اڄ پيار، محبت ۽ تخليق جو اُھڃاڻ بسنت پنڇميءَ جو ڏڻ ملھايو پيو وڃي
بسنت پنڇمي اصل ۾ بھار جي مُند جي آمدجوڏڻ آھي. ڪن روايتن موجب انھيءَ کي سرسوتي ديويءَ جي پُوڄا جو ڏڻ بہ سڏيو وڃي ٿو.
بسنت کي جذبن سان ڀرپور ھڪ نئين مُند جي شروعات تصور ڪيو وڃي ٿو جڏھن نوجوانن جي دلين ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا جاڳندا آھن، وڻن ۽ گُلن ۾ نوان گونچ ڦٽندا آھن ۽ فطرت جوانيءَ ۽ سرمستيءَ جو ھڪ نئون روپ وٺي ظاھر ٿيندي آھي.
ويدن ۾ سرسوتيءَ کي ھڪ نديءَ طور ڄاڻايو ويو آھي، جنھن جو قدرتي ماحول علم ۽ گيان لاءِ موزون ھو. قديم زماني جا ڏاھا سرسوتي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي گيان ڪندا ۽ ويد لکندا ھئا. اھائي ندي انھيءَ زماني ۾ پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ خالص ھوا جو مُک وسيلو ھئي ۽ انھيءَ ڪري ئي سرسوتيءَ کي علم ۽ گيان جي ديوي سڏيو ويو.
نصير اعجاز
اڄ ننڍي کنڊ ۾ بسنت يا وسنت پنڇميءَ جو ڏڻ ملھايو پيو وڃي جنھن کي ڪامديو جو ميلو يا ڏڻ بہ چيو وڃي ٿو. اھو ڏڻ ميگھ مھيني جي پنجين ڏينھن تي ملھايو ويندو آھي جڏھن چانڊوڪي رات ھوندي آھي. بسنت پنڇمي اصل ۾ بھار جي مُند جي آمدجوڏڻ آھي. ڪن روايتن موجب انھيءَ کي سرسوتي ديويءَ جي پُوڄا جو ڏڻ بہ سڏيو وڃي ٿو. ھندو ڏندڪٿائن موجب سرسوتي علم، فن ۽ سکيا (وِديا) جي ديوي آھي. بھرحال جيڪڏھن تاريخ جو جائزو وٺبو تہ معلوم ٿيندو تہ بسنت پنڇميءَ جو ڏڻ ڪامديو يعني پيار ۽ محبت جي ديوتا کي ارپيل آھي.

بھار جي مُند جي آمد تي بسنت انھيءَ ڪري ملھايو ويندو آھي جو بسنت کي جذبن سان ڀرپور ھڪ نئين مُند جي شروعات تصور ڪيو وڃي ٿو جڏھن نوجوانن جي دلين ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا جاڳندا آھن، وڻن ۽ گُلن ۾ نوان گونچ ڦٽندا آھن ۽ فطرت جوانيءَ ۽ سرمستيءَ جو ھڪ نئون روپ وٺي ظاھر ٿيندي آھي. انھيءَ ڪري ڪامديو کي بہ پيار محبت ۽ اندر جي اُڌمن جاڳائڻ جو ديوتا سمجھيو ويندو آھي. ڪاما يا ڪام جو مطلب ئي آھي اُڌما يا پيار محبت جون خواھشون ۽ بسنت انھيءَ حساب سان تخليق يا نئين حيات جو ڏڻ ۽ انساني وجود جو اُھڃاڻ آھي.
