سنڌ جا جبل: اوچائين ۾ لڪل سنڌين جو ورثو، سڃاڻپ ۽ عظمت جو اُھڃاڻ
سنڌ جا جبل اسان جي تاريخ جو سينو آهن، ۽ اسين انهن سينن ۾ لڪل ڪهاڻين جا وارث آهيون.
اسان جو فرض آهي ته سنڌ جي جبلن کي رڳو ڏسڻ واري نظر سان نه پر سمجهڻ واري نظر سان ڏسي، ڇوتہ سنڌ جي اوچائين ۾ لڪل عظمت ئي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي سڃاڻپ بڻجڻي آهي۔
اهي جبل سنڌين کي ٻڌائن ٿا ته اسان جي سڃاڻپ ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي؛ اسان وٽ اوچائي به آهي، اسان وٽ گھرائي به آهي، اسان وٽ تاريخ به آهي، اسان وٽ مزاحمت به آهي، ۽ اسان وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڪنهن به قوم کي پنهنجي وجود تي فخر ڪرڻ سيکاري ٿو.
عرفان سنڌي
دنيا هر سال 11 ڊسمبر تي جڏهن جبلن جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي، تڏهن عام طور ماڻهن جي ذهن ۾ هماليا، الپس يا قراقرم جهڙا نالا گونجندا آهن. پر هي ڏينهن هڪ تمام وڏي سچائي ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو ته جبل رڳو انهن ملڪن ۾ ناهن هوندا جتي برف پوي ٿي يا جتي ڪڪر پهاڙن جي ڪنارن کي ڇهندا آهن؛ جبل هر هنڌ هوندا آهن، ۽ هر هنڌ جا جبل پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب، تاريخ ۽ روحاني وجود کي هڪ خاص اوچائي ڏيندا آهن.

اهڙيءَ طرح جڏهن انسان سنڌ ڏانهن نظر ڪري ٿو ته حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو ته اها ڌرتي، جيڪا عام طور تي درياهن، ريگستانن ۽ زرخيز ميدانون سان سڃاتي وڃي ٿي، پنهنجي اندر جبلن جو هڪ اهڙو خزانو رکي ٿي، جيڪو سنڌي ماڻهن جي اجتماعي يادگيريءَ جو سڀ کان وڌيڪ ڳجهو، سڀ کان گهرو ۽ سڀ کان قديم باب آهي. سنڌ جا جبل ڪنهن مادي جوڙجڪ کان گهڻو وڌيڪ آهن؛ اهي خاموش مورخ آهن، جيڪي هزارين سالن کان سنڌي انسانن جي قدمن جي آوازن، قافلن جي واٽن، گھوڙن جي چاپن، درويشن ۽ ساڌن جي آستانن، ۽ خانہ بدوشن جي سفرن کي پنهنجي اندر محفوظ رکيو بيٺا آهن. جڏهن انسان ڪارونجھر کي ڏسي ٿو ته کيس لڳي ٿو ڄڻ وقت هفتي، مهينن يا سالن ۾ نه پر صدين ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. ڪارونجھر جي پٿرن ۾ هڪ ڪهاڻي آهي؛ اها ڪهاڻي ٿر جي سادگيءَ، ٿر جي حوصلي، ٿر جي روحانيت ۽ ٿر جي ثقافتي عظمت جي آهي. هن جبل کي جنهن طرح درويشن ۽ ساڌن پنهنجو آستانو بڻايو، جنهن طرح قديم قافلا هتان گذريا، جنهن طرح هندو، جين، ٻُڌ ۽ اسلامي تهذيبون هن جبل جي آغوش ۾ پليون، اهو سڀ ڪجهه ان کي ڪنهن عام جبل کان هڪ مقدس مقام بڻائي ٿو. ڪارونجھر رڳو هڪ پهاڙ نه پر هڪ علامت آهي، سنڌي قوميت جي بلنديءَ جي، جيڪا پنهنجي زمين سان محبت ۾ گهري آهي.
انهيءَ اوچائيءَ جو ٻيو روپ گورک هِل ۾ نظر اچي ٿو، جيڪا سنڌ جي ڇاتين مان سڀ کان اوچي ڇاتي آهي. جڏھن ڪو ماڻهو گورک تي بيهي شام جي جھيڻي روشنيءَ ۾ ڏسندو آھي، تڏھن آسمان ڄڻ هٿ جي پڄاڻ ۾ اچي ويندو آھي. گورک جي ٿڌڙي هَوا ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو پهلو لڪل نظر اچي ٿو. ٻاهر کان گرم، پر اندر کان انتهائي ٿڌو، نرم۽ شفاف. گورک جي راتين ۾ ستارا جنھن شدت سان چمڪندا آهن، اهڙي چمڪ شايد سنڌ جي ڪنهن ٻئي هنڌ نظر نٿي اچي. لڳي ٿو ڄڻ سنڌ پنهنجي ئي ڪائنات جو هڪ دائرو ٺاهي ڇڏيو آهي، جتي خاموشي به فڪر جو استاد بڻجي بيٺي آهي.
گورک سنڌ جي اها جڳهه آهي جتي هر ايندڙ کي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ رڳو تاريخ نه پر مستقبل پڻ آهي؛ رڳو صدين جو خزانو نه پر ايندڙ نسلن لاءِ اميد به آهي. سنڌي روح جي پختگيءَ جو سڀ کان وڏو فطري ثبوت کيرٿر رِينج ۾ لڪل آهي. کيرٿر ڪنهن حد جو نالو ناهي، ڪنهن خطي جي سڃاڻپ ناهي، کيرٿر دراصل سنڌ جي ريڙهه آهي. اهڙي ريڙهه جيڪا هزارين سالن کان سنڌ کي منظم رکيو بيٺي آهي. کيرٿر جي پهاڙن ۾ لڪل غار، قديم نقاشي، پٿرن تي اُڪر، پراڻن قلعن جا آثار، ۽ جابلو وستيون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ جي تاريخ صرف درياهه ڪنارن تي نه پر جبلن جي آغوش ۾ به اُڪري بيٺي آهي. کيرٿر سان سنڌي ماڻهن جو تعلق ڪنهن سرحدي احساس کان وڌيڪ هڪ وجودي احساس آهي۔ جيئن سنڌو درياهه سنڌ کي وهڪرو ڏئي ٿو، تيئن کيرٿر سنڌ کي استحڪام ڏئي ٿو. کيرٿر سنڌ کي ٻڌائي ٿو ته ڏکيا دور ڪيترا به اچن، پر اوچو ٿي بيهڻ ئي سنڌ جو اصل مزاج آهي.

