انسان ۽ سماجي ارتقا: قبيلائي ۽ مذھبي تڪرارن ۽ رتوڇاڻ جي تاريخ
جڏهن هڪ ٻئي پٺيان وڏيراشاهي، سرداري نظام ۽ بادشاهتي دور شروع ٿيا، تڏهن ساڳين قبيلن ۽ نسلن جا تڪرار رڳو سرحدن تائين محدود نه رهيا
وحشي نسلن جا وڏيرا، سردار ۽ بادشاهه ٻين ڪمزور قبيلن ۽ نسلن تي حاوي ٿيڻ لاء سندن زمينن، گهرن، گڏ ڪيل زرعي جنسن، پالتو جانورن تي قبضا ڪرڻ کانسواء، ڪمزور پوڙهن، ٻارن کي غلام ڪري رکڻ ۽ عورتن سان جنسي هوس پوري ڪرڻ لاءِ به جنگيون ڪرڻ لڳا
جڏهن مذهبن جي آمد ٿي ۽ انهن ۾ واڌ سان گڏ تيزي به آئي ته، قبيلائي توڙي نسلي تحريڪن کي مذهبن جو به رنگ ملي ويو. هر قبيلو ۽ نسل پنهنجي مذهب کي ٻين کان برتر سمجهي، پنهنجين جائز توڙي ناجائز جنگين ۽ تحريڪن کي به “مقدس جنگين ۽ تحريڪن” جو نالو ڏيڻ لڳو
حميد منگي
انسان کي، انسان وارو نالو يا لقب ڏيڻ وارو پهريون انسان ڪير هئو؟ ان بابت ڪا پڪي پختي ڄاڻ ورلي ڪنهن کي هجي پر، اها پڪي پختي ثابتي ضرور ملي ٿي ته ”انسان“ اصل ۾ عربي ٻوليء جو لفظ آهي، جيڪو اڳ ۾ قديم عربي ادب ۾ استعمال ٿيو، بعد ۾ وري قرآن شريف ۾ استعمال ۾ به آندو ويو۔ انسان لفظ بابت وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو ته،اهو عربِي لفظ ”اُنس“ يا ”انسيت“ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب ويجهڙائي قائم ڪرڻ، ميل ميلاپ وڌائڻ ۽ سماجي تعلق کي برقرار رکڻ آهي۔ ان لحاظ سان انسان کي انسان انهيء ڪري چيو ويو، ڇو ته هو سماج ۾ رهڻ وارو، هڪ ٻئي سان ”اُنس“ ۽ ”انسيت“ رکڻ وارو، گڏجي زندگي گذارڻ وارو جاندار آهي۔ جڏهن ته اُنس يا انسيت لفظ، سماجيت ۽ شعور جي علامت پڻ آهي۔ ”انسيت“ هڪ اهڙو احساس به آهي، جيڪو هڪ ذهن کي ٻئي ذهن يا جسم جي ويجهو آڻي ٿو۔ جديد علم پڻ اهو به ٻڌائي ٿو ته، انسان لفظ جو حقيقي مقصد هڪ جو ٻئي سان محبتون ۽ قربتون ونڊڻ، گڏيل جائز مسئلا حل ڪرڻ ۽ فطرت ۾ موجود سمورن ساهوارن جو خيال رکڻ آهي۔ ان جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ سان، پاڻ کي اها ڄاڻ به ملي ٿي ته، انسان فطرت جي اها واحد مخلوق آهي، جيڪا شعور سان گڏ احساس ۽ اخلاقي سڃاڻ به رکي ٿي ۽ پڻ ان جو وجود جسم سان گڏ عقل جي ڪيميا سان به جڙيل رهي ٿو۔

هونئن به جيڪا شئي فطرت ۾ موجود منفي عملن جهڙوڪ نفرتن، خوفن، وسوسن، کوٽن، اونداهين، سختين، خرابين ۽ ڪمزورين جي موجودگيء باوجود، انهن سان بنا ڪنهن قسم جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي موجود يا غيرموجود مثبت عملن يعني محبت، اعتماد، لچڪ، خوبي، روشني ۽ سمجهه جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ جسم توڙي روح کي هڪ ڪرو سڪون مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪري، ان کي انساني وجود ڪوٺيو ويندو آهي۔ انساني وجود جو مقصد ۽ مطلب رڳو اتي دنگ نه ٿو ڪري پر، اڳتي وڌندي ڪائنات ۽ ان ۾ موجود ٻين شين جي رازن کي پروڙڻ، سموري انسان ذات لاءِ جيئڻ جي نين واٽن ڳولهڻ، حالتن آڌار شين جي سنوار، سينگار ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر جي روشنيءَ سان، ٻاهرين دنيا کي روشن ڪرڻ جي طاقت به رکندڙ هجي ٿو۔ هتي اهو به واضع ڪندو هلجي ته، اهي سڀئي خوبيون انسان منجهه شروعاتي دئور کان اڄ تائين وڏي پيماني تي موجود رهيون آهن جو هلندڙ وقت ۾ به دنيا اندر خيراتي ادارا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون۔
تاريخ ٻڌائي ٿي ته، جڏهن انسان ڌرتيءَ تي پنهنجي ابتدائي سفر جي شروعات ڪئي، تڏهن ان جي سڀ کان پهرين ضرورت، پاڻ جهڙو انسان ئي هئو۔ ان حوالي سان اوائلي دئورن جون تاريخون ٻڌائين ٿيون ته، انسانن پاڻ ۾ گڏجي شڪار، ڪم ڪار ۽ ننڍي کان وڏي پيماني جا ڪاروبار به ڪيا ته، کاڌ خوراڪ وارين شين جي ڳولها کان، پوکي راهيء واري اهم ڪم سکڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ تائين، هو پاڻ جيڏن سان گڏ به رهيو ۽ پڻ هڪٻئي کي زهريلي شين جي کائڻ ۽ واپرائڻ جي منع ڪرڻ کان وٺي، بيمارين جا علاج ڪڍي ۽ ڪندي کين تندرست ۽ توانو رکڻ، طاقتور جهنگلي جانورن جي حملن ۽ خطرناڪ جيت جڻن جي ڏنگن کان بچاء وارا گر پاڻ جهڙن کي ڏسيندو رهيو۔ قدرتي آفتون هجن، اوچتو ڦهلجندڙ وبائون ۽ بيماريون هجن يا ڪي ٻيون مشڪل حالتون ۽ آزمائشون، انسانن هڪٻئي کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، بلڪي ڪٿي ڪٿي ته ماڻهو هڙئون وڙئون خرچ ڪري سهارا ڏيندي نظر آيا آهن۔ جڏهن ته ضرورت جي وقت ۾ ضروري شين جي مٽا سٽا يا ورهاست ڪندي به هو ڪڏهن ناهن ٿڪيا۔ انسانن جي انهن گڏيل مثبت عملن مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته، هو شروع کان پاڻ جهڙن سان گڏجي جيئڻ ۽ رهڻ واري عمل کي پهرين ترجيح ڏيندو آيو آهي۔
پر اڳتي هلي، جن جن جاين تي آباديء ۾ واڌ ٿيندي وئي ۽ انسان جي اڪثريت کي بنيادي ضرورت وارين شين جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، نتيجي طور اهڙن علائقن مان ڪجهه ماڻهن پنهنجن ڪٽنبن ۽ رت جي رشتن سان الڳ ٿي رهڻ شروع ڪيو، ڪن وري روز جي بنياد تي معمولي ئي سهي، پر تڪرارن کان بچڻ لاء به پنهنجون راهون جدا ڪيون۔ اهڙن ڪٽنبن جي ڌار ٿيڻ ۽ الڳ الڳ رهائش اختيار ڪرڻ سان، هڪ طرف انسانن جي اٿڻين ويهڻين، ڪمن ڪارن، طور طريقن، ريتن رسمن ۽ رواجن ۾ فرق پيدا ٿيڻ شروع ٿيا، ٻئي پاسي سندن واسطن ۾ گهٽتائيون به اچڻ لڳيون۔ اڳتي هلي ڪٽنبن واڌ کائي جڏهن قبيلن جو روپ اختيار ڪيو ته، انهن ۾ ٽولن جو رواج پيو، جيڪو وقت سان وڌندو نسلن، مذهبن، طبقن، صنفن، تهذيبن ۽ قومن جي شڪلين ۾، جدا جدا انساني سڃاڻپون قائم ڪرڻ لڳو۔ جيڪي ويڙها، ٿورو وڌيڪ وٿيرڪا ۽ پرڀرا ٿي رهڻ لڳا هئا، انهن منجهه ته اڃا وڌيڪ وڇوٽيون ۽ فرق پيدا ٿي پيا۔
اهڙي نموني وڌندڙ وقت ۽ سماجي جوڙجڪ سبب هر ڪٽنب جا پنهنجا الڳ قاعدا، قانون ۽ رواج ٺهڻ شروع ٿي پيا۔ وري جڏهن انسان اشارن سان هڪ ٻئي جون ڳالهيون سمجهڻ مان ترقي ڪندي، باقائدي ڳالهائڻ شروع ڪيو يا جن هنڌن تي بنيادي علم ايجاد ٿيڻ لڳو هو اتي به سندن ٻولين، لفظي اچارن ۽ لهجن ۾ فرق فرق پيدا ٿي پيا. ايئن آهستي آهستي هڪ اهڙو سلسلو جڙندو ويو، جنهن سان انسان هڪ ٻئي کان جسماني ۽ ذهني طور تي پري ٿيندو ويو۔ اڳوڻين لکيل تاريخن ۽ ڏند ڪٿائن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، جتان پاڻيء جا وهڪرا تبديل ٿيندا هئا، اتان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويندا هئا، جڏهن ته اهڙيون لڏپلاڻيون گڏيل نه هونديون هيون بلڪه ٽولن ۽ ڪٽنبن جي صورت ۾ ڪن جو رخ اوڀر ڏانهن ته ڪي وري اولهه طرف نڪري ويندا هئا۔ جيتوڻيڪ اڪثر جاين تي هو هڪٻئي کان سواء پاڻ کي اڌورو به ڀائيندا هئا، پر هر نئين دئور جي نين وڇوٽين کين ايترو ته وٿيرڪو ڪري ڇڏيو هئو، جو هو پاڻ ۾ ملندي ملندي، وري وري جدا ٿيندا رهيا۔ جن جو تدارڪ صديون گذرڻ باوجود به ناهي ٿي سگهيو۔
هيل تائين لکيل اوائلي انساني تاريخون اهو به ٻڌائين ٿيون ته، سمورن انساني ڪٽنبن ۽ ٽولن هڪ ئي وقت تي جهنگ توڙي غارون نه ڇڏيون هيون، انهن مان ڪجهه رهجي ويل ماڻهو، ٽولا يا ڪٽنب، جڏهن کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ رلندا ۽ ڀٽڪندا، پراڻن لاڏائو ڪٽنبن جي وستين ۾ پهتا ته، پاڻ کان سڌريل ماڻهن کي ڏسي کين اچرج ٿيڻ سان گڏ اها خواهش به پيدا ٿي، هو به جيڪر اهڙي زندگيء جو حصو ٿي پون پر، جيئن ته نون ۽ پراڻن لاڏائو ڪٽنبن جي اٿڻين ويهڻين، طور طريقن، اشارن ۽ سوچن ۾ وڏا فرق پيدا ٿي چڪا هئا، انهيء ڪري پراڻن رهاڪن، نون ماڻهن، ٽولن ۽ ڪٽنبن کي ڌڪاري ڇڏيو، جو انهن ۾ جهنگلي دئور وارو پراڻو وحشي پڻو اڃا موجود هئو۔ نتيجي ۾ انهن نون لاڏائو ماڻهن مان ڪجهه ٽولن وري جهنگ منهن ڪيو ته ڪن پنهنجون الڳ واهڻ، وستيون ٺاهڻ شروع ڪيون۔ ايئن انسان جڏهن وڏي تعداد ۾ جهنگن ۽ غارن مان نڪري، نوان ڳوٺ ۽ گهر ٺاهڻ، مال ڌارڻ ۽ زراعت ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ته، کين اڳ جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ پاڻيء سميت ڪجهه ٻين ضرورت وارين شين جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي۔
ڪجهه لکيل پڙهيل ماڻهن جي خيال ۾ هيء اهو دئور هئو، جڏهن زمين جتي ڪٿي هڪ ڪري نه هئي، اها ڪٿي مٿانهين سطح تي ته، ڪٿي هيٺانهين حصي تي هئي، جنهن ڪري انسان کي پوکي راهي، گهر اڏڻ ۽ مال ڌارڻ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون۔ انسان ۾ سنوت واري زمين حاصل ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي وافر مقدار واري خواهش ۾ جڏهن شدت پيدا ٿي ته، اهو انسان جو عملي طور تي پهريون اختلافي ۽ تڪراري دور ٿي پيو۔ ڇو ته هر ماڻهوء، ڪٽنب ۽ ٽولي اهو پئي چاهيو، سڌي ۽ سنوت واري زمين تي سندن مالڪي هجي، جيئن اهي وڌ ۾ وڌ اناج اپائي سگهن ۽ پالتو جانورن جي گاهه پٺي جو بندوبست به ڪن ۽ پڻ انهن جا ٻار ٻچا توڙي گهرڀاتي گوشت، کير ۽ چمڙي جهڙين وڏين نعمتن کان محروم نه رهن۔ جڏهن ته ٻين ڪٽنبن ۽ ٽولن جو به چوڻ هئو، انهن شين تي سندن جو به ايترو ئي حق آهي جيترو اڳ ۾ قبضا ڪرڻ وارن جو. نتيجي ۾ انهن وچ ۾ پهريان اختلاف پوء تڪرارن جا بنياد پيا، جيڪي اڳتي هلي ننڍن وڏن جهيڙن کان ٿيندا، مستقل طور تي دشمنيون نپائيندي ۽ نڀائيندي، جنگين جو روپ اختيار ڪرڻ لڳا۔
اندازن تي ٻڌل، اڳوڻي اڀري سڀري تاريخ مان اها به سڌ ملي ٿي، اهڙي طرح انسانن منجهه پهريون ڀيرو “قبيلائي ۽ نسلي خودمختياري” جو تصور پيدا ٿيو، جنهن ۾ هر قبيلو، نسل يا قوم پاڻ کي ٻين کان اتم سمجهڻ لڳي. ان کان پوء جي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته، ڪجهه عرصي کان پوء انهن وچ ۾ جهيڙا، رڳو وسيلن جي حاصلات لاء نه، عزت ۽ فخر لاءِ به ٿيڻ لڳا، جو هر ڪٽنب ۽ ٽولي ٻئي کي شڪست ڏئي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي هئي. انهن ڌرين جي ذهنن ۾ ويهجي ويل اهو فخر، آهستي آهستي قبيلائي ۽ نسلي غرور ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو، جنهن سبب اڳتي هلي زبان ۽ ٻولين جي بنياد تي به اهي، ٻين کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ لڳا۔ جيڪو عمل انساني تاريخ جو هڪ نئون موڙ ثابت ٿي پيو، جتي انسان ڪئي ڌرين، ٽولن، نسلن ۽ قومن کان ٿيندو، مختلف تهذيبن ۽ بادشاهتن تائين ورهائجي ويو.
قديم دئورن جي تاريخن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، انهيء دوران ڪيترين ئي عقل، علم کان وانجهيل ماڻهن ۽ انهن جي چڱن مڙسن پنهنجن نسلن کي ٻين کان مٿانهون قرار ڏيڻ شروع ڪيو. مثال طور، مصري پنهنجي نسل کي “اعليٰ نسل” سمجهڻ لڳا، عبراني پاڻ کي “خدا جي چونڊيل قوم” چورائڻ لڳا، آريائي نسل به ٻين کي “غلام” سمجهڻ شروع ڪيو ۽ چين جا بادشاهه ته وري انسانيت جا سمورا ليڪا ئي لنگهي ويا ۽ اهو چوڻ لڳا ته “اسان آسماني نسل آهيون”۔ اهڙن خيالن جي واڌ سبب انسانن وچ ۾ پنهنجن نسلن لاء برتري ۽ ٻين لاء نفرت جو ٻج ڇٽجڻ شروع ٿي ويو. جڏهن ته اها ساڳي نفرت ڪجهه عرصي کان پوء هڪ ٻئي کي ماري مڃائڻ، قيمتي شيون چورائي يا کسي پنهنجي استعمال هيٺ آڻڻ ۽ ٻين سان هروڀرو جون ڏاڍايون ڪرڻ سميت مختلف موقعا ڪڍي، استحصال ۽ ظلم ڪرڻ واري شڪل ۾ ظاهر ٿي پئي.
جڏهن هڪ ٻئي پٺيان وڏيراشاهي، سرداري نظام ۽ بادشاهتي دور شروع ٿيا، تڏهن ساڳين قبيلن ۽ نسلن جا تڪرار رڳو سرحدن تائين محدود نه رهيا، ان کان اڳتي وڌندي وحشي نسلن جا وڏيرا، سردار ۽ بادشاهه ٻين ڪمزور قبيلن ۽ نسلن تي حاوي ٿيڻ لاء سندن زمينن، گهرن، گڏ ڪيل زرعي جنسن، پالتو جانورن تي قبضا ڪرڻ کانسواء، ڪمزور پوڙهن، ٻارن کي غلام ڪري رکڻ ۽ عورتن سان جنسي هوس پوري ڪرڻ لاءِ به جنگيون ڪرڻ لڳا. اهڙيء طرح اڳتي هلي وسيلن، ملڪيتن ۽ غلامن واري لالچ جي بنياد تي مارا ماريءَ واري عمل کي، سماجي ۽ سياسي نظام جو حصو بڻايو ويو. انهيءَ دور ۾ پهريون ڀيرو انسان پنهنجي طاقت جي ٻل تي، ڪرهت وارا ۽ انسانيت کان ڪريل ڪم ڪرڻ لڳو هئو ۽ پنهنجي ارڏائپ کي انصاف تي ترجيح ڏئي، انسانيت کي حڪمرانيءَ جي پيرن هيٺ لتاڙي رهيو هيو.
جڏهن مذهبن جي آمد ٿي ۽ انهن ۾ واڌ سان گڏ تيزي به آئي ته، قبيلائي توڙي نسلي تحريڪن کي مذهبن جو به رنگ ملي ويو. هر قبيلو ۽ نسل پنهنجي مذهب کي ٻين کان برتر سمجهي، پنهنجين جائز توڙي ناجائز جنگين ۽ تحريڪن کي به “مقدس جنگين ۽ تحريڪن” جو نالو ڏيڻ لڳو. نتيجي ۾ انسان, مذهبن جي نالن تي به هڪ ٻئي جا ويري ٿي پيا. قديم دئورن جون انساني تاريخون اهڙن تڪرارن ۽ جهيڙن سان ڀريون پيون آهن،، جتي اصل سبب ته وسيلا هڙپ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ وارا هئا، پر نعرا وري قبيلن، نسلن ۽ مذهبن جا هنيا ويندا هئا. اهڙيء روش انسان کي ٻن واضع حصن يعني “اسان” ۽ “اهي” ۾ ورهائي ڇڏيو۔ جڏهن ته اهڙو ذهني زهر هزارين سالن کان، هن لکڻيء جي پڙهڻ تائين به ماڻهن جي سوچن، فڪرن يا ذهنن ۾ موجود رهيو آهي ۽ ڀلوڙ قسم ۽ لکيل پڙهيل ماڻهن جي وڏين ڪوششن باوجود به انسان جي پچر ڇڏڻ لاء تيار ناهي۔
هتي ايئن به لکجي ته ڪا اربع خطا نه ٿيندي ته، اهڙي سوچ هلندي هلندي نسلي، مذهبي ۽ بادشاهي غرورن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ اهڙي غرور وري، انسان کي وڏين وڏين جنگين ۾ ڌڪي ڇڏيو۔ جن ۾ دنيا جا ڪروڙين ماڻهو مارجي ويا، زخمي ٿي اپاهج ٿيا ۽ مالي طور تي تباهه ۽ برباد به ڪيا ويا۔ اصل ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي عمل، انسان جي ذهني ڏيوالپڻي جو بنياد بڻيا، جتي “محبت” بدران “نفرت” ۽ “انصاف” بجاء “طاقت” کي اهميت ڏئي، ڌرتيء کي انساني رت سان رنڱي، هڪ طرف مختلف ماحولن ۾ روڄ راڙا برپا ڪيا ويا، ٻئي پاسي ساڳين روڄ راڙن تي جشن ملهايا ويا۔ مطلب ته وقت گذرڻ سان گڏ انسان جا اهڙا ڪڌا عمل هڪ ڏينهن وارو ڪم نه رهيا، انهن ۾ وقت سان گڏ واڌ ايندي وئي، جيڪي هن جديد، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيء واري دئور ۾ به هلندڙ آهن، اهي اڃا وڌيڪ ڪيتري عرصي تائين جاري رهندا؟ ان جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي۔
علم جي ايجاد کانپوء، جڏهن انساني سوچ واڌ ويجهه کاڌي، عالمن ۽ مفڪرن، انسانن کي سمجهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪيو ته، قبيلا ۽ نسل انساني سڃاڻپ لاء آهن ۽ مذهب خدا جي عبادت لاء خلقيا ويا آهن، جيڪي هرگز انسانيت واريء سوچ کان مٿانهان ناهن، ته موٽ ۾ جنگ باز سردارن ۽ بادشاهن لالچون آڇي، سهوليتون ڏئي، ويڪائو تاريخدانن ۽ عالمن کي خريد ڪري، پنهنجي حق ۾ هٿراڌو تاريخون لکرائڻ شروع ڪيون۔ اهڙيء طرح انسان علم، دانش ۽ فڪر کي به پنهنجن مخصوص مفادن تحت استعمال ۾ آڻڻ شروع ڪيو۔ نتيجي طور عقل، علم، مثبت سوچون، فڪر ۽ فلسفا به مختلف مذهبن، فرقن، نسلي ۽ تهذيبي سوچن ۾ ورهائجي ويا، جيڪي اڃا تائين سڌي رستي تي اچي ناهن سگهيا۔ جنهن جو تفصيلي ذڪر پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون۔
انهيء سلسلي ۾ جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنڊن پاسن مان مختلف وقتن تي ڪي نوان انسان دوست مفڪر، عالم ۽ فلسفي پيدا ٿيندا رهيا، جن پنهنجي ڄاڻ ۽ شعور سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، سڀئي انسان نه رڳو هڪ ئي فطرت جي اولاد آهن پر سڀني جي ترقيء جو راز به ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته، ڪٽنبن، ٽولن، قبيلن، نسلن ۽ فرقي واراڻين سوچن بدران، انسان دوستيء واري فڪر کي مشعل راهه بڻائجي، اخلاق توڙي ڪردار جي بنياد تي سڃاڻپ قائم ڪجي ۽ چڱ مڙسيء ۽ سرداريء واري پڳ انهن کي پارائجي، جيڪي ان جي لائق هجن ته، موٽ ۾ سازشون ۽ اٽڪلون ڪري اهڙن دانائن کي به چيچلائي چيچلائي ماريو ويو، ڪٿي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو، ڪٿي شاهي فرمان جاري ڪري کين شهرن توڙي ملڪن مان نيڪاليون ڏنيون ويون، ڪٿي گهاڻن ۾ پيڙهيو ويو ته وري ڪٿي زهر جا پيالا پيئاري، سدائين لاء سمهاريو ويو.
