Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

انڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا: رِزروِ بينڪ آف انڊيا جا سرڪيولر سنڌيءَ ۾ شائع  

تازو ھڪ سرڪيولر اشتھار جي شڪل ۾ سنڌيءَ ۾ شائع ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ڪاروباري ماڻھن کي بينڪ جي Central Know Your Customer – CKYC سرشتي ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ جي صلاح ڏني وئي آھي.

خاص رپورٽ  

ممبئي

رِزرو بينڪ آف انڊيا سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جنھن تحت بينڪ جي پاليسين جي حوالي سان سرڪيولر ۽ ٻيون پڌرايون سنڌيءَ ۾ بہ شائع ڪيون وينديون. انھيءَ ڏس ۾ پھريون قدم کڻندي تازو ھڪ سرڪيولر اشتھار جي شڪل ۾ سنڌيءَ ۾ شائع ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ڪاروباري ماڻھن کي بينڪ جي Central Know Your Customer – CKYC سرشتي ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ جي صلاح ڏني وئي آھي.

ممبئيءَ ۾ رھندڙ سنڌ جي ساھتي شھر ڀريا جي بزرگ دوارڪو کلناڻيءَ، جيڪو پاڻ رزرو بينڪ آف انڊيا ۾ آفيسر رھي چُڪو ۽ بينڪ جي پاليسين تي ڪيترائي ڪتاب لکي چُڪو آھي، ٻُڌايو تہ پھريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ بہ بينڪ پبلڪ سرڪيولر سنڌيءَ ۾ شائع ڪيو آھي.  

سنڌي ٻوليءَ جو هندستاني آئين ۾ شامل ٿيڻ ۽ هاڻي رزرو بينڪ آف انڊيا (RBI) جو ان کي سرڪاري مڃتا ڏيڻ هڪ تاريخي قدم آهي. ياد رھي تہ  10 اپريل 1967ع تي هندستاني آئين ۾ 21 هين ترميم ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول (Eighth Schedule) ۾ شامل ڪيو ويوھو، جنهن سان ان کي ملڪ جي تسليم ٿيل سرڪاري ٻوليءَ جو درجو مليو. رزرو بينڪ آف انڊيا جو سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪاري سرڪيولر جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هيءَ ٻولي اڄ به انڊيا ۾ پنهنجي اهميت برقرار رکيو اچي.

​​رزرو بينڪ آف انڊيا جو سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي سرڪاري پڌرنامن ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد سنڌي ڳالهائيندڙ طبقي، خاص طور تي واپاري برادريءَ کي سڌيءَ ريت بئنڪنگ پاليسين کان آگاهه ڪرڻ آهي.

​مرڪزي سطح تي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگويج (NCPSL) ۽ مختلف رياستن ۾ ‘سنڌي ساهتيه اڪيڊميون’ سرڪاري فنڊن سان ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي سنڌي اديبن جي حوصلا افزائي ڪن ٿيون.

​آل انڊيا ريڊيو ۽ دوردرشن تان سنڌي ٻوليءَ ۾ خبرون، ڊراما ۽ ثقافتي پروگرام باقاعدگي سان نشر ڪيا وڃن ٿا.

​​رزرو بينڪ آف انڊيا جو هي تازو فيصلو نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ اهم آهي، پر هي ان ڳالهه جو اعتراف پڻ آهي ته سنڌي قوم جو هندستاني معيشت ۾ وڏو ڪردار آهي.

