Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

موجودہ سماج جو الميو: ماڻھو رشتن ناتن جي بہ سيڙپ ڪن ٿا

ڪنهن سان ملڻ، ڪنهن کي وقت ڏيڻ يا ڪنهن سان دوستي رکڻ پويان خلوص جي بدران مفادن جو ميزان رکيل هوندو آهي.

طوطا چشم ماڻهو پنهنجي ضرورت وقت اوهان جي قدمن ۾ ڪري پوندا آهن، پر جيئن ئي انهن جو مطلب پورو ٿيندو آهي، اهي ائين رستا ۽ نظرون مٽائي ويندا آهن ڄڻ اوهان کين سڃاڻندا ئي نه هجو.

حڪيم پريم چاندواڻي

 انساني سماج جي خوبصورتي هميشه سچن رشتن، مخلصيء ۽ وفاداريءَ سان رهي آهي. پر وقت جي وهڪري ۾ اسان جي سماج ۾ هڪ اهڙو ڪردار وڌي رهيو آهي، جنهن کي اسان “طوطا چشمي” يا “اکين ٻوٽ” جو نالو ڏيون ٿا. هِي اُهي ماڻهو آهن جن جي نظرن ۾ رشتن جي اهميت رڳو تيستائين هوندي آهي، جيستائين انهن جو ڪو مطلب هوندو آهي. مطلب پورو ٿيو، اکيون ٻوٽجي ويون۔

مطلب پرستي جو حصار

اڄوڪي دؤر ۾ ماڻهو رشتن جي سيڙپڪاري ڪن ٿا. ڪنهن سان ملڻ، ڪنهن کي وقت ڏيڻ يا ڪنهن سان دوستي رکڻ پويان خلوص جي بدران مفادن جو ميزان رکيل هوندو آهي. طوطا چشم ماڻهو پنهنجي ضرورت وقت اوهان جي قدمن ۾ ڪري پوندا آهن، پر جيئن ئي انهن جو مطلب پورو ٿيندو آهي، اهي ائين رستا ۽ نظرون مٽائي ويندا آهن ڄڻ اوهان کين سڃاڻندا ئي نه هجو.

اها بي وفائي ۽ بي مُروتي سامهون واري مخلص انسان لاءِ انتهائي اذيت ناڪ هوندي آهي. مخلص ماڻهو پنهنجي سچائيءَ جي ڪري انهن تي اعتبار ڪري ٿو، پر بدلي ۾ کيس جيڪا بي رخي ملي ٿي، اها سندس روح کي گهايل ڪري ڇڏيندي آهي.

سوڙهو جوتو ۽ نفسياتي ٻوسٽ

مطلب پرست ماڻهو جي سنگت بلڪل ان سوڙهي جوتي وانگر آهي، جيڪو ظاهر ۾ ته شايد چمڪندڙ ۽ قيمتي نظر اچي، پر جڏهن اوهان ان کي پائي زندگيءَ جي سفر تي نڪرندا آهيو ته اهو هر قدم تي اوهان جي پيرن کي رتورت ۽ زخمي ڪندو آهي. اهڙا ماڻهو رشتن جي نالي تي هڪ اهڙو ٻوساٽيل ماحول يا گهٽ ۽ ٻوسٽ پيدا ڪندا آهن، جتي مخلص ماڻهو پنهنجو ساهه ٻوساٽجندي محسوس ڪندو آهي.

جڏهن ڪو اوهان جو پنهنجو، جنهن تي اوهان کي ناز هجي، اوهان انجو مطلب پورو ڪيو پر پوء اهو اوهان کان اکيون ٻوٽي پري پري رهي ۽ اوهان کي ڪنهن خاطر ۾ ئي نه آڻي، ته ان وقت جيڪو دلي درد محسوس ٿيندو آهي، اهو رڳو اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو جنهن سان اها ويڌن وهندي هجي. اهي اکين ٻوٽ ماڻهو سماج جا اهي ڪردار آهن جيڪي انسانيت تان اعتبار کڻائي ڇڏيندا آهن.

اعتبار جي بحالي

اسان کي سمجهڻو پوندو ته زندگي رڳو وٺڻ جو نالو ناهي، پر ڏيڻ جو نالو پڻ آهي. اهي ماڻهو جيڪي رڳو پنهنجي ضرورتن جي قيد ۾ آهن، اهي ڪڏهن به حقيقي سڪون حاصل نه ڪري سگهندا. مخلصي ۽ وفاداري اها کليل فضا آهي جتي روح ساهه کڻندو آهي، جڏهن ته طوطا چشمي اهو سوڙهو بوٽ آهي جيڪو انسان جي شخصيت کي مسخ ڪري ڇڏيندو آهي.

آخر ۾، هن دردناڪ حقيقت کي پنھنجي ئي تيز لفظن جي حوالي ڪندس جيڪي طوطا چشميء جي پوري تصوير جي عڪاسي ڪن ٿا۔

اکين ٻُوٽ  هجن  ٿا  ايئن،

سوڙهو بُوٽ ڏُکائي جيئن۔

 _____________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button