻو، پرامن ۽ باوقار بڻجي سگهي۔

ڏور ماضيء يعني قديم سنڌو تهذيب مان به ڄاڻ پئي ٿي ته، سماج منظم، قانون پسند ۽ اجتماعي ذميوارين تي ٻڌل هئو. انهيء وقت عزت توڙي غيرت وارا تصور فرد جي سٺي شهري حيثيت، ايمانداري ۽ سماجي ذميواريء سان جڙيل هئا، نه ڪي طاقت يا تشدد سان. اهي عزت ۽ غيرت جهڙا جذبا سماجي نظم و ضبط ۽ گڏيل مفادن جي حفاظت جي صورت ۾ موجود هئا. جڏهن ته ويدڪ ۽ هندو سماج ۾ به عزت کي ڌرم (فرض) ڪرم (عمل) ۽ سچائيء سان ڳنڍيو ويو. ماڻهوءَ جي عزت سندس ڪردار، واعدي جي پابندي ۽ سماجي فرض نڀائڻ سان ماپي ويندي هئي ۽ غيرت جو تصور ان جي خودداري، خاندان جي نالي جي حفاظت ۽ ڌرم جي ڀڃڪڙي خلاف بيهڻ جي صورت ۾ هئي. اهڙيء طرح ٻڌ ڌرم جي دور ۾ به سنڌ اندر عدم تشدد، همدردي ۽ انساني وقار تي زور ڏنو ويو. عزت جو تصور انسان جي اندروني اخلاق، سچائي ۽ ٻين لاءِ رحم سان جڙيل هو. انهيء وقت غيرت پڻ جارحيت نه، پر غلط ڪم کان پاڻ کي روڪڻ ۽ ظلم خلاف اخلاقي بيچينيء جي صورت ۾ موجود هئي.

اسلام کان اڳ به سنڌ جي قبيلائي روايتن به جيڪي پنهنجا اثر ڇڏيا. انهن ۾ عزت خاندان، بهادري، مهمان نوازي ۽ واعدي جي پاسداري سان لاڳاپيل هئي ۽ غيرت بهادري، خودداري ۽ دشمن آڏو جهڪڻ کان انڪار جي علامت هئي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن سخت ردعمل ۾ به تبديل ٿي ويندي هئي. اهڙيء طرح عربي اثرن کان اڳ به سنڌ ۾ عزت ۽ غيرت جا تصور موجود هئا، جيڪي مقامي تهذيب، سماجي ڍانچي ۽ فڪري روايتن مان نڪتل هئا. اهي تصور مذهبي، ثقافتي ۽ قبيلائي صورتن ۾ نظر اچن ٿا. جڏهن ته اسلام کان اڳ به سنڌي فڪر ۾ انسانيت، سچ ۽ ڌرتيءَ سان وابستگي اهم هئي. ڌرتي، ماءُ ۽ سماج جي عزت ڪرڻ کي وڏو قدر سمجهيو ويندو هئو، جيڪو بعد ۾ صوفي شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار ۽ نواڻ سان سامهون آيو. عربي اثر کان اڳ سنڌ ۾ عزت ۽ غيرت جا تصور مذهبي قانون کان وڌيڪ سماجي اخلاق، ڌرم، ڪردار ۽ ڌرتيءَ سان وفاداري تي ٻڌل هئا. اسلام کانپوء ساڳين تصورن کي نئون اخلاقي ۽ روحاني رخ مليو، پر بنياد پوء به مقامي تاريخ ۽ تهذيب ۾ اڳ ئي موجود هئو.

شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سنڌي صوفي فڪر جي روشنيء ۾ عزت ۽ غيرت جو تصور مختصر ۽ واضح نموني هيء بيهي ٿو. شاهه لطيف وٽ عزت طاقت، رت يا قبيلائي غرور ۾ نه، پر ڪردار، سچ ۽ وفا ۾ آهي. شاهه وٽ عزت سچ ڳالهائڻ، واعدي تي قائم رهڻ ۽ انسانيت سان جڙيل آهي. سسئي، مارئي ۽ نوري جهڙن ڪردارن کي عزت سندن پاڪيزه ارادي، صبر ۽ اصولن سبب ملي ٿي، نه ڪي ڪنهن سماجي حيثيت سبب. جڏهن ته ڀٽائيء وٽ غيرت تشدد نه، پر ضمير جي جاڳ آهي. مارئيءَ جي غيرت پنهنجي ڌرتي ۽ سڃاڻپ سان وفاداري آهي، جيڪا بادشاهي آسائشن ۽ آرامن کي به رد ڪري ٿي. سچل وٽ عزت ۽ غيرت جو تصور وڌيڪ روحاني آهي. هو پنهنجي شاعريء ذريعي ٻڌائي ٿو ته، انسان جي عزت ان ۾ آهي ته، هو پاڻ کي سڃاڻي، نفرت، تڪبر ۽ منافقت کان آزاد ٿئي. سچل سرمست وٽ عزت انسان جي اندروني سچائي آهي. جڏهن ته سچل وٽ غيرت عشق جي شدت آهي، اها غيرت جيڪا انسان کي غلامي، ڪوڙ ۽ ظلم قبول ڪرڻ نه ٿي ڏئي پر انسان کي حق ڳالهائڻ جو حوصلو ڏئي ٿي.

اهڙيء طرح سنڌي صوفي فڪر ۾ مجموعي تصور هينئن بيهي ٿو، عزت معني انسانيت، عاجزي، سچ ۽ محبت۔ جڏهن ته غيرت جي معني ظلم خلاف بيهڻ، ضمير جي حفاظت ۽ خودداري کي قائم رکڻ۔ هتي غيرت ڪنهن ٻئي تي ظلم ڪرڻ جو نالو ناهي، پر پاڻ کي ظلم کان بچائڻ جو نالو آهي. اهڙيء طرح روايتي سوچ ۾ عزت جي معني سماجي ڪنٽرول جنهن جي واضع مطلب اهو ڪڍي سگهجي ٿو ته قبيلن ۽ قبيلي وارن جي ريتن رسمن سان پيار ۽ غيرت جي معني سخت ردعمل ڏيکارڻ۔ اهڙيء طرح صوفي سوچ ۾ عزت جي معني اخلاقي ڪردار يعني انسان ذات يا انسانيت سان پيار ۽ غيرت ضمير جي جاڳ۔ هن سڄي موضوع جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته، سنڌي صوفي فڪر ۾ عزت ۽ غيرت زندگي بچائڻ وارا قدر آهن، نه ڪي ڪنهن جي زندگي کسڻ وارا. اهي انسان کي وڌيڪ انسان بڻائن ٿا، نه ڪي سخت، ظالم يا انتهاپسند۔

هاڻي پاڻ اچون ٿا عالمي منظرنامي ۾ عزت ۽ غيرت جي پرک ڪرڻ جيڪي انساني سماج جا بنيادي قدر آهن، جيڪي هر دور ۽ هر تهذيب ۾ مختلف شڪلين ۾ موجود رهيا آهن. عالمي منظرنامي ۾ يعني مختلف ملڪن، ثقافتن ۽ سماجي نظامن جي حوالي سان عزت ۽ غيرت جا تصور وقت سان گڏ تبديل به ٿيا آهن ۽ نوان مطلب به اختيار ڪيا آهن. روايتي سماجن ۾ عزت ۽ غيرت اڪثر ڪري خاندان، قبيلن ۽ سماجي سڃاڻپ سان ڳنڍيل رهيا آهن. فرد جي رويي کي سڄي خاندان يا برادريء جي عزت سان جوڙيو ويندو هئو پر جديد عالمي سماج ۾ عزت جو تصور وڌيڪ فردي حقن، انساني وقار، برابري ۽ قانون جي حڪمرانيء سان لاڳاپيل ٿي ويو آهي. عالمي سطح تي انساني حقن جون تحريڪون عزت کي هر انسان جو فطري حق سمجهن ٿيون، بنا ڪنهن نسل، جنس، مذهب يا قوميت جي فرق جي. هتي غيرت جو مطلب هاڻي تشدد يا جبر نه، پر پنهنجي اصولن، قدرن ۽ سچائي تي قائم رهڻ بڻجي رهيو آهي. جڏهن کان ميڊيا، عالمي رابطن ۽ گلوبلائيزيشن سبب مختلف ثقافتون هڪ ٻئي جي ويجهو آيون آهن. ان سان گڏوگڏ اهو چيلينج به پيدا ٿيو آهي ته ڪيئن روايتي عزت ۽ غيرت جي تصورن کي جديد عالمي قدرن سان هم آهنگ ڪجي، جيئن انساني وقار به محفوظ رهي ۽ سماجي هم آهنگي به برقرار رهي. مختصر طور، عالمي منظرنامي ۾ به عزت ۽ غيرت جا تصور جامد ناهن پر اهي متحرڪ آهن. اڄ جي دنيا ۾ حقيقي عزت اها آهي جيڪا انسانيت، انصاف، برداشت ۽ باهمي احترام تي ٻڌل هجي ۽ اهڙي غيرت جيڪا سماجي اڏاوت ڪري، نه ڪي ڪنهن جي تباهيء جو سبب بڻجي.

___________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button