ٻَني: انڊيا جي ڪڇ وارو علائقو جتي سنڌين جا چاليھن کان مٿي ڳوٺ آھن
چاليھ ٻائيتاليھ ڳوٺن تي مشتمل علائقي ”ٻَنِي“ ۾ مسلمان سنڌين جي آبادي آھي ۽ اُتي ھنن سرڪاري اسڪولن ۾ بہ غير سرڪاري طور سنڌي لِپي جاري رکي آھي
ان علائقي جي ماڻھن جو سرحد ويجھو ھجڻ ڪري سنڌ اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. سندن مٽيون مائٽيون بہ آھن، جنھن ڪري سنڌ مان ڪتاب بہ اچن ٿا. اُتي مدرسا بہ آھن جتي سنڌي لِپيءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي
نصير اعجاز
”ڪڇ ۽ گجرات ۾ سنڌي لِپي ھلندي ھئي جتي مسلمان ان کي جاري رکندا آيا. ھاڻي تہ اُتي بہ گجراتي لِپي ھلي ٿي. ڪڇي لھجي (ڊائليڪٽ يا اُپَ ڀاشا) جي پنھنجي لِپي نہ ھجڻ ڪري اُھي گجراتيءَ ڏانھن ھليا ويا. بلڪ حقيقت ھيءَ آھي تہ جنھن بہ رياست ۾ سنڌي آھن، سنڌي ٻولي بہ اتان جي لِپيءَ ۾ لکي پڙھي پئي وڃي،“ ناليواري شاعر، براڊڪاسٽر ۽ ڪلاڪار سائين ناري لڇواڻيءَ ٽيليفون تي ڪچھريءَ ۾ ٻُڌايو.

”پر ھا، ھڪ ننڍڙو علائقو ڪڇ ۾ آھي. چاليھ ٻائيتاليھ ڳوٺن تي مشتمل ان علائقي جو نالو آھي ”ٻَنِي“، جتي اڄ بہ مسلمان سنڌين جي آبادي آھي ۽ اُتي ھنن سرڪاري اسڪولن ۾ بہ غير سرڪاري طور سنڌي لِپي جاري رکي آھي،“ ھُن ٻُڌايو، جيڪو پاڻ مڌيہ پرديش رياست جي گادي ڀوپال لڳ سنڌين جي شھر سنت ھردارام نگر (اڳوڻو نالو بيراڳڙھ) ۾ رھي ٿو.
ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ ان علائقي جي ماڻھن جو سرحد ويجھو ھجڻ ڪري سنڌ اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. سندن مٽيون مائٽيون بہ آھن، جنھن ڪري سنڌ مان ڪتاب بہ اچن ٿا. ”اُتي مدرسا بہ آھن جتي سنڌي لِپيءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. مان پاڻ ھڪ ڀيري ٻَنِيءَ ويو ھيس ۽ مدرسا بہ گھميس.“

