گڏيل عرب امارتن تي حملن ۾ 30 ملڪن جا شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا
عرب امارتن جي پڌرائيءَ موجب حملن ۾ هٿياربند فوج جا ٻه ميمبر پنهنجي قومي ذميواري نڀائڻ دوران شهيد ٿي ويا، ان کان علاوه هٿياربند فوج سان معاهدي تي ڪم ڪندڙ هڪ مراڪشي شهري، ۽ گڏوگڏ پاڪستاني، نيپالي، بنگلاديشي، فلسطيني ۽ هندستاني قوميتن جا اٺ فرد پڻ شهيد ٿيا. مجموعي طور تي 188 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا

حبيب تومي
مناما: سرڪاري انگن اکرن موجب، ايران پاران گڏيل عرب امارات (UAE) تي ڪيل سوين ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ 30 ملڪن جا ماڻهو مارجي ويا آهن يا زخمي ٿيا آهن.
گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ”انهن ايراني حملن جي شروعات کان وٺي، يو اي اي جي فضائي دفاعي نظام 433 بلسٽڪ ميزائلن، 19 ڪروز ميزائلن ۽ 1,977 يو اي ويز (ڊرونز) کي نشانو بڻائي ناڪاره بڻايو آهي.“
وزارت موجب: ”انهن حملن جي نتيجي ۾ هٿياربند فوج جا ٻه ميمبر پنهنجي قومي ذميواري نڀائڻ دوران شهيد ٿي ويا، ان کان علاوه هٿياربند فوج سان معاهدي تي ڪم ڪندڙ هڪ مراڪشي شهري، ۽ گڏوگڏ پاڪستاني، نيپالي، بنگلاديشي، فلسطيني ۽ هندستاني قوميتن جا اٺ فرد پڻ شهيد ٿيا آهن.“
وزارت چيو ته مجموعي طور تي 188 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن جي زخمن جي ڪيفيت معمولي، وچولي ۽ سخت هئي.
زخمين جي لسٽ ۾ 29 ملڪن جا ماڻهو شامل هئا. وزارت چيو ته اهي گڏيل عرب امارات، مصر، سوڊان، ايٿوپيا، فلپائن، پاڪستان، ايران، هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، آذربائيجان، يمن، يوگنڊا، ايريٽيريا، لبنان، افغانستان، بحرين، ڪوموروس، ترڪي، عراق، نيپال، نائيجيريا، عمان، اردن، فلسطين، گھانا، انڊونيشيا، سوئيڊن ۽ تيونس جا شهري هئا.
اڱاري تي، يو اي اي جي فضائي دفاعي نظام ايران تان فائر ڪيل اٺ بلسٽڪ ميزائلن، چئن ڪروز ميزائلن ۽ 36 ڊرونز کي روڪيو.
هن هفتي، خليجي تعاون ڪونسل (GCC) جي سربراهه، جنهن ۾ بحرين، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، چيو ته گذريل اربع جي رات تائين ايران سڄي جي سي سي ملڪن جي اهم انفراسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن تي ڪل 4,391 ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا آهن، جيڪا هڪ وڏي ۽ خطرناڪ تيزي (Escalation) جي نشاندهي ڪري ٿي.
انگ اکر ٻڌائين ٿا تہ يو اي اي تي سڀ کان وڌيڪ حملا ٿيا، جنهن تي 2,156 ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا ويا.
سعودي عرب کي 723 ڀيرا نشانو بڻايو ويو، ان کان پوءِ ڪويت تي 791 حملا، بحرين تي 429، قطر تي 270، ۽ عمان تي 22 ڊرون حملا ڪيا ويا.
ڇهن ملڪن جي هيڊ ڪوارٽر رياض ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم البداوي چيو ته ايران جي ميزائلن ۽ ڊرونز جو لڳ ڀڳ 83 سيڪڙو جي سي سي رياستن ڏانهن هو، جڏهن ته صرف 17 سيڪڙو اسرائيل کي نشانو بڻايو ويو.
______________

حبيب تومي بحرين ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي



