Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڀوپال ۾ سنڌ جي ڪوئل ڀڳونتي ناواڻيءَ جي جنم ڏينھن تي سنڌي سنگيت محفل

سنت ھردارام ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ جي تصويرن اڳيان ديپڪ جلائي ۽ گلاب جي گلن جون مالھائون چاڙھي پروگرام جو آغاز ڪري لڳاتار گيتن جو سلسلو شروع ڪيو ويو

ناري لڇواڻي

ھر سال جيان هن ڀيري پڻ سنڌي فلمن جي اداڪارہ ۽ انٽرنيشنل سطح تي سنڌي سنگيت کي سنڌين تائين پنھنجي سريلي آواز ۽ مُرڪ سان من موهيندڙ انداز ۾ پھچائڻ واري گائڪا ڀڳونتي ناواڻيءَ جي جنم ڏينهن، پھرين فيبروري 2026 تي شام جو ٺيڪ 6 بجي ڀوپال (انڊيا) جي سنت ھردارام نگر ۾ 8 (اٺن) نامياري گائڪائن ۽ ھڪ مشھور ايٿليٽ جي اينڪرنگ (9 رتنن) گڏجي شاندار سنڌي سنگيت جي سترنگي جھنڪار سان ٻڌندڙن جي روح کي راحت جي سوغات ڏني .

ڀڳونتي ناواڻيءَ جي تصوير تي گلن جي ورکا ۽ ديپ ٻارڻ

ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم پھرين فبروري 1940 تي سنڌ جي گادي ڪراچيءَ ۾ ٿيو ھو. سنڌ جي ڪوئل جي نالي سان مشھور ڀڳونتي ناواڻيءَ جو ديھانت 22 آڪٽوبر 1986 تي ٿيو.

 سنگيت جي ديوي ماتا سرسوتي، سنت ھردارام صاحب ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ جي تصويرن اڳيان پروگرام ۾ ڀاڳ وٺندڙ گائڪائن ھٿان ديپڪ جلائي ۽ گلاب جي گلن جون مالھائون چاڙھي پروگرام جو آغاز ڪيو ويو . تنھن کان پوءِ لڳاتار گيتن جو سلسلو شروع ٿيو .

سڀ کان اول ھڪ ئي گھر جي نڻان ۽ ڀاڄائي ( سميڪشا لڇواڻي ۽ رِيا لڇواڻي) دادا ھوندراج دکايل جو گيت ” سائين او سائين ، سائين مھر وسائين… ” ۽ گوورڌن ڀارتيءَ جي لکيل لولي ” لعل پنھنجو ھندورن ۾ مان جھولايان… ” ڳائي پروگرام جو بنياد رکيو . اڳلي پيشڪش ۾ وارو آيو شاھ عبداللطيف جي ڪلام ” پيري پونديسان چونديسان رھي وڃ رات ڀنڀور ۾ …” جنھن ۾ آواز ڏنو دِيپتِي سِڌواڻيء . ھن ٻيو بہ ڪلام پيش ڪيو کيئلداس بيگواڻي   ‘  فانيء  ‘ جو لکيل ” منھنجي مارُن جي او ڪانگا لنءُ ڪا لات…” . روشني تنواڻيءَ پروفيشنل انداز ۾ ٻـ گيت ڳايا  ” او امان ! منھنجي مٺڙي امان…” ۽ ” منھنجا يار مٺا ، مون کان وڃ نہ پري…” . ان کانپوءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ” جيڏيون منھنجي راڻي کي…” دروپدي چندناڻيءَ ڪلاسيڪل راڳ راڻي ۾ ڳائي سڀني کي جڳ مشهور فنڪاره عابده پروين جي ياد ڏياري ڇڏي . سندس وار بہ ھوبھو عابده وانگر کليل ھئا .

ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي شاگردياڻي دِشا چانڊواڻيء بہ ڀڳونتي ناواڻيء جي ھوبھو آواز ۾ سندس ڳايل ” سُکمني ” پيش ڪري ڀڳونتيءَ جي زنده هجڻ جو احساس ڪرايو . دِشا ، ونود آسوُداڻيء جا ٻـ غزل ” ڌيري ڌيري ھوا ھلي ٿي…” ۽ ” بندگي مون نہ ٻي ڪئي آھي، صرف تو لئہ دعا پني آھي…” پڻ ڳائي محفل کي اوج تي رسايو . ميوزڪ ڪمپوزيشن دليپ لعلواڻيءَ جي ھئي . تنھن کان پوءِ ھڪ ٻي سريلي گائڪا مڌوُ موھناڻيء بہ  واھ جو پاڻ موکيو. ھن ” منھنجو دارون دوا، تنھنجو ديدار آ ، ڏيکارڻ حڪيمن کي بيڪار آ …” ۽ گوورڌن ڀارتيء جو گيت  ” باھ لڳي آ زماني کي، ملھ نہ رھيو آھي ناڻي کي…” . ڏسڻ ۾ سڀني کان ننڍڙي ۽ سھڻي گائڪا سُمن ھرڇنداڻيء بہ رانجھن جو گيت ” الائي جي ڇا ۾ راضي آ ، الائي جي ڪنھن سان راضي آ …”  ۽      ” لڳندو چنڊ جو ٽڪرو آ ، منھنجو دلبر آ …” ڳائي وڏو ڪمال ڪيو .

نيشنل سطح تي پنھنجي ڌاڪ ڄمائڻ واري مشھور ايٿليٽ ڪويتا چانڊواڻيءَ ھن خاص جھنڪار واري موسيقي پروگرام جي ميدان ۾ زبردست ڌاڪ ڄمائي. جيڪا چڱي وقت تائين ڪنھن کان ڪانہ وسرندي .

ديپ مالا پڳاراڻي سنسڪار پبلڪ اسڪول جي سھيوڳ سان ساھت، ڪلا ۽ سنسڪرتي (تھذيب) جو جھرڻو  “سنڌوءَ ” پاران سڪ ۽ صدق سان اھڙي نموني ھر دل عزيز فنڪاره ڀڳونتي ناواڻيء کي وري ياد ڪيو ويو .

___________________

ناري لڇواڻي ناميارو شاعر، ڪلاڪار ۽ سينئر براڊڪاسٽر آھي. سندس وڏڙن جو تعلق سنڌ جي ساھتي پرڳڻي سان آھي. ناري لڇواڻي ھِردارام نگر ۾ رھي ٿو  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button