Editor's pickMain Slideدنياڪالم

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙھيل جنگ سموري دنيا لاء نئون سبق ثابت ٿيندي

جيتوڻيڪ جنگ کان اڳ به عام حالتن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا ڪروڙين ماڻهو، غربت جي لڪير هيٺ آيل هئا، پر ھن جنگ کانپوءِ دنيا ۾ غربت ٻيڻ کان ٽيڻ تائين وڌي سگهي ٿي، ڇو تہ وڏن ملڪن جي ترقيءَ جي رفتار گھڻي حد تائين گهٽجي ويندي، جو انهن جو ڪاروبار پڻ ننڍن ملڪن جي ڪاروبار سان سلهاڙيل هوندو آهي۔

لڳي ٿو اسرائيل ۽ آمريڪا هن ڀيري ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ سندن ئي شروع ڪيل جنگ مان جند ڇڏائڻ به مشڪل ٿي پيو اٿن، نتيجي طور هو هاڻي انتهائي ڪريل حرڪتن تي لهي ايران جي مختلف شهرن جي اهڙين جاين تي حملا ڪري رهيا آهي، جيڪي بين الاقوامي ڀڃڪڙيءَ ۾ اچن پيا۔

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل تصوير

حميد منگي

اٺاويھين فيبروريءَ کان ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جيڪا زبردستيءَ واري جنگ مڙهي آهي، ان سان رڳو ايران ۽ عرب ملڪن جو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو آهي پر، خود اسرائيل جي به وڏي تباهي ٿي آھي۔ حالتون ٻڌائن ٿيون ته جيتوڻيڪ آمريڪا اهڙي جنگ جون تياريون اڳ ۾ ڪندي، گرين لينڊ تي حملو ڪري پاڻ وٽ تيل جو وڏو ذخيرو جمع ڪرڻ کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن تي وڌيڪ ٽيرف مڙهي، مالي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکي اڳواٽ بندوبست ڪري بعد ۾ جنگ شروع ڪئي هئي، پر پوء به ان جو توقع کان وڌيڪ مالي نقصان ٿي چڪو آهي۔

گذريل هڪ مهيني کان بنا وقفي سان هلندڙ جنگ جا منفي اثر نہ رُڳو جهيڙيندڙ ملڪن تي پئجي چڪا آهن پرگڏوگڏ دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪاروباري منڊيون به ويهجي ويون آهن۔ جنهن جو هڪ ثبوت اھو آھي تہ  دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن پاران سادگي اپنائڻ وارا عملي قدم کڄي چڪا آهن ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان سميت ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٽہ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ٿيڻ جا افواھ پکڙيل آھن جنهن سان نه رڳو دنيا جي ترقيء جي رفتار سست ٿيندي، گڏوگڏ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ واڌ سان گڏ انهن جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿينديون۔

جيتوڻيڪ جنگ کان اڳ به عام حالتن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا ڪروڙين ماڻهو، غربت جي لڪير هيٺ آيل هئا، پر ايران، اسرائيل، آمريڪا جنگ کانپوءِ توڙي ايندڙ وقت ۾ دنيا ۾ غربت ٻيڻ کان ٽيڻ تائين وڌي سگهي ٿي، جنهن سان وڏن ملڪن جي ترقيءَ جي رفتار وڏيءَ حد تائين گهٽجي ويندي، جو انهن جو ڪاروبار پڻ ننڍن ملڪن جي ڪاروبار سان ڳنڍيل يا سلهاڙيل هوندو آهي۔ جن ملڪن جي قيادت سمجهه ڀري آهي، اهي حالتن جو درست رخ ۾ اندازو لڳائي، آمريڪا ۽ اسرائيل کي لڳاتار خبردار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي بچاءَ لاء به ضروري قدم کڻي رهيا آهن۔ جڏهن ته هو آمريڪا جي ساٿ ڏيڻ وارين اپيلن تي به ڪن لاٽار ڪن ٿا ۽ کيس کوڙ سارن موقعن تي کتو جواب به ڏئي چڪا آهن، پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ واري هوڏ قائم آهي، جنهن کي ڏسي اهي ان ڳالهه جو اندازو لڳائي چڪا آهن ته، سندن ملڪن جي ترقيء جي رفتار ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ضرور ٿي سگهي ٿي۔

اصل ۾ ترقي يافته ملڪ برطانيه، فرانس، جرمني ۽ اسپين سميت نيٽو جا اڪثر ملڪ انهيءَ جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ بدران بچڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر، انهن جي بچاءَ وارين پاليسين باوجود، اتان جي ترقيءَ جي رفتار خطري جي حد تائين گهٽجي رهي آهي، جنهن جو اثر انهن غريب ملڪن تي وڌيڪ پوندو، جيڪي رڳو امدادن ۽ قرضن تي هلي رهيا آهن۔ نتيجو اهو نڪرندو ته پوري دنيا ۾ بک، بيرورگاري، بدحالي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا غريب ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻا پوندا۔ جڏهن ته دنيا جي حڪمرانن کي اها خبر به پئجي چڪي آهي ته، گذريل صديءَ وارين ٻن عالمي جنگين جي ڀيٽ ۾ موجوده جنگ جيڪڏهن اڃا وڌيڪ عرصو ڊيگهه ورتي ته، هڪ ٻن ملڪن لاء نه پوري دنيا لاءِ مشڪلات پيدا ڪري سگهن ٿيون۔

هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج ڪرڻ لاء جيڪا جنگي حڪمت عملي جوڙي هئي، اصل ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي مظاهرا ٿيا آهن، ان مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته جيسيتائين ايران ۾ رجيم چينج ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ خود آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ رجيم چينج جا آثار ظاهر ٿي پيا آهن۔ نتيجي طور آمريڪا ۽ اسرائيل ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اعليٰ قيادتن جا پير پڪڙي کين ٽياڪڙي ڪري جنگبندي ڪرائڻ وارين ڪوششن ۾ آهن پر ايران پاران جيڪي شرط موٽ ۾ مليا اٿن اهي اسرائيل ۽ آمريڪا جيڪڏهن مڃي ورتا ته سندن ساک متاثر ٿيندي۔ لڳي ٿو اسرائيل ۽ آمريڪا ٻئي ملڪ هن ڀيري ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن۔ جنهن مان سندن جند ڇڏائڻ به مشڪل ٿي پيو آهي، نتيجي طور هو هاڻي انتهائي ڪريل حرڪتن تي لهي ايران جي مختلف شهرن جي اهڙين جاين تي حملا ڪري رهيا آهي، جيڪي بين الاقوامي ڀڃڪڙيءَ جي ذمري ۾ اچن پيا۔

جيتوڻيڪ جنگ ۾ ڪهڙي ڌر جو پلڙو ڀاري ٿيندو، ان بابت ته ڪا اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي، پر اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، جنگ بابت جيڪا توقع اسرائيل ۽ آمريڪا کي هئي، اها پوري ٿيڻ تائين انهن ٻنهي ملڪن جو چڱو ڀلو ڪٻاڙو ٿي چڪو هوندو۔ خود انهن جو عوام کين سٺو سبق سيکاريندو۔ جڏهن ته ٻئي پاسي جيڪي عرب ملڪ آمريڪا تي ڀاڙيندا هئا يا پنهنجا اڏا بيخوف ٿي استعمال ڪرڻ لاء ڏيندا هئا، اهي به ايندڙ وقت ۾ شايد وري اهڙيون غلطيون ٻيهر نه ورجائيندا۔ بهرحال فتح جنهن جي ٿي اها ته ٿيندي، پر پوري دنيا لاء هڪ نئون سبق ضرور ڇڏي ويندي ته هاڻي جنگ سان رڳو جهيڙيندڙ ملڪن جو نقصان نه ٿيندو پر جيڪي ملڪ اڻ ڌريا رهندا انهن کي به ٿوري گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پوندي۔ اصل ۾ هاڻي اهو دور ناهي رهيو جيڪو گذريل صديءَ وارين اڳين ٻن عالمي جنگين ۾ هو۔

_________________ 

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button