ايران ۾ اسرائيلي حملي ۾ تباھ ٿيل اسڪول جو دورو ڪندڙ پرڏيهي صحافين تي حملو
آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا سان تعلق رکندڙ آزاد صحافي ايراني ٽيليويزن جي نمائندن سان گڏ ميناب اسڪول جي رپورٽنگ لاءِ اتي ويا هئا. صحافي دورو مڪمل ڪري علائقي مان نڪري رهيا هئا ته ڊرون حملو ٿيو
آچر جي صبح تهران ۾ ٿيندڙ ميزائل حملي ۾ قطري چينل ’العربيه ٽي وي‘ جي آفيس پڻ تباهه ٿي وئي. نيوز چينل موجب، عمارت جي تباهيءَ سبب لائيو نشريات جو سلسلو رڪجي ويو آهي.

تحرير: علي رضا بهرامي
تھران: ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي صحافين جي هڪ گروپ ڏکڻ ايران ۾ بمباري جو نشانو بڻيل هڪ اسڪول جي ماڳ جو دورو ڪيو. بعد ۾ اعلان ڪيو ويو ته صحافين جي اتان نڪرڻ کان فوراً پوءِ هڪ ڊرون ذريعي ان تباهه ٿيل اسڪول تي حملو ڪيو ويو.
هرمزگان جي ڊپٽي پوليٽيڪل گورنر، احمد نفيسي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا سان تعلق رکندڙ آزاد صحافي ايراني ٽيليويزن جي نمائندن سان گڏ ميناب اسڪول جي رپورٽنگ لاءِ اتي ويا هئا. هي اسڪول ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي پهرين ڏينهن ٻن ميزائلن لڳڻ ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 170 شاگرد ۽ استاد شهيد ٿي ويا هئا.
مقامي آفيسر ان ڪارروائي کي شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ صحافين ۾ خوف و هراس وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي هڪ سازش قرار ڏنو.
ايراني ٽيليويزن جي هڪ صحافي جو چوڻ هو ته: “اسان دورو مڪمل ڪري علائقي مان نڪري ئي رهيا هئاسين ته ڊرون ان جڳهه کي نشانو بڻايو جتي اسان تباهه ٿيل اسڪول ۾ موجود هئاسين.”

تنهن هوندي، حملو ڪندڙ ڊرون ڪٿان آيو هو، ان بابت اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو ۽ نه ئي ايراني وزارتِ ثقافت جي ميڊيا آفيس ان تي ڪو موقف اختيار ڪيو آهي.
آچر جي صبح تهران ۾ ٿيندڙ ميزائل حملي ۾ قطري چينل ’العربيه ٽي وي‘ جي آفيس پڻ تباهه ٿي وئي. نيوز چينل موجب، عمارت جي تباهيءَ سبب لائيو نشريات جو سلسلو رڪجي ويو آهي.
العربيه ٽي وي جي تهران آفيس جي ڊائريڪٽر، حازم ڪلاس چيو ته: “ٽي وي سينٽر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ڇت اسان جي مٿان اچي ڪري، پر خوش قسمتيءَ سان منهنجا ساٿي محفوظ آهن.”
هن وڌيڪ چيو ته: “اسان جي عمارت مڪمل طور تي تجارتي آهي ۽ ان جي گرائونڊ فلور تي هڪ ڪافي شاپ (قهوه خانو) آهي.”
حازم ڪلاس ان ڳالهه تي زور ڏنو ته: “بين الاقوامي قانون اسان کي تحفظ فراهم ڪن ٿا ۽ صحافت ڪو ڏوهه ناهي.”
حملي کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ ايراني وزارتِ ثقافت جي ڊپٽي ميڊيا آفيسر العربيه جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ ان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
_____________
علي رضا بهرامي، تهران ۾ رھندڙ هڪ سينيئر صحافي آهي. هو سيول ۾ قائم ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو ميمبر آهي
The AsiaN انگريزي سروس جي ٿورن سان



