ڏکڻ ايشيا جي توانائيءَ جي سلامتي: هڪ ئي رستي تي ڦاٿل ٽي ملڪ
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙھيل جنگ جي ڪري تيل جي رسد گھٽجڻ سبب متاثر ٿيل ٽن ملڪن سريلنڪا، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي صورتحال جو جائزو
سري لنڪا، جيڪو پنهنجي ننڍڙي معيشت ۽ اڳي ئي ڪمزور پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن سان هن بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، اُتي تيل لاءِ قطارن وارو نظام ۽ حڪومت پاران هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم وارو سلسلو ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي. عوام ۾ اهو خوف پيدا ٿي ويو آهي ته ڪٿي 2022 واريون ڊگهيون قطارون ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ وارو عذاب ٻيهر نه موٽي اچي.

تحرير: ليو نيروشا درشن
ڪولمبو: جنوري 2026 ۾، ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته ڏکڻ ايشيا جو توانائي جو نقشو هڪ نئين صبح ڏانهن وڌي رهيو آهي. هر شيءِ هڪ خوشگوار ماحول جي عڪاسي ڪري رهي هئي: پاڪستان ۾ گئس جي واڌارو اُپت، بنگلاديش پاران قطر انرجي سان ڪيل تاريخي 15 ساله معاهدي جي پهرين کيپ جي آمد، ۽ سري لنڪا جي مستحڪم معاشي اڳڀرائي، جيڪو 2022 جي قرضن واري بحران مان نڪري رهيو هو. پر، ايندڙ ستن هفتن اندر صورتحال بلڪل بدلجي وئي.
مارچ جي شروعات ۾ هرمز لنگھ جي مڪمل بندش، ۽ ان کان پوءِ قطر انرجي پاران راس لافان (دنيا جو سڀ کان وڏو ايل اين جي ٽرمينل) تي ’فورس ميجر‘ (ناگزير حالتون) جي اعلان ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو. اهي ئي معاهدا جيڪي توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيا ويا هئا، اڄ انهن ملڪن لاءِ هڪ معاشي ڦاھو بڻجي ويا آهن.
ڏکڻ ايشيا جي توانائيءَ جي طلب عرصي کان خليجي ملڪن تي انحصار جي چوڌاري گهمي ٿي. 2025 جي انگن اکرن موجب، پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش پنهنجي ايل اين جي (LNG) درآمدات جو وڏو حصو قطر ۽ گڏيل عرب امارات مان حاصل ڪيو. خاص طور تي، پاڪستان پنهنجي خام تيل جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ هن خطي مان گهرائيندو هو. جڏهن ته بنگلاديش جي توانائيءَ جي ضرورتن جو 95 سيڪڙو درآمدات تي ٻڌل آهي.
هاڻوڪي تيز ٿيندڙ ايران-اسرائيل-آمريڪا تڪرار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ عالمي توانائي جي بحران هڪ اهم سبق سيکاريو آهي. 2026 جي بحران اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڪنهن به خطي جي مڪمل سپلاءِ کي صرف هڪ ئي سامونڊي رستي جي حوالي ڪرڻ ڪيتري وڏي اسٽريٽجڪ ناڪامي آهي.
ڏکڻ ايشيا جو ايل اين جي تي انحصار حادثاتي نه هو؛ اهو گذريل بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ڪيل پاليسي فيصلن جو نتيجو هو. جڏهن بنگلاديش جي گهريلو گئس جي صلاحيت ختم ٿي وئي ته 2022 ۾ ايل اين جي جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. پاڪستان مڪمل بندش جي ويجهو هو ۽ سري لنڪا پنهنجا سمورا پرڏيهي ذخيرا وڃائي چڪو هو، جنهن ڪري انهن ملڪن هڪ “محفوظ” رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي.
جڏهن 2022 ۾ روس-يوڪرين جنگ شروع ٿي ته يورپي ملڪن عالمي ايل اين جي مارڪيٽ کي پنهنجي حق ۾ موڙي ڇڏيو. ان وقت ڏکڻ ايشيائي ملڪن لاءِ مهانگي اگھ تي گئس خريد ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو. ان کان بچڻ لاءِ، حڪومتن سپلاءِ کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڊگهي مدت جي معاهدن جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. اهو منطق ان وقت درست لڳي رهيو هو، پر انهن معاهدن ۾ هڪ اهم پهلو نظرانداز ڪيو ويو: ڇا رسد جو رستو محفوظ آهي؟ اڄ، جڏهن هرمز لنگھ بند آهي، اهي معاهدا رڳو ڪاغذ جا ٽڪرا بڻجي ويا آهن.
قومن جي موجوده حالت
جُون 2023 ۾ بنگلاديش پاران قطر سان ڪيل 15 ساله معاهدي کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو هو. پر پهرين کيپ پهچڻ جي صرف ستن هفتن کان پوءِ قطر پاران سپلاءِ معطل ڪرڻ بنگلاديش لاءِ وڏو جهٽڪو ثابت ٿيو. ايراني حملن سبب قطر جي پيداواري صلاحيت 17 سيڪڙو متاثر ٿي آهي، جنهن کي بحال ٿيڻ ۾ پنج سال لڳي سگهن ٿا. نتيجي طور، بنگلاديش سموريون يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ بجلي بچائڻ لاءِ سخت پابنديون لڳايون آهن.
پاڪستان جي صورتحال به خطرناڪ آهي. جنوريءَ تائين اضافي گئس رکندڙ ملڪ جنگ شروع ٿيندي ئي گئس جي کوٽ جو شڪار ٿي ويو. هڪ مطالعي موجب، پاڪستان وٽ اهڙن معاهدن جي صورت ۾ 177 اضافي ڪارگو آهن جيڪي ان کي 2032 تائين پورا ڪرڻا آهن، جنهن جي مالي ذميواري 5.6 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. پاڪستان نه ته اها گئس استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي معاهدن مان نڪري سگهي ٿو.
سري لنڪا ۾ ٻيهر 2022 جهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ايتري خطرناڪ صورتحال جي باوجود، ڏکڻ ايشيائي ملڪ اڃا به ايل اين جي ٽرمينلز ۽ پائپ لائن منصوبن تي 107 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي رستي تي اربين ڊالر سيڙائڻ جيڪو ڪنهن به وقت بند ٿي سگهي ٿو، خودڪشي جي برابر آهي.
هن بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو درآمدات گهٽائڻ ۽ پنهنجن وسيلن ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ سولر پاور (شمسي توانائي) جي توسيع هڪ بهترين مثال آهي. آءِ اي اي ايف اي (IEEFA) جي حساب موجب، شمسي توانائي جو هر هڪ گيگا واٽ پاڪستان جا 3 ارب ڊالر بچائي سگهي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سج جي روشنيءَ کي ڪنهن پرڏيهي بندرگاهه يا بند ٿيندڙ لنگھ جي ضرورت ناهي هوندي.
2026 جي بحران اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته توانائي جي سلامتي معاهدن جي ڪاغذن ۾ نه، پر پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ ۾ آهي.
______________

ليو نيروشا درشن سريلنڪا جي ايڪسپريس اخبار جو نيوزايڊيٽر ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو نائب صدر آھي
The AsiaN جي ٿورن سان



