ڪتاب ”ندي ھوريان وھي ٿي پئي The River is flowing Slowly “جو جائزو
محمد علي پٺاڻ جو ھيءُ چوئيتاليھون ڪتاب آهي، جيڪو سندس منفرد، نرالين ۽ گهرين يادگيرين تي ٻڌل شاعريءَ جو قيمتي اثاثي جهڙو ترجمو آهي. ھن ڪتاب جا سمورا نظم اخلاقي قدرن ۽ اعليٰ جذباتي شعور جي اظهار سان ڀرپور محبت جو پيغام ڏين ٿيا
گل محمد عمراڻي
هي گھڻ رخي شخصيت واري پروفيسر محمد علي پٺاڻ جو چوئيتاليھون (44) ڪتاب آهي، جيڪو سندس منفرد، نرالين ۽ گهرين يادگيرين تي ٻڌل شاعريءَ جو قيمتي اثاثي جهڙو ترجمو آهي. سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ھي ترجمو The River is flowing Slowly انگريزي ادب جي سنجيده پڙھندڙ ۽ سندس باصلاحيت مداحن پاران ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مرتب علي بخش پٺاڻ آھي. پنجاھ يادگار شاعراڻا عڪس انتهائي خوبصورتي ۽ نفاست سان عام فهم ۽ محاوراتي لهجي ۾ اھڙي ريت انگريزي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، جو انھن منجھ فني جماليات جي سچائي، جذبي سان ڀريل فردي وابستگي ۽ ولولو سمايل آهي.

بيشڪ، جيئن چوندا آهن ته آسمان حد آهي، خاص طور جڏهن عظيم شاعر شاھ لطيف جو حوالو ڏجي ته، ”پڙاڏو ۽ سڏ“ ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا ناهن هوندا، بلڪل ايئن ئي ھن ڪتاب ۾ شامل نهايت اهم شاعراڻن ترجمن جي حسين امتزاج ۾ اھو چِٽي نموني نظر اچي ٿو، جيڪو ھڪ ئي جلد ۾ يڪجاءِ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ دلڪش آھنگ، تڪرار، موسيقيت ۽ سُرن ڀريل صوتي اثرن سان سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جيڪي لڳ ڀڳ جذباتي تخيل ۽ جمالياتي ترنم کان به اڳتي وڌيل محسوس ٿين ٿا.
هن مجموعي ۾ شامل سڀئي تخليقي اسم اهڙن گهڻ رخي نثر ۽ نظم لکندڙ قلمڪارن جي قلم جو ڪمال آهن، جن نہ رڳو اوڀر جي ٻولي سنڌيءَ جي روح کي پنهنجي اندر جذب ڪيو آهي پر ساڳئي وقت انگريزي ٻوليءَ کي به پنهنجي فني اوزار طور عشق سان اختيار ڪيو آهي.
محمد علي پٺاڻ هڪ اهڙو حيرت انگيز شاعراڻو جادوگر آهي، جيڪو سماج جي بدلجندڙ خواهشن ۽ حالتن سبب مٿس مڙهيل رياڪاري ۽ ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ شعوري طور وقف آهي. پر هو ان بلبل جهڙو شاعر به آهي، جيڪو اونداهين ۾ ويهي پنهنجي مٺن سُرن سان پنهنجي اڪيلائيءَ کي پاڻ ئي آٿت ۽ تسڪين ڏئي ٿو. هي ترجمو ڪيل شاعري سندس ڊگهي فڪري اوج ۽ تخليقي خلوت دوران سرجيل وابستگيءَ جا قيمتي موتي ظاهر ڪري ٿي. جيئن چوندا آهن ته شاعر پيدا ٿيندا آهن، ٺهندا ناهن، تيئن ئي هن ترجمو ڪيل طويل فڪري، وجداني ۽ سوانحي انداز واري رزميه شاعريءَ جي ھر نظم ۾ لاشعوري وهڪري جي جماليات ڀرپور نموني رچي وئي آهي.
انهن دانائيءَ وارن لفظن کي رڳو ادب جي اُنهيءَ شاندار روايت ۾ ئي پڙهي سگهجي ٿو، جتي شاعري تجربي جي اصل ڪيفيت کي اھڙي نزاڪت سان بيان ڪري ٿي، جيڪا ٻئي ڪنهن وسيلي ممڪن ناهي.
ھن ڪتاب جا سمورا نظم اخلاقي قدرن ۽ اعليٰ جذباتي شعور جي اظهار سان ڀرپور محبت جو پيغام ڏين ٿيا. منهنجا خيال به ھن ڪتاب ۾ ”پيش لفظ“ طور شامل آهن.
_________________

گُل محمد عمراڻي رٽائرد بيوروڪريٽ آھي. ھُو سنڌ حڪومت ۾ ثقافت کاتي جو بہ سيڪريٽري رھيو. سندس آٽوبايوگرافي ٽن جلدن ۾ شائع ٿيل آھي