انسان جي ڪٽنبي، قبيلائي، نسلي، مذهبي، قومي ۽ طبقاتي تحريڪن جي جيڪا شروعات، وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ کان ٿيندي، ملڪيتون گڏ ڪرڻ وارين لالچن مان رستا ڪڍندي، فخرن ۽ غرورن جي بدبودار سوچن مان سرجندي، ڪٽنبن، ٽولن، نسلن، ٻولين، مذهبن ۽ فرقي واريت جي رنگن ۾ رڱجڻ لڳي ته، اهڙو عمل اصل ۾ انسان جو پاڻ جهڙي انسان کي ڏنل سڀ کان گهرو زخم ٿي پيو، جيڪو اڄ جي هن جديد دئور تائين به وڏين ڪوششن وٺڻ باوجود، پوريء طرح ڀرجي ناهي سگهيو. انهيء حوالي سان دنيا جي ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته، دنيا جي مڙني انساني معاشرن ۽ ملڪن ۾ مڪمل امن ۽ ڀائيچارو، تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جيسيتائين انسان پنهنجين سوچن، ويچارن ۽ فڪرن مان “اسان” ۽ “اهي” وارا فرق ختم نه ڪندو.
انسان جي سرداري، حڪمرانيءَ ۽ بادشاهتي نظام واري تاريخ ٻڌائي ٿي، جڏهن ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جا وڏا ڪٽڪ، غارن ۽ جهنگن مان نڪري، ميداني علائقن ۾ اچي رهڻ لڳا۔ تڏهن کين گڏيل زندگيءَ جي قاعدن ۽ قانونن ٺاهڻ سان گڏ ساڳئي سماج ۾ ڪنهن هڪ اهڙي عقلمند ۽ بهادر اڳواڻ جي ضرورت به محسوس ٿي، جيڪو وقت به وقت ماڻهن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن ۽ تڪرارن جا حل ڪڍي ۽ تلخين وارا مامرا ڌرين جي گڏيل مفادن ۾ خوش اسلوبيء سان نبيرڻ جون صلاحيتون رکندڙ هجي. جيئن ته اهڙي وقت ۾ آپيشاهي ۽ بادشاهتي نظام جو ڪو مڪمل تصور نه هئو ۽ انهيء وقت ۾ صرف سماجي اڳواڻيء جي ضرورت هئي، جيڪا ماڻهن جي اعتماد سان هڪجهڙي رويي سان انصاف ڪندڙ به هجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته، ٿورين گهڻين ڪوششن سان اهڙا کوڙ سارا عقلمند ۽ دلير ميدان تي اچي ويا، جن سماجي اڳواڻيء وارو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي سماجن ۾ ڪي قدر بهتريون آنديون۔
جڏهن ننڍيون وڏيون انساني آباديون، شهرن ۾ تبديل ٿيڻ لڳيون، ڪمن، ڪاروبارن سميت مختلف شعبن جا ڌنڌا به واڌ کائڻ لڳا، قبيلن ۽ نسلن جا دائرا به وڌي ويا، اڪثر قبيلن جي ماڻهن وٽ زمينون، گهر، زرعي جنسن جي اپت جو وافر مقدار گڌ ٿيو، مال ملڪيتون ٺهي ويون ۽ ماڻهن وچ ۾ وقت به وقت اڀري ايندڙ اڪثر اختلافن جا جلد نبيرا به ٿيڻ لڳا، سماجن ۾ خاطر خواهه بهتريون اچڻ لڳيون ۽ انساني سماج ترقيون ڪرڻ لڳا۔ بلڪل انهيء وقت قبيلائي ۽ نسلي سردارن پنهنجن طاقتن کي موروثي بڻائڻ شروع ڪري ڏنو. ان وقت جا سردار پنهنجن پٽن، پوٽن يا ٻين خانداني وارثن کي اڳواڻيء جا پٽڪا ٻڌرائڻ جون رسمون ادا ڪرڻ لڳا۔ تاريخون ٻڌائن ٿيون، اهو وقت اصل ۾ بادشاهي نظام جي شروعات هئو. جنهن ۾ هر اقتدار ڌڻي، اقتدار کي ذاتي ملڪيت سمجهي، چڱ مڙسيء ۽ حڪمرانيءَ کي پنهنجي ڪٽنب تائين محدود ڪرڻ لڳو. انهيءَ طريقي سان قبيلائي ۽ نسلي اڳواڻ اڳتي هلي آهستي آهستي بادشاهه بڻيا ۽ قبيلن توڙي نسلن جي رهڻ وارا هنڌ رياستن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا.

