Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

روسي ادب: ميخائل ذوش چنڪو جي ڪھاڻي ”شَڪ“

ھڪ اڻپڙھيل عورت جي ڪھاڻي جيڪا مُڙس جي ڪوٽ جي کيسي مان خوشبوءِ لڳل خط ملڻ تي شڪجي پئي تہ پڪ سندس مڙس جا لاڳاپا ڪنھن ٻي عورت سان آھن، پر اھو خط اصل ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ لکيل ھو  

مترجم: يوسف سنڌي

پيلاگيا هڪ اڻ پڙهيل عورت هئي، لکڻ پڙهڻ ته پري ٿيو، هوءَ پنهنجي صحيح به ڪري نه سگهندي هئي. مڙسھنس هڪ ذميدار ’سوويت‘ ڪارڪن هو. شروع ۾ هو ساڌو سوڌو ڳوٺاڻو هو، پر شهر ۾ پنج سال رهڻ سبب منجهس وڏي تبديلي آئي، هُن جي لاءِ صحيح ڪرڻ ته گهڻي سولي ۽ معمولي ڳالهه هئي. هاڻ ته هو هرفن مولا بنجي چڪو هو ۽ کيس ان ڳالهه تي ڦڪائي ۽ گهٽتائي محسوس ٿيندي هئي ته جوڻهنس صفا اڻ پڙهيل هئي.

هو اڪثر، اٿي ويٺي پيلاگيا کي چوندو رهندو هو ته: پيلاگيا ٻه چار اکر پڙهي وٺ، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته لکڻ پڙهڻ سک جو پنهنجي صحيح ته ڪري سگهين ۽ پوءِ اهو به ته ڏس ته منهنجي نالي جي هجَ ڪيتري نه سولي آهي… ڪڄم ڪن، ۽ هڪ تون آهين جو ايترو سولو نالو به لکي نٿي سگهين. اها ڪيڏي نه افسوس واري ڳالهه آهي.

۽ پيلاگيا جواب ۾ سدائين اهو چوندي هئي ته، ”آئيو ان نڪولائي وچ.. هاڻ تون منهنجي تعليم جي باري ۾ ڪجهه به ڪري نٿو سگهين. آءٌ ته بس آهستي آهستي نالي ماتر ئي لکڻ پڙهڻ سکي رهيا آهيان. منهنجي آڱرين ۾ هاڻ اها قدرتي چرپر نه رهي آهي جيڪا پين کي صحيح نموني جهلي ۽ هلائڻ جي هڪ قدرتي وصف هوندي آهي. ٻيو ته پڇاڙيءَ ۾ علم حاصل ڪري ۽ اکرن کي لکڻ جي مشق ڪري ڪهڙا ڦاڙها مارينديس. مهرباني ڪري اهو ڪم نئين نسل جي بلي ڪري ڇڏ. آءٌ ته پنهنجي ڪراڙپ ائين ئي گذاري ڇڏينديس.

هر گهڙي مصروف رهندڙ آئيوان نڪولائي وچ اهو سُڻي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو، ”واهه! پيلاگيا واهه.!“

پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ختم ٿي ويندي هئي ۽ ڊگهي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن هو گهر آيو ته سندس هٿ ۾ هڪ مشهور ڪتاب هو. هُن ايندي ئي چيو، ”ڏس پيلاگيا…. هي بنهه سولو ۽ مشهور ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ لکڻ جا تمام سَولا طريقا بيان ڪيا ويا آهن. هيڏانهن اچ ته توکي ڏيکاريان.“

اهو ٻُڌي پيلاگيا مُرڪي. هن ڪتاب ورتو ۽ هڪدم ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيائين ۽ چيائين، ”هي ڪتاب اسان جي نئين نسل جي ڪم ايندو.“

اهو ٻُڌي ايوال کي چڙ ته ڏاڍي لڳي، پر هو خاموش ٿي ويو.

پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن پيلاگيا گهرو ڪم ڪار ۾ رڌل هئي ته نڪولائي وچ جي ڪوٽ جي ڳنڍ ٽوپ ڪري رهي هئي ته کيس ان جي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ ڪنهن شئي جي هئڻ جو احساس ٿيو.

”ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ ڪو رابل جو نوٽ هجي.“ پيلاگيا اندازو لڳايو.

پوءِ هن جھڙتي ورتي ته ان مان هڪ بند لفافو نڪتو. لفافو نهايت سُٺي ڪاغذ جو ٺهيل هو ۽ ان جي مٿان لکيل اکر به ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ هئا ۽ وري ان لفافي مان يو. ڊي ڪلون جهڙي عمدي خوشبو به اچي رهي هئي. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي پيلاگيا جي دل ٻُڏي ويئي ۽ کيس وسوسن گهيري ورتو.

”ڇا آئيوان نڪولائي وچ مون کي دوکو ڏيئي بيوقوف بنائي رهيو آهي ۽ شهر جي سُهڻين رنن سان روزانو خط ۽ ڪتابت ڪري رهيو آهي. پوڙهو کک… مڪار ۽ ڪمينو… پنهنجي پر ۾ منهنجو مذاق پيو اڏائي.“ هونهه!

نيٺ پنهنجن اندازن جي کري کوٽي هڻڻ جو اندازو لڳائڻ لاءِ پيلاگيا لفافو ڦاڙيو ۽ ان مان خط ڪڍي، اهو پڙهڻ لڳي… پر اڻ پڙهيل هئڻ سبب ان جو هڪ لفظ به پڙهي نه سگهي. ان هڪ فيصلي ڪندڙ گهڙيءَ ۾ پيلاگيا کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي اڻ پڙهيل هئڻ تي ڦِڪائي ۽ گهٽتائيءَ جو احساس ٿيو.

”هونهه! هي خط ڀلي ڪٿان به آيو هجي… ڪنهن جو به هجي، پر مون کي هن جي هڪ هڪ اکر جي سئو سيڪڙو خبر هئڻ گهرجي. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته ان جي خبر ۽ انڪشاف منهنجي قسمت ئي بدلائي ڇڏي ۽ مون کي واپس ڳوٺ وڃڻون پوي ۽ ٻيهر ٻنين ۾ ڪم ڪرڻو پوي.“

هاڻ پيلاگيا جي ان نوعيت جي خود ڪلامي جاري رهندي هئي.

وقت گذرڻ سان گڏ اهو خط سندس لاءِ هڪ ڳجهه بنجي ويو. ان بابت هو سوچيندين هر هر سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ٿي ويا. هاڻ سندس ذهن ۽ ياداشت قدرتي طور تي انهن نت نين تبديلين ۽ دلچسپين تي مرڪوز ٿيڻ لڳيون، جن کي هن ماضيءَ ۾ ائيوان نڪولائي وچ جي سراپي ۾ داخل ٿيندي ڏسي رهي هئي، جهڙوڪ هو پنهنجن نننڍين مڇين جي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ کي وڌيڪ وقت ۽ اهميت ڏيئي رهيو هو. ان کان سواءِ ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا هٿ ۽ منهن ڌوئڻ به هڪ نئين ڳالهه هئي.

پيلاگيا هڪ ڀيرو ٻيهر خط کي پڙهڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ بي اختيار روئڻ لڳي. هاڻ کيس ان ڳالهه تي گهڻي ڦِڪائي ۽ هٻڪ محسوس ٿي رهي هئي ته هوءَ پنهنجي واقف ۽ اڻ واقف کان اهو خط پڙهائي ته ان ۾ ڇا آهي. پوءِ پيلاگيا ڪوٽ جي مرمت جو ڪم پورو ڪري ورتو ۽ خط ڪنهن محفوظ هنڌ تي لڪائي ڇڏيو ۽ آئيوان نڪولائي وچ جو صبر سان اوسيئڙو ڪرڻ لڳي ۽ جڏهن هو واپس گهر وريو ته اڄ معمول جي ابتڙ ساڻس ڏاڍيون مزي واريون ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪيون، پر پنهنجي شڪي، سواليا ۽ بي چين خيالن کي ڏاڍي هوشياري ۽ فنڪاري سان قابو ۾ رکيو.

ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن مڙسهنس کي اشاري سان اها ڳالهه جتائي ڇڏي ته هوءَ علم حاصل ڪرڻ جي خلاف ڪونهي ۽ پڙهڻ ٿي گهري ۽ پنهنجي اڻپڙهيل وجود مان بيزار آهي.

اهڙا اشارا ته آئيوان نڪولائي وچ لاءِ هڪ انقلاب جي دبنگ شروعات هئي.

”زندهه باد…. سوويت عورت زندهه آباد.. آءٌ توکي پاڻ ئي پڙهائيندس.“

”آءٌ صفا تيار آهيان.“ پيلاگيا چيو.

اهو چوڻ جي دوران پيلاگيا وڏي پيار مان آئيوان نڪولائي وچ کي ڏٺو ۽ سندس وڌيڪ ويجهو ٿي سندس ننڍين مڇين ۽ وارن سان کيڏڻ لڳي.

ٻه مهينا گذري ويا ان سڄي عرصي دوران هُن اکر سڃاڻڻ ۽ انهن جي هِج ڪرڻ ۾ گذاريا. هاڻ هوءَ مس مس وڃي ٽٽل ڦٽل انداز ۾ ڪونه ڪو جملو پڙهي وٺندي هئي. هُن لکڻ جي مشق به جاري رکي ۽ ڪيترائي زباني به ياد ڪري ورتا هئا. هاڻ هن روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ اهو لڪايل خط ڪڍيو ٿي ۽ انهن جي لفظن کي جوڙي انهن جي معني سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر اڃا کيس اهو سمجهه ۾ نه ٿي آيو، پر هوءَ پنهنجي ڪوشش رائيگان ٿيڻ تي مايوس نه ٿيندي هئي.

ٽي مهينا گذرڻ کان پوءِ هو ٿورو گهڻو پڙهڻ جي قابل ٿي. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن نڪولائي وچ آفيس ويل هو ته هن ڏينهن جو خط ڪڍيو. هوءَ خط جي لکت مان ته اهو اندازو لڳائي نه ٿي سگهي ته اهو ڪنهن عورت جو لکيل آهي يا ڪنهن مرد جو. پر ڪاغذ مان ايندڙ ’يوڊي ڪلون‘ جي خوشبوءَ کيس لڳاتار هشڪاري رهي هئي ته هو اهو ضرور پڙهي. اهو خط آئيوان نڪولائي وچ جي نالي هو:

پيارا ڪامريڊ ڪچ ڪن!

آءٌ توکي گهربل ڪتاب موڪلي رهي آهيان. منهنجو خيال آهي ته تنهنجي گهر واري ٻن ٽن مهينن ۾ لکڻ پڙهڻ سکي ويندي. پيارا ڪامريڊ، تون وعدو ڪر ته کيس ايئن ڪرڻ تي راضي ڪري وٺندين. کيس سمجهاءِ ۽ کيس اها ڳالهه ذهين نشين ڪراءِ ته عورت جو اڻ پڙھيل رهڻ ڪيترو نه شرمناڪ عمل آهي ۽ اهو ڪيترو نه گهٽتائي جو احساس ٿو ڏياري.

هن سال اسان سوويت جمهوريه جي پري پري وارن علائقن مان جهالت ۽ اڻ پڙهيل هئڻ کي هر طريقي سان ڊاهي ختم ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهيون، پر اسان پنهنجن مٽن ۽ مائٽن جي جهالت ۽ اڻپڙهيل هئڻ کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون.

ٺيڪ آهي پيارا ڪامريڊ نڪولائي وچ ان چڱي ڪم ۾ سستي نه ڪج. بهترين اشتراڪي نيڪ خواهشن سان

– ماريا بلو خينا

هڪ ڀيرو خط پڙهڻ کان پوءِ پيلاگيا اهو ٻيهڙ پڙهيو ۽ ڏک ۽ غم جي شدت کيس ڄڻ نپوڙي بي وس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو ۽ هو پنهنجي اندر ۾ هڪ اهم بازي هارائي ٽٽي پئي هئي. هڪ ڀيرو ٻيهر ڏک جي شدت سبب سندس من ڀرجي آيو.

۽ هاڻ پيلاگيا زور زور سان سڏڪا ڀري روئي رهي هئي.

_____________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button