سندس اھا ڳالھ ٻُڌي خوشي ٿي تہ اُتان جي مدرسن ۾ سنڌي پڙھائڻ وارو چڱو ڪم ٿئي پيو، پر پُڇيم تہ ڀلا انھن مدرسن جو انتھاپسنديءَ وارو ڪردار تہ ناھي؟ سوال ٻُڌي ناري لڇواڻي کليو ۽ چيائين، ”مدرسي جي ٻارن اسان کي سنڌي سبق پڙھي ٻُڌايو، لوڪ گيت بہ ٻُڌايا، جن تي ڏاڍي خوشي ٿي، پر ڪي جملا اڻ وڻندڙ محسوس ٿيا جن ۾ غير مسلم ماڻھن لاءِ غلط تاثر ڏنل ھو. ٻارن جي ڪچي ذھن ۾ نفرت ننڍي ھوندي کان ئي ڀري پئي وڃي. مدرسن جا اھي ڪتاب بہ سرحد پار کان اچن ٿا.“
ھُن ٻڌايو تہ ٻَنيءَ واري علائقي ۾ سنڌي مسلمانن جي آبادي ھزارن ۾ آھي. ھڪ اندازي موجب انھن جو انگ پنجاھ ھزار جي لڳ ڀڳ ٿيندو. سندن نوجوان نسل بہ پنھنجي سنڌي روايتن کي جاري رکيو آھي. ھُو سنڌي ويس وڳا پائن ٿا جن ۾ سلوار قميص، اجرڪ وغيرہ شامل آھن. اُتي اڪثر اُھي ذاتيون ملن ٿيون جيڪي سنڌ ۾ آھن.
ھندستان ۾ سنڌ واري سنڌي لِپيءَ جي جاءِ تي ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ بابت اُتان جي سنڌين جي سوچ تي افسوس ڏيکاريندي ھُن گھڻيون ئي ڳالھيون ڪيون.
ناري لڇواڻيءَ چيو، ”ديوناگري سنڌي اسان کي اوپري لڳي ٿي. اسان جي وڏن بہ سنڌي لِپي پڙھي. منھنجي پِتا جي عمر ٻيانوي سال ھئي. ھن ٻارھن ورھين جي عمر کان لڳاتار روزانو اسي ورھيہ گيتا پڙھي جيڪا سنڌي لِپيءَ ۾ ھئي. منھنجي ماتا سمورا ڌرمي ڪتاب ۽ ڪٿائون سنڌي لِپيءَ ۾ پڙھيون. ڇا سنڌي لِپيءَ ۾ گيتا ۽ ٻيا ڌرمي ڪتاب پڙھڻ سان سندن ڌرم مٽجي ويو؟ ڀلا سنڌي ادب جا جيڪي بہ وڏا نالا آھن، اُھي سڀ بہ تہ سنڌ ۾ سنڌي لِپيءَ ۾ پڙھيا ۽ لکندا آيا. ھتي اچڻ کانپوءِ بہ انھن سنڌي لِپيءَ ۾ لکڻ جاري رکيو. ڇا سندن ڌرم بدلجي ويو؟“
”اسان جي ماءُ جي ٻولي تہ اھا ئي آھي. اُن لِپيءَ سان دشمني ڪھڙي؟ جڏھن مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي پاليسي آھي تہ اسان کي انھيءَ ماتر ڀاشا ۾ ڇو نٿو پڙھايو وڃي؟ اسان ديوناگري پڙھون ٿا تہ اُھا سنڌي لڳي ئي نٿي. لِپيءَ جو ڌرم سان ڪو واسطو ڪونھي، پر اڄ بہ ساڳيا راڳ آلاپجي رھيا آھن. ھنن اسان کي اناٿ ڪري ڇڏيو آھي،“

ناري لڇواڻيءَ جذباتي انداز ۾ ڳالھائيندي چيو،”سنڌي لِپيءَ جي مخالفن لاءِ منھنجي ھڪ تجويز آھي. اُن کي طنز سڏيو يا تجويز. جڏھن ڪنھن جو ڌرم بدلايو ويندو آھي يعني ڪنورٽ ڪبو آھي تہ ماڻھو ساڳيو رھندو آھي، صرف اُن جو ڌرم مٽبو آھي. ھندوءَ مان مسلمان، يا عيسائي وغيرہ. پوءِ ڀلا ھڪ وڏو جلسو رکي اعلان ڪن تہ اڄ سنڌي لِپيءَ جو ڌرم مٽائي ھندو ٿا ڪريون. بس اُن لاءِ ھَوَن رکي ٻہ ٽي شلوڪ پڙھي ڇڏن.“

کانئس ھڪ سوال ڪيم، ”اسان وٽ اڄڪلھ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھڪ ڀيرو وري رومن لِپيءَ جو راڳ آلاپجي رھيو آھي. ڇا انڊيا ۾ بہ ايئن آھي؟“ ناري لڇواڻيءَ وراڻيو، ”سائين رومن لِپيءَ جو مرض ھتي بہ لڳل آھي. ٻيون بہ گھڻيون ئي بيماريون سنڌي ٻوليءَ سان وِچڙيل آھن.
_______________




تمام سهڻو ليک آهي. دل کي ڇهندڙ……
تمام وڻيو