Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

ڪراچيءَ ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملھائيندڙن تي رياستي تشدد،  شيلنگ، گرفتاريون   

ھڪ پاسي ڪارساز واري علائقي ۾ وڏو وزير مراد شاھ پاڻ ثقافتي ڏھاڙو ملھائي رھيو ھو تہ ٻئي پاسي ڪراچي پريس ڪلب وٽ ٿيندڙ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مختلف تنظيمن جي نوجوانن  تي پوليس شاھراھ فيصل تي رستا روڪ ڪري ڪڙڪي پئي  

ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون روڪڻ، رستا بند ڪرڻ لاءِ ٽينڪر بيهارڻ، ۽ پوليس جي شيلنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ تشدد جي سخت مذمت

ڪراچي _ لنڊن

اڄ ستين ڊسمبر 2025 تاريخ ۾ ھڪ وڌيڪ ڪاري باب جو واڌارو ڪري ويو ڇو تہ ھڪ پاسي ڪارساز واري علائقي ۾ وڏو وزير مراد شاھ پاڻ ثقافتي ڏھاڙو ملھائي رھيو ھو تہ ٻئي پاسي ڪراچي پريس ڪلب وٽ ٿيندڙ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مختلف تنظيمن جي نوجوانن  تي پوليس شاھراھ فيصل تي رستا روڪ ڪري ڪڙڪي پئي .

ريلين جي شڪل ۾ ايندڙن کي روڪڻ لاءِ پوليس ٽينڪر بيھاري شاھراھ فيصل کي بند ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن سنڌي نوجوانن احتجاج ڪيو تہ مٿن لٺبازي ڪري ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا ويا. ڪافي گرفتارين جا اطلاع بہ آھن.  

ٻئي پاسي ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي شاهراهه فيصل تي ريليون روڪڻ، رستا بند ڪرڻ لاءِ ٽينڪر بيهارڻ، ۽ پوليس طرفان شيلنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ تشدد جي استعمال جي سخت مذمت ڪئي آھي ڇو تہ ثقافتي ڏينهن تي شرڪت ڪندڙ قومي ڪارڪنن ۽ نوجوانن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪيترن جي گرفتاريءَ جا واقعا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن، جيڪي اظهارِ راءِ ۽ ثقافتي آزاديءَ تي سڌو حملو آهن۔

ورلڊ سنڌي ڪانگريس ھڪ بيان ۾ چيو تہ، ”هي رياستي رويو فقط افسوسناڪ ناهي پر ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ هڪ اونداهي باب طور لکبو۔ جڏهن ڌرتيءَ جا وارث پنهنجي ئي وطن ۾ خوشي، ثقافت ۽ سڃاڻپ جا رنگ آزاديءَ سان نٿا ڀري سگهن، تڏهن اها صورتحال جبر ۽ غلاميءَ جي بدتر علامت آهي۔“

ورلڊ سنڌي ڪانگريس  مطالبو ڪيو تہ  ڪراچي شاهراهه فيصل سميت هر هنڌ کان رڪاوٽون ۽ پابنديون فوري ختم ڪيون وڃن، گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي بنا شرط آزاد ڪيو وڃي، سنڌين جي ثقافتي سڃاڻپ، اجتماع ۽ اظهارِ راءِ جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس واضح ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن خلاف اهڙو هر جبر ۽ ڏاڍ ناقابلِ قبول آهي۔ ”اسان هر فورم, قومي، بين الاقوامي ۽ انساني حقن جي ادارن تائين هي آواز پهچائينداسين ۽ سنڌي قوم جي ثقافتي ۽ اجتماعي حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد جاري رهندي۔“

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button