اهڙيون بادشاهيون جڏهن عام ٿيڻ لڳيون ۽ ڪجهه ماڻهن جي پنهنجن قبيلن ۽ نسلن تي تسلط قائم ٿي چڪو هو ته، قديم دئورن ۾ بادشاهن کي پنهنجي اقتدار لاءِ هڪ نئون هٿيار مليو، اهو هٿيار هئو خدائيء جي دعوي وارو. جنهن جي بنياد تي طاقتور، حرفت باز ۽ چالاڪ ماڻهن پاڻ کي خدا ۽ پنهنجي حڪمرانيء کي خدائي حڪمراني چورائڻ شروع ڪيو۔ جنهن جا ڪجهه مثال مصري، بابلي، هندي، چيني ۽ ايراني تهذيبن جي بادشاهتن مان ملن ٿا۔ جن پاڻ کي پاڻمرادو خدا يا وري خدا جو خاص نمائندو قرار ڏنو ۽ عام ماڻهن کي اهو يقين ڏيارڻ به شروع ڪيو ته، جيڪڏهن بادشاهه سان گڏ کين خدا به مڃيو يا سڏيو ويندو ته، هو سندن مسئلا حل ڪندو ۽ سندن لاء آسانيون به پيدا ڪندو۔ جتي ماڻهن ۾ ٿورو گهڻو شعور هئو يا تواتر سان پيغمبر پيدا ٿيندا رهيا، اتي ڪجهه هٿراڌو خدائن وري نڪ جي پڪائيء سان اها به دعوي ڪئي ته، اها سندن پنهنجي خواهش نه پر، اصل ۾ آسماني حڪم آهي. انهن جون اهڙيون ڳالهيون، ماڻهن جي ذهنن ۾ ڊپ سان گڏ عقيدو به پيدا ڪنديون رهيون، انهيء هٿراڌو مذهبي جواز سان اڪثر بادشاهن جو اقتدار “مقدس” بڻجي ويو ۽ حڪمرانيء سان گڏ ظلم کي الهامي صورت ملي وئي۔
انهيء بنياد تي اڳتي هلي، ڪجهه سردارن ۽ بادشاهن، پنهنجين چالاڪين ۽ حرفتن سان فوجون به تيار ڪيون، جيڪي ڏن يا ٽيڪس جي صورت ۾ ڪمزور يا امن پسند ماڻهن کان ڏوڪڙ ۽ قيمتي شيون حاصل ڪنديون هيون. اهڙيء طرح اڪثر بادشاهه پنهنجي ۽ خاندان جي مفادن ۾ قانون ۽ ٺهراء پاس ڪرائي، من پسند ۽ رعايت يافته درٻارين هٿان انهن جي منظوري وٺي، پنهنجن علائقن جا مالڪ بڻجي ويا ۽ باقي عام ماڻهن کي “رعيت”، “خدمتگار” يا “تابعدار” جو درجو ڏنو ويو۔ اهڙي وقت ۾ جيڪو بادشاهه وڌيڪ طاقتور ۽ ظالم هوندو هئو، اهو وري ٻين علائقن تي قبضا ڪري اتان جي قبيلن ۽ نسلن تي پنهنجا حڪم هلائيندو هئو۔ اهڙيء طرح دنيا ۾ شهنشاهتن ۽ سلطنتن جا بنياد پيا۔ اهڙن دئورن ۾ انسانيت بدران طاقت کي اهميت ڏني وئي، بادشاهه توڙي شهنشاهه پنهنجي ذاتي توڙي خانداني عيش آرام، درٻارين کي سهوليتون ڏئي حمايت وٺڻ ۽ محل جي توسيع لاءِ، عوام جي محنتن مان محصول وٺندا ۽ مال گڏ ڪندا يا عياشين ۾ ٻڏل رهندا هئا.
انهن ۽ ان جهڙين ٻين ڪيترين ئي سماجي ناانصافين مان اڳتي هلي بغاوتن ۽ جدوجهدن جا دروازا کليا. جڏهن عوام کي سمجهه اچڻ لڳي، انهن سوچڻ ۽ لوچڻ شروع ڪيو ته، ان سان ڪٿي عوامي سطح جا ته ڪٿي عالمي سطح وارا فلسفا ۽ فڪر واڌ ويجهه کائڻ لڳا، نتيجي طور عام توڙي خاص ماڻهن طرفان بادشاهيءَ واري تصور تي تنقيد ٿيڻ لڳي. جن جي شروعات ڪجهه پيغمبرن کان ٿي، جن دليلن سان اهڙن عملن جي حوصلا شڪني ڪئي۔ جڏهن ته انکانپوء ڪجهه اهڙا فلسفي ۽ مفڪر به پيدا ٿي پيا، جن خدائي توڙي ذاتي هوس واري حڪمرانيء جي شديد مخالفت شروع ڪئي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته، انهن ۾ يونان جا مفڪر سقراط، افلاطون، ارسطو ۽ فرانس جو روسو به پيش پيش هئا، جن پنهنجن فڪرن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ عام ماڻهن سان انصاف ڪرڻ واري ڳالهه به ڪئي.
انهيء سلسلي ۾ سقراط کي محفلن ۾ وڏي وات ۽ کلم کلا ايترو به چئڻو پئجي ويو ته، حڪمرانيء واري تصور سان نه مون کي ڪو اختلاف آهي، نه ئي ڪنهن ٻئي کي هجڻ گهرجي، ڇو ته سڀني انسانن جا ذهن هڪ جهڙا نه ٿا ٿي سگهن ۽ سوچون به برابر ناهن هونديون پر حڪمران اهو هئڻ گهرجي، جيڪو ذاتي، نسلي، مذهبي هوس بدران عقل ۽ انصاف سان حڪومت جون واڳون سنڀالي، نه ڪي اهو جيڪو رڳو طاقتور، چالاڪ يا حرفت باز هجي. نتيجي ۾ هڪ طرف سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻو پئجي ويو، ٻئي طرف افلاطون توڙي ارسطو جهڙن فلاسفرن کي به احتياطي رستو اختيار ڪرڻو پئجي ويو۔ جڏهن ته فرانس جي روسو سميت دنيا جي ٻين ڏاهن کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي ڪيترائي ڀيرا جيلن جون هوائون کائڻيون ۽ ڊگهيون سزائون ڪاڻڻيون پيون۔
بهرحال ڊگهن عرصن وارين، جدي پشتي ۽ موروثي حڪمرانين خلاف، جتي عام ماڻهن ۾ شعور وڌڻ لڳو، اتي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسفين ۽ مفڪرن ۾ واڌارو ايندو رهيو، جن جي لڳاتار سمجهاڻين توڙي جدوجهدن، آخر رنگ لائڻ شروع ڪيو، نتيجي ۾ اڳتي هلي اهڙيون بادشاهتون ختم ٿيڻ لڳيون، پر افسوس انهيء ڳالهه جو رهيو ته، ساڳين بادشاهتن جي جاء تي پوء به عوامي حڪومتون قائم نه ٿي سگهيون۔ جيڪڏهن ڪٿي اهڙيون حڪومتون قائم ٿيون به ته، اهي عوامي نمائندن جي ناتجربيڪاريء سبب وڌيڪ هلي نه سگهيون ۽ دنيا ۾ بادشاهتن جي جاء جلد آمريت پسنديء ورتي، آمريت پسندن وڏي ۾ وڏي چالاڪي اها ڪئي آهي جو انهن پراڻين بادشاهتن جي درٻارين جون خدمتون حاصل ڪري جڳاڙي حڪومتون قائم ڪيون۔ جڏهن لڳاتار عوامي جدوجهدن زور ورتو ته آمريتي ٽولن، مختلف ملڪن ۾ يوناني دئور جي پراڻي جمهوري نظام ۽ فرانس جي آخري بادشاهه واري نئين نظام ۾ ڪنهن حد تائين وڌيڪ نواڻ آڻي هٿراڌو ۽ ڪنٽرولڊ جمهوريتن جو تصور ڏنو، جنهن کي پوري دنيا ۾ اڄ تائين آسانيء سان هلايو پيو وڃي۔
جيتوڻيڪ انساني شعور جي واڌ سان ماڻهن محسوس ڪيو، اقتدار ڪنهن هڪ خاندان جي وراثت ۾ رهڻ بدران، عوام جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي. اهڙي سوچ جمهوري دور جي بنياد بڻجي وئي، جتي حڪمران به عوام جي نمائندگيءَ سان چونڊيا وڃن ٿا ۽ اقتدار به حڪمران جي جوابدهيءَ سان ڳنڍيل رهي ٿو، پر اهو عمل اڄ به ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن ۾ رائج هجي ته هجي، نه ته باقي اڪثر ملڪن جون جمهوري حڪومتون نالي ۾ جمهوري ۽ اندر ۾ آمريت پسند آهن۔ جڏهن ته اڄ به يعني هن جديد دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ بادشاهتي نظام جا چٽا نشان نظر پيا اچن، جن ۾ اڪثر عرب ملڪن سان گڏ انگلينڊ ۽ جاپان جهڙا ترقي يافته ملڪ به ڳڻائي سگهجن ٿا۔ انهن مان ڪٿي رسمي طور تي بادشاهه موجود آهن ته، ڪٿي حڪومتي واڳون حقيقي طور تي انهن جي هٿن ۾ آهن۔
اصل ۾ بادشاهتي نظام وارو تصور، انسان جي فطري سماجي ضرورت مان پيدا ٿيو هئو، پر وقت سان گڏ اهو طاقتورن ۽ مفاد پرستن جو اوزار بڻجي ويو. انسان جي شروع کان اصل ضرورت حڪمرانيء جي نالي ۾ ذاتي ۽ خانداني خواهشن جو پوراء ڪرڻ ۽ عوام جا حق ڦٻائڻ واري نه هئي، پر انسانن سان انصاف ڪرڻ ۽ برابريء سان پيش اچڻ واري رهي آهي. جيسيتائين حڪمران پاڻ کي عوام جا حقيقي خدمتگار نه ٿا ثابت ڪن، تيسيتائين نه ته عوام جا مسئلا حل ٿيندا ۽ نه ئي امن ۽ انسانيت جي فضا به قائم رهي سگهي ٿي. هونئن به دنيا ۾ اصل انقلاب تڏهن ايندو، جڏهن دنيا جي هر حڪومتي نظام جو مقصد رڳو حڪمراني ڪندي عياشيون ڪرڻ نه پر، انسانيت جي خدمت ۽ لاڳاپيل عوام جي ڀلائيء بابت عملي قدم کڻڻ به هوندو.
انسان ۾ گروهه بنديء وارو تصور به انساني فطرت، سماجي ارتقا ۽ سياسي فڪر سان ڳنڍيل آهي. انساني فطرت ۾ گڏجي رهڻ، هڪٻئي سان همدردي ڪرڻ ۽ انسان جو انسان سان گڏيل ضرورتن لاءِ تعاون ڪرڻ شامل آهي. انسان قطعي طور اڪيلي زندگي نه، پر سماجي زندگي گذارڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ جڏهن انسان فطرت سان سڌو تعلق رکندو هو، تڏهن هر ماڻهو پنهنجي خاندان، ٽولي يا قبيلي سان گڏ رهندو هو. اهو گڏ رهڻ ئي گروهه بنديءَ جو پهريون فطرتي روپ هئو، جيڪو ان جي بقا ۽ تحفظ لاءِ وجود ۾ آيو۔ انسان جي شروعاتي گروهه بندي فطري هئي، جيڪا رت جي رشتي، نسل، خاندان يا زبان جي بنياد تي هئي. پر جيئن جيئن انساني شعور وڌڻ لڳو، تڏهن ماڻهو مفادن، مخصوص مقصدن ۽ نظرين جي بنياد تي گروهه ٺاهڻ لڳا. جڏهن گروهه بندي فطري ضرورت مان نڪري سماجي ۽ سياسي اوزار بڻجي وئي. يعني ڪو گروهه زراعت لاءِ گڏ ٿيو، ڪو واپار لاءِ ۽ ڪو جنگ لاء، اهڙيءَ طرح گروهه بندي انسان جي گڏيل زندگيءَ کي منظم به ڪيو، مقابلي جو رحجان به پيدا ڪيو، ساڳئي وقت ان ۾ اختلاف جو ٻج به پوکيو.
