Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جو ناسُور: انسانيت جي تباهيءَ جو داستان

هڪ معمولي ڳالهه مان شروع ٿيندڙ تڪرار، انا، ضد ۽ بدلي جي احساس ۾ وڌي هڪ اهڙي خونريزيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جتي عقل، انسانيت ۽ محبت سڀ ڪجهه پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. نتيجي ۾ ڳوٺ، خاندان ۽ سماج جا بيگناهه ماڻهو ان باهه جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا

حڪيم پريم چاندواڻي

انساني تاريخ جي ڊگهي سفر تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته جنگون، جهيڙا ۽ قبائلي تڪرار انسان جي قسمت سان ڄڻ ته هڪ اڻ وڻندڙ پاڇي وانگر گڏ هلندا رهيا آهن. جڏهن به ڪنهن خطي ۾ نفرت جا ٻج پوکيا ويا آهن، اتي امن جا گل ڪڏهن به صحيح نموني سان نه ٽڙي سگهيا آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به جنگين جا طوفان اٿيا آهن يا قبائلي دشمنيءَ جا شعلا ڀڙڪيا آهن، اتي آخرڪار انسانيت ئي زخمي ٿي آهي.

قبائلي جهيڙا اصل ۾ ڪنهن هڪ شخص يا هڪ خاندان جي مسئلي کان شروع ٿين ٿا، پر آهستي آهستي اهي هڪ اهڙي باهه بڻجي وڃن ٿا، جيڪا نسلن تائين وسامي نٿي. هڪ معمولي ڳالهه مان شروع ٿيندڙ تڪرار، انا، ضد ۽ بدلي جي احساس ۾ وڌي هڪ اهڙي خونريزيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جتي عقل، انسانيت ۽ محبت سڀ ڪجهه پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. نتيجي ۾ ڳوٺ، خاندان ۽ سماج جا بيگناهه ماڻهو ان باهه جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا.

اسان جي خطي ۾ به ڪيترن هنڌن تي قبائلي دشمنيءَ جو اهو ناسور موجود آهي، جيڪو معاشري جي امن ۽ ترقيء لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. اهڙن جهيڙن ۾ نه رڳو نوجوان زندگيون ضايع ٿين ٿيون، پر خاندانن جا خواب به مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿا. هڪ ماءُ جو لال، هڪ ڀيڻ جو ڀاءُ ۽ هڪ ٻار جو پيءُ جڏهن اهڙن جهيڙن ۾ مارجي وڃي ٿو ته ان سان گڏ ڪيترين دلين جا آسراءَ به ٽٽي پون ٿا.

جنگ هجي يا قبائلي جهيڙو، ٻنهي جو نتيجو ساڳيو هوندو آهي، تباهي، ويراني ۽ انساني درد. تاريخ شاهد آهي ته تلوار ۽ بندوق ڪڏهن به مستقل امن پيدا نه ڪري سگهي آهي. جنگون ختم ٿينديون آهن، پر انهن جا زخم نسلن تائين ڀرجي نٿا سگهن. ڪنهن جو گهر اجڙي ٿو، ڪنهن جو اڱڻ ويران ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن جي اکين مان خوشين جا رنگ هميشه لاءِ موڪلائي وڃن ٿا.

انسانيت جو اصل حسن ته محبت، برداشت ۽ صلح ۾ آهي. جيڪڏهن سماج جا سمجهدار ماڻهو اڳتي وڌي ڳالهين، عقل ۽ درگذر سان مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته ڪيترائي جهيڙا جنم وٺڻ کان اڳ ئي ختم ٿي سگهن ٿا. بزرگن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن جي ذميواري آهي ته اهي نفرت جي باهہ وسائڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ ماڻهن کي سمجهاڻين تہ بدلي جو رستو رڳو تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

اسان کي اهو بہ ياد رکڻ گهرجي تہ هر جنگ ۽ هر جهيڙي ۾ اصل ۾ انسانيت ئي هارائي ٿي. بندوق جو ٽريگر دٻائڻ وقت شايد ماڻهو اهو وساري ويهندو آهي ته سامهون به ڪو انسان آهي، جنهن جي دل ۾ به ساڳيا احساس، ساڳيا خواب ۽ ساڳيون اميدون آهن. جڏهن رت وهندو آهي ته اهو ڪنهن هڪ قبيلي يا هڪ ڌر جو نه هوندو آهي، اهو انسانيت جو رت هوندو آهي.

وقت جي تقاضا آهي ته اسان پنهنجي سماج مان قبائلي دشمني، نفرت ۽ انتقام جي سوچ کي ختم ڪريون. تعليم، شعور ۽ انسانيت جي قدرن کي فروغ ڏئي امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪريون. ڇو ته ترقيءَ جو رستو بندوق جي ناليء مان نه، پر محبت جي روشني مان نڪري ٿو.

جيڪڏهن انسان پنهنجي دل ۾ رحم، عقل ۽ برداشت کي جاءِ ڏئي ته شايد دنيا جا ڪيترائي تڪرار پاڻمرادو ختم ٿي وڃن. ڇو ته نفرت جي رستي جو انجام هميشه ساڳيو هوندو آهي، ويراني ۽ پشيماني.

آخرڪار سچ ته اهو ئي آهي جيڪو شعر جي سادن پر گهرن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي:

هِي مَري يا هُو مَري،

ٻنهي پاسي، آدم مَري۔

___________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button