ڏند ڪٿائن موجب ڪامديو، ڀڳوان وشنو ۽ لڪشمي ديويءَ جو پُٽ ھو، جڏھن تہ سندس جوڙيدار رَتي جذبن ۽ موج مستيءَ جو اُھڃاڻ سمجھي وڃي ٿي. ٻنھي کي جسماني ۽ جذباتي پيار محبت جو اُھڃاڻ مڃيو وڃي ٿو. قديم روايتن موجب نوجوان جوڙا انھيءَ ڏڻ تي ڪامديو ۽ رتيءَ جي پُوڄا ڪندا آھن. انھيءَ ڏينھن کي وھانءَ ۽ مڱڻن جي لاءِ بہ مناسب ۽ خوشبختيءَ جي علامت سمجھيو ويندو آھي. ڏند ڪٿائن موجب، جڏھن ستي ديويءَ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو تڏھن شيو ڀڳوان اڪيلو ٿي پيو ۽ دنياوي خواھشن کي ڇڏي پنھنجي مُنھن حياتي گھارڻ لڳو. انھيءَ وقت ديوتائن ڪامديو کي موڪليو تہ جيئن ھُو شِيو ڀڳوان جي من ۾ محبت جو مچ ٻاري ۽ دنياوي خواھشون پيدا ڪري ۽ انساني نسل اڳتي وڌي. ڪامديو پنھنجو گُلن وارو تير شِيو جي مٿان ڦيرائي سندس مُراقبي کي ٽوڙيو جنھن تي شِيو ڀڳوان پنھنجي ٽين اک سان ڪامديو ڏي نھاري کيس باھ ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو. پر انھيءَ سان ڪامديو ختم ڪونہ ٿيو ڇو تہ شِيو ڀڳوان اعلان ڪيو تہ ڪامديو اُڌمن ۽ خواھشن جي سگھ طور بنا جسم جي حيات رھندو. انھيءَ ڏندڪٿا ۾ لڪل فلسفو ھيءُ آھي تہ اُڌما يا خواھشون ڪڏھن بہ ختم نہ ٿينديون آھن.
بسنت پنڇمي جي موقعي تي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون زرد رنگ جا ڪپڙا پائيندا آھن ڇو تہ پيلو رنگ روشن ڏينھن، زندگيءَ جي سونھن، دلين کي مُوھيندڙ سمجھيو وڃي ٿو. ٻيو تہ ھن مند ۾ فصل پچندا آھن ۽ خاص طور سرنھن جا پيلا گُل ڦُولاربا آھن. ھڪ لحاظ کان بسنت پنڇميءَ کي پيار ۽ محبت جو ڏڻ سمجھڻ جي ڪري ننڍي کنڊ جو ويلنٽائين ڊي سڏي سگھجي ٿو.
بھرحال صدين کان وٺي روايتن ۾ تبديلي ايندي وئي ۽ بسنت پنڇمي ڪامديو يا پيار محبت ۽ جذبن جي ديوتا جي ڏڻ منجھان ھٽندو سرسوتي ديويءَ جو ڏڻ سڏجڻ لڳو جنھن ۾ سمورو ڌيان ۽ گيان علم ۽ ڄاڻ تي ھوندو آھي. اھا تبديلي خود بدلجندڙ سماجي قدرن جو اُھڃاڻ آھي. انھيءَ تبديليءَ جي باوجود ھن ڏڻ جي پراڻي معني مڪمل طور ختم نہ ٿي سگھي آھي ۽ گيان ڌيان ۽ وِديا سان گڏ پيار محبت ۽ اُڌمن جي قوت يعني ڪاما (ڪام) بہ گڏوگڏ ھلي رھي آھي. ھاڻي اھو سمجھيو وڃي ٿو تہ سَرسوتيءَ جي ماتحت تخليق، فن، سنگيت ۽ شاعريءَ جو بنياد ڪامديو آھي جيڪو خواھشن، جذبن ۽ اُڌمن کي جنم ڏئي ٿو. ايئن چئي سگھجي ٿو تہ بسنت رُت انساني جذبن کي جاڳائي ٿي ۽ اھا پيار محبت جي رُت آھي.
ويدن ۾ سرسوتيءَ جو ذڪر
ويدن ۾ سرسوتيءَ کي ھڪ نديءَ طور ڄاڻايو ويو آھي، جنھن جو قدرتي ماحول علم ۽ گيان لاءِ موزون ھو. قديم زماني جا ڏاھا سرسوتي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي گيان ڪندا ۽ ويد لکندا ھئا. اھائي ندي انھيءَ زماني ۾ پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ خالص ھوا جو مُک وسيلو ھئي ۽ انھيءَ ڪري ئي سرسوتيءَ کي علم ۽ گيان جي ديوي سڏيو ويو.
ڪلڪتي ۾ رھندڙ نامياري ليکڪہ ديباشري چڪرورتيءَ جو چوڻ آھي تہ وقت سان گڏ سرسوتي نديءَ واري اھميت کي ختم ڪري ڇڏيو اٿن. ”مان انھيءَ ڳالھ ۾ يقين رکان ٿي تہ ماڻھن کي پُراڻ پڙھڻ بدران ويد، اُپنيشد ۽ گيتا پڙھڻ گھرجن، تہ جيئن کين سرسوتي نديءَ جي اصل اھميت جي خبر پوي، ڇو تہ پُراڻ اصل ۾ گھڻو پوءِ جون تصوراتي ڪھاڻيون آھن جن ۾ ويدن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آھي.“
ھُن مثال ڏيندي چيو تہ قديم ھندومت جي قديم نسخن موجب ياما کي رات جو اُھڃاڻ ۽ ياميءَ کي ڏينھن جو اُھڃاڻ ڪري ٻُڌايو ويو آھي ۽ ڏينھن ۽ رات جو پاڻ ۾ ملڻ ممڪن ئي ڪونھي پر پُراڻن ۾ انھيءَ ڳالھ کي بگاڙي يامي ۽ ياما کي ڀيڻ ۽ ڀاءُ ڪري پيش ڪيو ويو آھي.

سرسوتي نديءَ بابت وڌيڪ ڳالھائيندي ديباشري چڪرورتيءَ چيو تہ ڪجھ سال اڳ بي بي سيءَ جي ھڪ رپورٽ پڙھي ھوُءَ حيران ٿي وئي جنھن ۾ ٻُڌايو ويو ھو تہ سيٽلائيٽ اميجريءَ سان ٿر ۾ زير زمين ھڪ ندي ظاھر ٿي آھي جنھن کي سرسوتي ندي سمجھيو وڃي ٿو. سال 1990 ۾ ھڪ ٻي رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي تہ انڊيا جي ھريانہ واري علائقي ۾ مقدس ندي سرسوتيءَ جا آثار مليا آھن. انگريز راڄ دوران بہ سرسوتي نديءَ جي حوالي سان گھڻي کوجنا ڪئي وئي ھئي. پر ويدن تي سرسوتي نديءَ جي باري ۾ گھڻو تفصيل سان بيان ڪيل آھي. ويدن مطابق سرسوتي ندي اُتر ھندستان جي شِيوالڪ جبلن مان نڪري ھريانہ ۽ پنجاب مان وھندي راجسٿان جي رڻ ۾ داخل ٿيندي ھئي ۽ پوءِ وڃي سنڌ ۾ سنڌو نديءَ سان ملندي ھئي. برٽش راڄ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جيمس ٽاڊ کي راجسٿان جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو ويو ھو، جنھن وڏي کوجنا ڪري يارھن جِلدن تي مشتمل ھڪ رپورٽ تيار ڪئي، پر اھو ڪم پورو ڪرڻ بعد جلد ئي ٽيونجاھ ورھين جي عمر ۾ 1935 ۾ فوت ٿي ويو. جيمس ٽاڊ پنھنجي رپورٽ ۾ لکيو تہ ھُن ٿر جي واريءَ ھيٺان ڪيترين ئي سُڪي ويل ندين جا پيٽ ڳولي لڌا جن سان گڏ ھندستان جي شھري تھذيب جا آثار بہ کيس مليا. انھن آثارن ۾ قديم گھر، گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ شيون، انسانن ۽ جانورن جا ھڏاوان پڃرا ۽ ٻيون شيون شامل ھيون.
”جيمس ٽاڊ لکي ٿو تہ ٿر جي لوڪ ڪھاڻين ۽ لوڪ گيتن مان کيس گھگھر ۽ ھاڪڙو ندين جي بہ ڄاڻ ملي جن لاءِ مقامي ماڻھن جو يقين ھو تہ اھي سرسوتي نديءَ جا وھڪرا ھئا،“ ديباشريءَ ٻُڌايو، پر چيائين، ”سوال پيدا ٿئي ٿو تہ ڪھڙو ثبوت آھي تہ گھگھر ئي اصل ۾ سرسوتي ندي ھئي. برٽش دور ۾ ان تي وڌيڪ کوجنا ڪئي وئي ۽ ڪلڪتي ۾ شائع ٿيل ھڪ نقشي ۾ گھگھر نديءَ جي وھڪري جو نقشو بہ شامل ڪيو ويو.“
”گھگھر اصل ۾ ھڪ خاص مند ۾ وھندڙ ندي ھئي جيڪا شِيوالڪ جبلن مان نڪري چنديڳڙھ کان ويھ ڪلوميٽر پري اُتر ۾ پنجور جي ميداني علائقي مان ٿيندي امبالا، سِرسا ۽ ھنومانڳڙھ مان گذرندي راجسٿان ۾ داخل ٿيندي اڳتي سنڌ ۾ ھلي ويندي ھئي جتي اُن کي ھاڪڙو ندي سڏيو ويندو ھو. اھا ندي وڃي سنڌونديءَ سان ملندي ھئي. گھگھر ندي اڄ بہ سنوڻ جي برساتن واري مند ۾ وھي ٿي.“
ديباشريءَ چيو تہ راجسٿان ۾ گھگھر نديءَ جي ڪنڌيءَ تي قديم شھري آبادين جا آثار انھيءَ ڳالھ جي پڪ ڏين ٿا تہ اھو علائقو پراڻي زماني ۾ درياھن واري تھذيب جو مرڪز ھو. پُراڻن نسخن ۾ سنڏ، بھاولپور ۽ ھريانہ مان لنگھندڙ نديءَ جي ڊگھي وھڪري جو بہ ذڪر ملي ٿو جيڪا دھليءَ واري پاسي کان نڪرندي ھئي. رگ ويد ۾ سرسوتي نديءَ جي وھڪري واري لنگھ سان ٿر ۾ سُڪي ويل ٻين ندين، قديم شھري آبادين ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوھن جو ذڪر ملي ٿو. ”ٿر ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوھن ھجڻ واري ڳالھ حيرت جھڙي آھي نہ؟“
”اڃان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالھ ھيءَ آھي تہ نديءَ مان پاڻي ڇڪي ٿر ۾ ٻنيون سيراب ڪرڻ لاءِ ھڪ سئو کن نار ھوندا ھئا جن کي اُٺ ھلائيندا ھئا. سال 1037 ۾ جڏھن سلطان محمود ھندستان تي حملو ڪيو يا بعد ۾ 1338 ۾ افغانستان رستي تيمور ھندستان ۾ گھڙيو تہ ھنن بہ گھگھر نديءَ جي ڪنڌيءَ تي سرسوتيءَ جي نالي سان ھڪ خوشحال شھر جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو، جتي ڏھ ھزار ماڻھو رھندا ھئا ۽ اُھي علم، ثقافت ۽ دولت جي لحاظ کان پاڻڀرا ھئا. اھو شھر اڄ ھريانہ ۾ سِرسا جي نالي سان سڏجي ٿو.“
مشھور عرب سياح ابنِ بطوطہ بہ پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي تہ ھُن اوڀر راجپوتانا ۾ ندين جي ڪنڌين تي خوشحال شھر ڏٺا ۽ جتي ڪمند ۽ ٻين فصلن جي پوک ٿيندي ھئي. اھڙا منظر اڄ نظر ڪونہ ٿا اچن.
ديباشريءَ چيو، ”انگريز محققن جڏھن افغانستان مان ھٿ آيل قديم پشتو شاعري ترجمو ڪئي تہ انھن ۾ بہ سرسوتي نديءَ جو ذڪر مليو جيڪا ڪڇ جي رِڻ مان وھندي ھئي ۽ انھيءَ جي وھڪرن سان ھڪ ٻيٽ جھڙي شڪل جو علائقو وجود ۾ آيل ھو جتي قديم زماني ۾ عرب بہ اچي آباد ٿيا.“
”پر مان توھان کي ھڪ ٻي اھم ڳالھ ٻُڌائڻ گھران ٿي.“ ديباشري چڪرورتيءَ چيو. ”اسان سڀني کي ڄاڻ آھي تہ سنڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ تي سنڌو تھذيب جنم ورتو، پر تاين کوجنائن موجب سنڌو تھذيب سرسوتي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي بہ اُسري. رگ ويد ۾ سرسوتي نديءَ جو ذڪر ٻاھتر ڀيرا ڪيل آھي. ويدن ۽ پُراڻ ۾ انھيءَ نديءَ جي وھڪرن ۽ ان جي ڪنڌيءَ تي زرخيز زمينن جو ذڪر ڪيل آھي. رگ ويد جي گيانين سرسوتيءَ جي ڪنڌي تي ويھي، نديءَ جي وندڙ پاڻيءَ جي آوازن کي ٻُڌندي شلوڪ لکيا ۽ انھيءَ ڪري سرسوتيءَ کي ڳالھائڻ ۽ ٻوليءَ جي ديوي بہ سڏيو ويو.“
”سرسوتيءَ جو ذڪر رُڳو ھندو نسخن ۾ نہ پر ٻُڌمت ۽ جين مت جي قديم ڪتابن ۾ بہ ملي ٿو. رگ ويد ۾ انھيءَ جي ستن ڀينرن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آھي تہ سرسوتي پنھنجي ستن ڀينرن جي وچ مان وھندي ھئي جن ۾ جمنا ۽ ستلج بہ شامل آھن. انگريزن جي کوجنا بہ ان جي تصديق ڪري ٿي.“
مختلف پراڻن ڪتابن ۾ سرسوتي نديءَ جي غائب ٿيڻ جا مختلف ڪارڻ ڄاڻايل آھن. مھاڀارت جي ھڪ ڏندڪٿا ۾ ڄاڻايل آھي تہ اُتٿيا نالي ھڪ بُزرگ پنھنجي اغوا ٿيل زال کي ڳوليندي سرسوتيءَ کي حڪم ڪيو تہ سُڪي وڃ. انھيءَ جي نتيجي ۾ سرسوتيءَ جو رُخ راجسٿان ڏانھن ٿيو جتي ھڪ علائقي جو نالو ”سَر“ تي پورو ٿئي ٿو جنھن جي معني آھي ڍنڍ. اھو لفظ ڪنھن زماني ۾ اُتي پاڻيءَ جي وجود جو ثبوت ڏئي ٿو.
وزير اعظم اٽل بھاري واجپائيءَ جي زماني ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي ھئي تہ جيئن سرسوتي نديءَ جي وھڪري بابت کوجنا ڪئي وڃي. وزيراعظم نريندر موديءَ جي دور ۾ بہ انھيءَ رٿا کي ٻيھر شروع ڪيو ويو. ھريانہ ۾کوٽاين دوران آدي بدري واري علائقي ۾ پاڻي ڦوھارن جي شڪل ۾ نڪرڻ لڳو ھو. ھڪ رٿا ٺاھي وئي تہ انھيءَ نديءَ جي وھڪري کي ڪُرڪشيتر، يمنانگر ۽ ڪئٿل ۾ بحال ڪيو وڃي. راجسٿان ۽ ڪڇ جي رڻ ۾ کوٽاين سان بہ اُتي زيرزمين پاڻيءَ جي وھڪرن موجود ھجڻ جا آثار مليا آھن. ”مون پاڻ جيسلمير ۾ پنھنجي اکين سان ڏٺو تہ ريگستان ۾ رڻ جي زيرزمين پاڻيءَ سان ٻنين کي سيراب ڪيو پي ويو،“ ديباشريءَ ٻڌايو.
ڳالھ کي کُٽائيندي ديباشريءَ چيو، ”جديد تحقيقن موجب سرسوتي ندي ڏھ ھزار سال کن پُراڻي آھي ۽ ناسا ۽ ٻين ادارن جي سيٽلائيٽ اميجريءَ موجب سرسوتي اڄ بہ ٿر جي رڻ ھيٺان وھي ٿي. آرڪيالاجسٽ المانندا گھوش کي کوجنا دوران مليل شين مان بہ ثابتي ملي ٿي تہ ان علائقي ۾ سرسوتيءَ جو قديم وھڪرو ھيو. جيالاجسٽ ڪي ايس والديا ۽ وِي ايم ڪي پُوري بہ تصديق ڪن ٿا تہ سرسوتي ندي شِوالڪ جي برفاني جبلن مان نڪرندي ھئي. سال 1995 ۾ ڪيل ريڊيوڪاربن ٽيسٽون بہ ٻُڌائن ٿيون تہ اھي ندين جا پُراڻا پيٽ ڏھ ھزار سال پُراڻا آھن. ھڙپا واري تھذيب سرسوتي جي وھڪري سان ڪشمير کان گجرات تائين پکڙيل ھئي. ممڪن آھي تہ زلزلن ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اھا ندي گُم ٿي وئي ۽ نتيجي ۾ تھذيب جو زوال بہ آيو.“
”ويدن واري فلسفي موجب سرسوتي ندي ۽ الھامي سگھ يعني پاڻي ۽ روشني، علم ۽ ڏاھپ ۽ کاڌ خوراڪ جو اُھڃاڻ آھي. اھا ويدن واري تھذيب جي شھ رڳ ھئي.
_________________
نصير اعجاز سينئر صحافي، محقق ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي



