Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

غلامي ۽ عظيم واپسي:موٽي اچو پنھنجي گھر!هيءَ اوھان جي ڌرتيءَ جي دانھن  آهي!

هتي اوهان کي پنھنجو سچو وجود ملندو،

هتي اوهان کي پنھنجي سچي سڃاڻپ ملندي.

موٽي اچو پنھنجي اباڻي ديس ڏانھن!

جڳديش آهوجا

غلامي، ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي ھوندي.

غلامي، آزاديءَ جي ديويءَ سان محبت ڪندڙن لاءِ ناقابلِ برداشت ھوندي آهي۔

اڻڄاڻائي ۽ انڌڪار جي ديوي (Goddess of Ignorance) توکي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي،

جھالت جي گھري، اونداهي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏي ٿي!

محبت ۽ آسائشن جي غلامي بہ،

توکي جھالت واري زندگيءَ ڏانھن وٺي وڃي ٿي۔

ڏس! ميلان ڪنڊيرا ڪيئن جھالت Ignorance جا پردا چاڪ  ڪري ٿو!

 ڏس! ھومر جي اوڊيسي جو ھيرو اوڊيسس

ڪيئن  ڪيلپسو جي پيار ۾ پنھنجي آزادي ۽ اختيار وڃائي

پنھنجي ديس ورڻ  لاءِ ست سال ھر روز واجھائي ٿو!

 ڏس! والميڪي جي رامائڻ جي سيتا راوڻ جي قيد ۾ ڪيئن آزاديءَ لئہ روز تڙپي ٿي!

ڏس! شاھ لطيف جي مارئي ڪيئن عمر جي آسائشن کي ٺڪرائي پنھنجي غريب ماروئڙن ڏانھن ورڻ لاءِ روز واجھائي ٿي!

 توکي انھن سمورن داستانن ۾ واپس ورڻ جي تڙپ ملندي،

واپس ورڻ جي ناسٽلجيا!

عظيم واپسيءَ جي ناستالجيا!

اباڻن جي ڌرتيءَ ڏانھن عظيم واپسي جي تڙپ ۽ پيڙا!

موٽي اچو  پنھنجي گھر!

موٽي اچو پنھنجي گھر!

موٽي اچو پنھنجي گھر!

هيءَ اوھان جي پنھنجي ڌرتيءَ جي، پنھنجي ديس جي  درد ڀري دانھن  آهي!

سڏ آھي، پڙاڏو آھي!

 اوهان جي ابن ڏاڏن، ڏاڏين نانين جي تڙپندڙ روحن جي دردناڪ پڪار آهي!

هيءَ ڪجھ بہ ناھي، بس محبت ۽ تڙپ آهي،

عظيم واپسيءَ جي.

موٽي اچو گھر پنھنجي!

موٽي اچو گھر پنھنجي!

هتي اوهان جا اباڻا آرامي آهن!

هتي اوهان کي پنھنجو سچو وجود ملندو،

هتي اوهان کي پنھنجي سچي سڃاڻپ ملندي.

موٽي اچو پنھنجي اباڻي ديس ڏانھن!

موٽي اچو  پنھنجي اباڻي ديس ڏانهن!

ھڪ نئين  سفر جو سانباهو ڪيو،

پنھنجي اباڻي ديس ڏانھن سفر جو سانباهو ڪيو،

ھي سفر نئين جستجو، نئين تلاش جو سفر ھوندو،

خوشي ۽ ناستالجيا جو سفر!

عظيم واپسيءَ جو سفر!

غلامي ۽ مجبوريءَ جا سڀ زنجير ٽوڙڻ جو سفر!

آزادي ۽ پيار جو سفر!

اوھان ڄاڻي وٺندا تہ،

ڪيئن  سفر  غلامي، مجبوري ۽ بندشن جون سڀ زنجيرون ٽوڙي  ڇڏي ٿو۔

___________

جڳديش آهوجا ڪراڇي، سنڌ ۾ رھي ٿو.  لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Good to know that writer is from Larrkano…..
    Yes ignorance is a curse 😡
    Imam Jafar e Sadiq Aleh Salam said ALLAH doesn’t like to be worshipped by an ignorant.
    Ignorance throws you in slavery

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button