ٻولين بابت کوجنا: نئون انگريزي ڪتاب ”سنڌي ۽ پالي ٻوليون: هڪ تقابلي اڀياس“ پڌرو
Sindhi and Pali languages: A comparative Study نالي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ پالي ٻولين جي تاريخي لاڳاپن، لفظي مشابهتن، معنوي ويجهڙائپ، نحوي بناوت، گرامري اصولن، صرفيات ۽ صوتيات جو سائنسي انداز ۾ تجزيو ڪيو ويو آهي

عزيز ڪنگراڻيءَ جو انگريزي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب سنڌي ۽ پالي ٻولين جي وچ ۾ گهرو ۽ علمي تقابلي اڀياس پيش ڪري ٿو، جنهن جو مقصد ٻنهي ٻولين جي تاريخي، لسانياتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي واضح ڪرڻ آهي. ڪتاب ۾ ٻولين جي ابتدا، ارتقا ۽ قديم پسمنظر جو تفصيلي جائزو ڏنو ويو آهي، جنهن وسيلي پڙهندڙن کي ڏکڻ ايشيا جي لساني تاريخ بابت جامع ڄاڻ ملي ٿي.
هن اڀياس ۾ سنڌي ۽ پالي ٻولين جي تاريخي لاڳاپن، لفظي مشابهتن، معنوي ويجهڙائپ، نحوي بناوت، گرامري اصولن، صرفيات (Morphology) ۽ صوتيات (Phonology) جو سائنسي انداز ۾ تجزيو ڪيو ويو آهي. ڪتاب خاص طور تي انهن لساني عنصرن کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪي ٻنهي ٻولين جي گڏيل ورثي ۽ قديم رابطن ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
ان کان علاوه، ڪتاب سنڌ جي خطي ۾ پالي ٻوليءَ جي لساني ورثي جي بچيل نشانين جو به جائزو پيش ڪري ٿو، جيڪي قديم مذهبي، علمي ۽ سماجي روايتن سان ڳنڍيل رهيا آهن. پالي ٻولي، جيڪا قديم زماني کان سنڌي ٻولي سان ويجهي وابستگي رکي ٿي، ان بابت نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ پنهنجي تحقيق ۾ سنڌ اندر ان جي استعمال ۽ اثرن تي روشني وڌي آهي.
محقق صلاح الدين جي راءِ موجب، پالي انهن اهم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪي موهن جي دڙو جي تهذيب جي ٻولين ۽ ويدڪ دور جي ٻولين جي وچ واري عبوري مرحلي ۾ موجود رهيون، جنهن سبب اها ڏکڻ ايشيا جي لساني ارتقا کي سمجهڻ لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي.
ڪتاب ”سنڌي ۽ پالي ٻوليون: هڪ تقابلي اڀياس“ پالي ۽ سنڌي ٻولين جي علمي تقابلي تجزيي تي ٻڌل هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي، جيڪو لسانيات، تاريخ، ۽ ثقافتي اڀياس ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن، محققن ۽ پڙهندڙن لاءِ قيمتي ماخذ ثابت ٿئي ٿو. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشنز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو آهي.
_______________