سنڌ جو ڪوهستان وري هڪ ٻي نوعيت جو روح رکي ٿو. اتي جا پهاڙ ڪنهن به سياح کي پهرين نظر ۾ خشڪ لڳندا، پر هو جڏهن انهن جي اندر لڪل تاريخ ڏسي ٿو ته حيران رهجي وڃي ٿو. ڪوهستان ۾ پکڙيل ننڍيون نديون، پراڻيون جابلو واٽون، لڪن جي وچ ۾ لڪل وستيون، ۽ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو خالص روپ، اهي سڀ شيون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ جي زندگيءَ جو اهو اھم باب آهي جنھن جي دنيا کي اڃا پوري طرح خبر ناهي. سنڌ جا ماڻهو ڪوهستان کي رڳو جابلو علائقو نه پر هڪ ثقافتي لائبريري سمجهندا آهن، جتي هر پٿر تي وقت جي ڇاپ موجود آهي. سنڌ جا ٻيا جبل سڀ گڏجي سنڌي سڃاڻپ جو اهو نقشو ٺاهين ٿا جيڪو ڪنهن هڪ ڪتاب، ڪنهن هڪ نسل يا ڪنهن هڪ تهذيب ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. هنن جبلن جي هڪڙي پنهنجي خاموش ٻولي آهي. اهي جبل سنڌين کي ٻڌائن ٿا ته اسان جي سڃاڻپ ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي؛ اسان وٽ اوچائي به آهي، اسان وٽ گھرائي به آهي، اسان وٽ تاريخ به آهي، اسان وٽ مزاحمت به آهي، ۽ اسان وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڪنهن به قوم کي پنهنجي وجود تي فخر ڪرڻ سيکاري ٿو.
عالمي جبل ڏينهن تي جڏهن دنيا کي جبلن جي اهميت بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي، تڏهن سنڌ لاءِ اهو ڏينهن هڪ سادي تقريب نه پر هڪ ياد ڏيارڻ آهي ته سنڌ جا جبل، جيتوڻيڪ گهڻو ڪري سياحن کان اڻڄاتل ۽ محققن کان اڌ ڏٺل آهن، پر اهي جبل اندروني طور سنڌي قوميت جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط اُھڃاڻن مان هڪ آهن. جبل اسان کي ٻڌائن ٿا ته اوچائي بنا انسان مڪمل نٿو ٿئي، انهيءَ اوچائيءَ جو قدر ڪرڻ بنا تهذيب مڪمل نٿي ٿئي، ۽ انهيءَ اوچائيءَ جي حفاظت ڪرڻ بنا مستقبل محفوظ نٿو رهي. سنڌ جا جبل اسان کي سيکارين ٿا ته قومون جڏهن پنهنجي قدرتي ورثي کي سمجهنديون آهن، تڏهن اهي دنيا ۾ پنهنجو وجود وڌيڪ مضبوط طريقي سان رکنديون آهن.
سنڌ جي هر جبل کي، هر وادي کي، هر پٿر کي عالمي جبل ڏينهن جي موقعي تي هڪ گڏيل سلام آهي. اِهو سلام جنهن ۾ شڪرگذاري به آهي، محبت به آهي، فخر به آهي ۽ تحفظ جو عزم به آهي. هي سلام انهيءَ احساس جو اعلان آهي ته سنڌ جا جبل اسان جي تاريخ جو سينو آهن، ۽ اسين انهن سينن ۾ لڪل ڪهاڻين جا وارث آهيون. اسان جي نسلن جو فرض آهي ته اڄ کان پوءِ سنڌ جي جبلن کي رڳو ڏسڻ واري نظر سان نه پر سمجهڻ واري نظر سان ڏسي، ڇوتہ سنڌ جي اوچائين ۾ لڪل عظمت ئي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي سڃاڻپ بڻجڻي آهي۔
______________

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو