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

4 رايا

  1. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو ڪتاب “لاڙڪاڻو: سنڌ جو راڻو” سرسري ۽ علمي جائزو…!
    فقير محمد سنڌي
    سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ جغرافيائي حوالي سان لاڙڪاڻو هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو قديم تهذيب، زرعي خوشحالي، سياسي اثر ۽ ادبي سجاڳيءَ سبب نمايان حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو تصنيف ڪيل ڪتاب “لاڙڪاڻو: سنڌ جو راڻو” شهر جي تاريخي، سماجي ۽ فڪري پس منظر کي جامع انداز ۾ پيش ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش آهي. فهرست ۽ مددي حوالن جي جائزي مان اندازو ٿئي ٿو تہ ليکڪ لاڙڪاڻي کي صرف هڪ انتظامي ضلعي طور نہ پر هڪ زندھ تاريخي ۽ تهذيبي وحدت طور ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ڪتاب جي شروعات “لاڙڪاڻو” لفظ جي قدامت ۽ مفهوم سان ٿئي ٿي جيڪا ڪنهن به تاريخي مطالعي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. لفظي ۽ لساني بحث شهر جي سڃاڻپ کي تاريخي تناظر ۾ سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ان کان پوءِ ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ، انتظامي ڍانچي ۽ 2005ع واري نئين جوڙجڪ بابت بحث ڪتاب کي رڳو روايتي تاريخي بيان کان اڳتي وٺي وڃي ٿو. ليکڪ بئراجي نظام، تعلقي ۽ تپيداري انتظام جهڙن موضوعن کي شامل ڪري لاڙڪاڻي جي ارتقا کي هڪ منظم سماجي عمل طور پيش ڪيو آهي.
    ڪتاب ۾ قديم آثارن ۽ تهذيبي نشانين جو ذڪر بہ خاص اهميت رکي ٿو. لاڙڪاڻو موهن جي دڙي جهڙي عالمي ورثي واري ماڳ جي ويجهو هجڻ سبب قديم سنڌو تهذيب سان ڳنڍيل آهي. آثار قديم بابت حوالن سان ٿيل بحث لاڙڪاڻي جي تاريخ کي هزارين سالن جي تسلسل ۾ ڏسڻ جي ڪوشش آهي جيڪا سنجيده تاريخ نويسيءَ جي علامت سمجهي سگهجي ٿي.
    لاڙڪاڻو قديم سنڌو تهذيب کان وٺي ٻڌ متي دور، اسلامي دور ۽ جديد سياسي تحريڪن تائين هڪ تاريخي تسلسل ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. آثار قديم، لسانيات ۽ تاريخي ماخذن جي گڏيل استعمال سان ليکڪ هن تسلسل کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنھن م نقشا ۽ تصويرون تاريخ جو منظر پيش ڪن ٿيون. زرعي لحاظ کان بہ لاڙڪاڻو سنڌ جي اهم ضلعن مان هڪ آهي تنهن ڪري آبپاشي نظام، بئراجن، واهن ۽ زرعي سرشتي بابت باب شامل هجڻ ڪتاب کي معاشي تاريخ جي حوالي سان بہ اهم بڻايو آهي.
    ڪتاب جي نمايان خصوصيت ان جو ادبي ۽ تعليمي حصو آهي. تعليمي ادارن جي اوسر، ادبي انجمن، اشاعتي تاريخ، اخبارن ۽ رسالن بابت ڄاڻ ٻڌائي ٿي تہ لاڙڪاڻو فڪري سرگرمين جو بہ مرڪز آهي. شاعرن، اديبن ۽ محققن جي فهرست ڪتاب کي هڪ مقامي ادبي انسائيڪلوپيڊيا جهڙو رنگ ڏنو آهي جيڪو مستقبل جي محققن لاءِ بنيادي ماخذ طور ڪم اچي سگهي ٿو.
    ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو علمي ۽ تحقيقي ڪردار بہ قابلِ ذڪر آهي. هو سنڌي ادب جي دنيا ۾ محقق، لغت نويس ۽ تاريخ جي سنجيده عالم طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن سان لاڳاپيل رهندي هن تحقيق جي ميدان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن سندس علمي ڪم ۾ لغتن جي ترتيب، ادبي تحقيق ۽ تاريخي موضوعن تي مطالعي کي خاص اهميت حاصل آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل “مددي حوالا” سڌ ڏين ٿا تہ ليکڪ پنهنجي تحقيق لاءِ مختلف ماخذ استعمال ڪيا آهن. سنڌ جي تاريخ بابت ايڇ. ٽي. ليمبرڪ، پنهور محمد يوسف ۽ ڊاڪٽر ٻگهيو عزيز الرحمان جهڙن محققن جا حوالا ڪتاب جي علمي حيثيت کي مضبوط ڪن ٿا. اهڙي نموني ادبي ڪليات، سوانحي مجموعن ۽ مقامي محققن جي ڪتابن جو استعمال بہ هن تحقيق کي دستاويزي حيثيت ڏئي ٿو.
    سائنسي طور تي چئي سگهجي ٿو تہ “لاڙڪاڻو: سنڌ جو راڻو” موضوعاتي وسعت، مستند حوالن ۽ مقامي تاريخ جي گهڻ پهلوئن سبب هڪ اهم ڪتاب آهي. ليکڪ لاڙڪاڻي کي قديم آثارن کان وٺي جديد ادبي ۽ سياسي تحريڪن تائين هڪ تسلسل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سرسري جائزي طور چئي سگهجي ٿو تہ هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي تاريخي، ثقافتي ۽ فڪري سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش آهي جيڪا مستقبل جي محققن ۽ پڙهندڙن لاءِ اهم ماخذ ثابت ٿي سگهي ٿي.
    ڪتاب “لاڙڪاڻو: سنڌ جو راڻو” جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جي علمي ۽ تحقيقي شخصيت جو مختصر پر جامع تعارف پيش ڪيو آهي. هو لکن ٿا، تہ” ڊاڪٽر بدر ڌامراهو, سنڌي علمي دنيا جو سنجيده محقق، لغت نويس ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ عالم آهي جنهن تحقيق وسيلي سنڌي ادب ۽ علمي ميدان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن سندس مطالعي جو دائرو ادب، تاريخ، لسانيات ۽ ثقافتي موضوعن تائين پکڙيل آهي”. بيڪ ٽائيٽل ۾ اهو بہ ڄاڻايو ويو آهي، تہ” هن لغتن جي ترتيب، علمي تحقيق ۽ ادبي مطالعي ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي جي راءِ موجب هيءُ ڪتاب لاڙڪاڻي جي تاريخي، ثقافتي ۽ علمي سڃاڻپ کي اجاگر ڪندڙ هڪ اهم دستاويز آهي”.
    پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي سنڌ جو 451 هون ڪتاب جيڪو 2025ع تي شايع ڪيو. هيءُ 668 صحفن جو ڪتاب مصنف ننڍڙي پوٽي” خوشي ڌامراهو جي نالي ڪيو آهي.

    1. سائين ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مھرباني پر اھو مواد ھتي رکڻ جو ڪھڙو فائدو ڇو تہ اھو رڳو ھڪ ماڻھو يعني ايڊيٽر ئي پڙھي سگھندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button