قديمي دورن ۾ به هر قبيلو ۽ نسل پاڻکي الڳ گروهه سمجهندو هئو. انهن جا پنهنجا نشان، رسمون ۽ اڳواڻ هوندا هئا. اهو دئور انساني تاريخ ۾ گروهه بنديءَ جو واضح روپ هئو۔ جتي اتحاد به هئو ۽ دشمنيون به. هر ڪٽنب، قبيلو ۽ نسل پنهنجو مفاد ٻين کان مٿانهون سمجهندو هو. اهڙي طرح گروهه بندي هم آهنگي بدران مقابلي ۽ طاقت جي علامت بڻجي وئي. هيء اهو ئي وقت هئو، جڏهن انسان هڪ ٻئي کان فاصلو اختيار ڪرڻ لڳو هو. جڏهن تهذيبي، مذهبي ۽ فڪري نظام پيدا ٿيا، تڏهن گروهه بنديءَ هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو. ان وقت ماڻهو رنگ يا نسل بدران عقيدي ۽ نظريي جي بنياد تي ورهائجي ويا. هر مذهب ۾ فرقا، هر فڪر ۾ ڌڙا ۽ هر نسل ۾ مختلف سوچون پيدا ٿيون. هرڪو پاڻ کي حق تي ۽ ٻين کي باطل سمجهڻ لڳو. انهيءَ ورهاست مان فڪري ٽڪراء، اختلاف، نفرتون، جنگيون ۽ مارا ماريون پيدا ٿيون۔ اهڙيءَ طرح گروهه بندي، جيڪا اڳ انساني بقاء لاءِ هئي، ان کي اڳتي هلي اقتدار ۽ نسلي برتريءَ جو هٿيار بڻايو ويو. جڏهن بادشاهتي ۽ شهنشاهي نظام وجود ۾ آيا، تڏهن گروهه بنديء کي سياسي ۽ معاشي طاقت جي صورت ۾ نئون روپ مليو۔
حڪمران ۽ رعيت، حاڪم ۽ محڪوم، امير ۽ غريب، مالڪ ۽ نوڪر، سرمائيدار ۽ مزدور، زميندار ۽ هاري، پير ۽ مريد، اهي سڀ انساني سماج جي مختلف گروهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. هر گروهه پنهنجي مفاد ۽ طاقت بچائڻ لاءِ ٻئي گروهه سان مقابلو ڪندو رهيو. اهو ئي سلسلو اڳتي هلي طبقاتي جدوجهد ۽ معاشي تضادن تائين وڃي پهتو. اڄوڪي دئور ۾ گروهه بندي ظاهري طور تي گهٽ لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ شڪل ۾ ظاهر ٿي پئي آهي. هاڻي ماڻهو سياسي پارٽين، نسلن، ذاتين، نظرياتي تحريڪن، قوميتن، مذهبن، فرقيواريتن، زبانن ۽ معاشي مفادن جي نالي تي ورهايل آهن، جن کي دنيا جا اڪثر سياستدان، حڪمران ۽ طاقتور ادارا گروهه بنديءَ کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙو ورهاستي رجحان عالمي سطح تي انساني اتحاد کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. هاڻي به ايتري ترقيء باوجود دنيا اندر گروهه بندي ان ڪري ختم نه ٿي ٿئي، ڇو ته انسان پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ ۽ ڏسڻ چاهي ٿو۔
دراصل انسان جي مفادن ۽ خواهشن ۾ تضاد آهن، تعليم ۽ شعور اڃا به انساني وحدتن تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن انساني سوچ “مان” بدران “اسان” تي بيهندي، تڏهن وڃي گروهه بنديءَ جو ڳٽ انسان جي ڳچيء مان لهندو ۽ دنيا هڪ گڏيل فڪري ۽ اخلاقي ڪٽنب بڻجي سگهندي. جيتوڻيڪ گروهه بنديءَ جي ابتدا انساني بقا لاءِ ٿي هئي، پر پوءِ اها طاقت، هڪٻئي مٿان برتري ۽ خاص مفادن ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. اصل ۾ اڄ دنيا کي هڪ اهڙي فڪر ۽ نظرئي جي ضرورت آهي، جيڪو انسان کي گروهن ۾ نه، پر پوري انسانيت کي هڪ لڙيء ۾ پوئي سگهي ۽ دنيا ۾ امن به تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ڌرتيءَ تي هر انسان پاڻ کي ڪنهن گروهه جو نه، پر پوري انسانيت جو حصو سمجهندو.
پاڻ اڳ ۾ به لکي آيا آهيون ته، انسان پنهنجي شروعاتي دئور ۾ نه رڳو گڏجي شڪار ڪندا هئا پر، پنهنجو کاڌو به ورهائي کائيندا هئا ۽ مشڪل وقت ۾ سڀئي هڪٻئي جي مدد به ڪندا هئا. انهيء دور ۾ نه ته ڪو حڪمران هئو نه رعيت، نه مالڪ هئو نه نوڪر، نه امير هئو نه ڪو غريب. بلڪي ان جي ابتڙ انساني زندگي سادي، فطري ۽ گڏيل ضرورتن تي ٻڌل هئي. اها زندگي ئي انساني برابريءَ جو اصل نمونو هئي، جتي هر ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ محنت سان عزت حاصل ڪندو هئو۔ جڏهن انسان زراعت ۽ مالداري شروع ڪئي، تڏهن زمين ۽ پالتو جانورن تي مالڪاڻو حق پيدا ٿيو. ڪو ماڻهو وڌيڪ زمين، اناج يا مال گڏ ڪرڻ لڳو، ته ڪو ماڻهو ان کان محروم رهيو. اهو ئي وقت هئو، جڏهن پهريون ڀيرو انسان کي طبقي جو احساس پيدا ٿيو.
جيڪو ماڻهو زمينن، جانورن، پاڻيء ۽ ٻين وسيلن تي قبضو ڪري سگهيو، اهو ته امير ٿي ويو پر جيڪو قبضو نه ڪري سگهيو، اهو غريب سان گڏ تابع به بڻجي ويو. انسان جي انهيءَ عمل مان ئي طبقاتي تضاد جو بنياد پيو۔ جڏهن سرداري نظام يا بادشاهتون وجود ۾ آيون، تڏهن طبقاتي فرق وڌيڪ واضح ٿيو. بادشاهه، پادري، ويڙهاڪ ٽولا، جاگيردار ۽ سرمائيدار مٿئين طبقي ۾ اچي ويا ۽ ٻيا ماڻهو زميندارن، سرمائيدارن، واپارين ۽ سرڪاري ادارن جا ڪم ڪندڙ، مزدور، هاري ۽ غلام هيٺئين طبقي ۾ اچي ويا. اڳوڻن وقتن جا قاعدا، قانون توڙي مذهب سڀئي بادشاهه ۽ امير طبقي جي خدمت لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا. غلاميءَ جو نظام، جنهن ۾ انسان پاڻ جهڙي انسان کي بازارن ۾ وکر وانگر وڪڻندو به هئو، خريد به ڪندو ۽ ان جو مالڪ به بڻيو، اها ئي انساني عزت جي سڀ کان وڏي توهين هئي، پر سردارن، بادشاهن ۽ مالدارن ان کي “قدرتي ترتيب” چئي جائز قرار ڏنو ۽ هن دئور ۾ به نڪ جي پڪائيء سان قرار ڏنو پيو وڃي.
________________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.



