Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ناليواري بنگالي ليکڪا ديباشري چڪرورتيءَ جو نئون ناول ”موئن جو دڙو“ لکڻ جو اعلان

”موئن جو دڙو رڳو هڪ ناول ناهي؛ اهو سنڌ جي مقدس ڌرتيءَ لاءِ منهنجي دل جي گهراين مان نڪتل نذرانو آهي،“ جڳ مشھور ناول ”مھاراجا ڏاھر“ جي ليکڪا ديباسري چڪرورتيءَ جي پڌرائي

مون هميشه پاڻ کي موئن جي دڙي جي ڌيءَ سڏيو آهي؛ جيئن سنڌ جي اجرڪ جا نازڪ نقش هوندا آهن، تيئن سنڌ ۽ منهنجي وچ ۾ جو ناتو آهي، اهو گهرو، پراسرار ۽ اڻ ٽٽ آهي.

ڪولڪتہ

بنگالي ادب جي ناليواري ناول نگار ۽ جڳ مشھور ناول ”مھاراجا ڏاھر“ جي ليکڪا محترما ديباشري چڪرورتيءِ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ھڪ ٻئي تحفي جو اعلان ڪندي چيو آھي تہ ھاڻ ھُوءَ نئون ناول ”موئن جو دڙو“ لکي رھي آھي. بنگاليءَ ۾ لکجندڙ ان ناول جو بہ ”مھاراجا ڏاھر“ ناول جيان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويندو.

ھُن اڄ ڪلڪتي مان موڪليل پڌرائيءَ ۾ چيو، ”مون کي لڳي ٿو ڄڻ مون سنڌ جي ڌرتيءَ سان ازلي ۽ روحاني ناتو کڻي جنم ورتو آهي. ٻالڪپڻ کان ئي موئن جي دڙي ڏانهن مون کي هڪ اڻ ٽٽ ڇڪ محسوس ٿيندي رهي آهي. ڄڻ ڪڏهن نه ڪڏهن گهڻو وقت اڳ مان سنڌ جي هن مقدس ڌرتيءَ تي پيدا ٿي هئس، اها ڌرتي جيڪا ڪنهن زماني ۾ منهنجي ڪم ۽ مقصد جي سرزمين هئي. انهيءَ ڇڪ جي ڪري ئي مون جديد تاريخ جي پڙهائي ڪئي، اهو خواب ڏسندي ته هڪ ڏينهن موئن جي دڙي تي وينديس ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي تحقيق ڪنديس. پر تاريخ ۾ ماسٽرز مڪمل ڪرڻ کان ٿوري ئي عرصي پوءِ منهنجي شادي ٿي وئي، ۽ اهو خواب هميشه لاءِ خواب ئي رهجي ويو.

”اڄ مان هندستان جي هڪ ڪُنڊ، بنگال جي ڪولڪته شهر ۾ رهندي آهيان، پر هزارين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود موئن جي دڙي سان هڪ اڻ ڏٺي ڏور اڄ به مون کي ڳنڍي بيٺي آهي. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ سان منهنجو لڳاءُ ايترو گهرو آهي. انهيءَ ئي جذبن مان متاثر ٿي مون ناول مهاراجا ڏاهر سين لکيو. هن ناول جي تڪميل کان پوءِ نصير اعجاز صاحب منهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ هڪ الهي پيغامبر وانگر داخل ٿيا. مهاراجا ڏاهر سين کي انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، هن مون کي سنڌ جي ڌرتيءَ سان اڃا وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.“

”انهيءَ ريت نصير صاحب سان منهنجو هڪ گهرو روحاني رشتو ٺهي ويو. هن جي وسيلي مان هڪ وڏي ۽ وسيع سنڌي خاندان جو حصو بڻجي ويس، جنهن جي محبت ۽ عزت مون کي دل کان ڇهندي رهي آهي. ان کان پوءِ موئن جو دڙو مون کي بيچين ڪرڻ لڳو. راتين جي ننڊ اکيون ڇڏي ويئي. منهنجو مائٽاڻو نسل بندوپادياھ آهي، ۽ انهيءَ ئي نسل مان رکيلداس بندوپادياھ هو، جنهن موئن جي دڙي جي دريافت ڪئي هئي. هن انتهائي سخت مشڪلاتن جي باوجود هن عظيم قديم تهذيب کي سڄي دنيا جي اکين آڏو آندو. پر برطانوي هندستان ۾ هڪ هنديءَ جي هن عظيم ڪاميابيءَ کي مڃتا نه ملي، ۽ کيس پسمنظر ۾ ڌڪي ڇڏيو ويو. موئن جي دڙي جي دريافت ڪندڙ طور سندس نالو هر هنڌان مٽايو ويو. هن ناقابلِ بيان تڪليف کي برداشت نه ڪري سگهڻ سبب، رکيلداس بندوپادياھ صرف 45 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“

هن ناول جي ذريعي مان تاريخ کي ٽن سطحن ۾ پيش ڪري رهي آهيان. هڪ حصو رکيلداس بندوپادياھ ۽ سندس سڄي ٽيم جي انتھائي محنت وسيلي موئن جي دڙي جي دريافت جي ڪهاڻي ۽ رکيلداس جون موئن جي دڙي بابت رپورٽون بيان ڪندو. ٻيو حصو موئن جي دڙي جي ان تاريخ کي پيش ڪندو، جيئن مان ان کي ڏسان ٿي ۽ سمجهان ٿي. انهن سان گڏ، منهنجي، نصير صاحب جي، ۽ اڄ جي سنڌي ماڻهن جي زنده ڪهاڻي به شامل هوندي—موئن جي دڙي سان سندن ڳوڙهو لڳاءُ.“

مون هميشه پاڻ کي موئن جي دڙي جي ڌيءَ سڏيو آهي؛ جيئن سنڌ جي اجرڪ جا نازڪ نقش هوندا آهن، تيئن سنڌ ۽ منهنجي وچ ۾ جو ناتو آهي، اهو گهرو، پراسرار ۽ اڻ ٽٽ آهي. مون کي خبر ناهي ته مون کي ڪڏهن سنڌ جي مقدس ڌرتيءَ کي ڇهڻ جو موقعو ملندو يا نه. پر پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ مان چاهيان ٿي ته پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڳنڍيل رهنديس.“

موئن جو دڙو رڳو هڪ ناول ناهي؛ اهو سنڌ جي مقدس ڌرتيءَ لاءِ منهنجي دل جي گهراين مان نڪتل نذرانو آهي۔

— ديباسري چڪرورتي

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button