ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٻن ڏينھن وارو فلاور شو
فلاور شو ۾ گلِ دائودي سميت 100 کان وڌيڪ قسمن جا خوبصورت گل، پام ۽ ٻيا سينگاريل ٻوٽا نمائش لاءِ رکيا ويا
ڪراچي
ڪراچي پريس ڪلب طرفان گلبرگ ٽائون جي سهڪار سان موسمِ بهار جي آمد جي موقعي تي ٻن ڏينهن وارو فلاور شو آچر ڏينهن پورو ٿيو. فلاور شو جو افتتاح ڇنڇر ڏينھن ڪراچيءَ جي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد ۽ چيئرمين گلبرگ ٽائون نصرت الله گڏجي ڪيو ھو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو ته ڪراچي روشنيءَ، رنگن ۽ زندگيءَ سان ڀرپور شهر آهي، پر بدقسمتي سان ان جي مثبت سڃاڻپ پس منظر ۾ هلي وئي آهي. هن چيو ته فلاور شو جهڙيون ثقافتي سرگرميون شهر جي خوبصورت چهري کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون تقريبون رڳو پريس ڪلب تائين محدود نه هجڻ گهرجن، پر شهر جي مختلف علائقن ۾ به منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو فطرت جي حسين رنگن مان لطف اندوز ٿي سگهن.
چيئرمين گلبرگ ٽائون نصرت الله چيو ته گل محبت، امن ۽ خوبصورتيءَ جي علامت آهن. ڪراچي ۾ اهڙين سرگرمين جي واڌ سان نه رڳو شهرين کي مثبت تفريح ملندي، پر شهر جو مجموعي ماحول به بهتر ٿيندو. هن ڪراچي پريس ڪلب جي انتظاميا کي ڪامياب فلاور شو جي انعقاد تي مبارڪ ڏني.
تقريب جي پڄاڻي تي معزز مهمانن کي پريس ڪلب طرفان شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.

فلاور شو ۾ گلِ دائودي سميت 100 کان وڌيڪ قسمن جا خوبصورت گل، پام ۽ ٻيا سينگاريل ٻوٽا نمائش لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي شرڪت ڪندڙن جي خاص توجہ جو مرڪز بڻيا. رنگ برنگي گلن سان سجيل هي نمائش موسمِ بهار جي سچي عڪاسي ڪري رهي آهي.
ٻن ڏينهن وارو فلاور شو صحافين، پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ سندن گهراڻن لاءِ منعقد ڪيو ويو ھو. (پريس رليز)
____________



