Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جي مٽيءَ کي سنڌين ۽ بلوچن، ٻنهي پنهنجي خون سان سينگاريو آهي

اڄڪلهه سنڌ ۾ هڪ نئون بحث، هڪ نئين ڇڪتاڻ ۽ هڪ غيرضروري تڪرار پکڙجي رهيو آهي ــ ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ پاڻ کي “بلوچ” لکن يا “سنڌي” سڏائن؟

بلوچ سنڌ جا آهن، ۽ سنڌ بلوچن جي محبت ۽ قربانيون پنهنجي تاريخ ۾ سانڍي ويٺي آهي.

سوشل ميڊيا جذبات کي ڪيڏي حد تائين وڌائي سگهي ٿي، ان جو اندازو هر روز جي بحثن مان لڳي ٿو. ڪجهه اڻڄاڻ ماڻهو جيڪي نه تاريخ ڄاڻن ٿا، نه تهذيب، نه گڏيل ورثو ــ اهي فقط وائرل ٿيڻ لاءِ تڪرار پيدا ڪري رهيا آهن

سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ پکڙجندڙ غلطفهميون تاريخ، حقيقت ۽ گڏيل سڃاڻپ جو سوال

عرفان سنڌي

سنڌ جي تاريخ ان سريلي درياهه وانگر آهي، جيڪو مختلف نسلن، ثقافتن ۽ روايتن کي گڏ کڻي وهندو رهيو آهي. هيءَ ڌرتي ڪڏهن به ڪنهن نسلي متڀيد جي قيد ۾ نه رهي آهي، بلڪه سدائين پنهنجا در کليل رکندي آئي آهي. سنڌ جو حُسن ئي اهو آهي ته هتي رهندڙ هر قوم، هر قبيلو ۽ هر ٻولي پنهنجي جاءِ تي عزت، محبت ۽ حصو حاصل ڪري ٿي. ان ئي حُسن کي جيڪڏهن ڪو تڪرار، ڪو بحث يا ڪوھٿرادو اختلاف ڇيهو رسائي ٿو، ته اهو رڳو ڪنهن قوم جو نقصان نه هوندو، پر سنڌ جي سڄي گڏيل روح جو نقصان هوندو.

اڄڪلهه سنڌ ۾ هڪ نئون بحث، هڪ نئين ڇڪتاڻ ۽ هڪ غيرضروري تڪرار پکڙجي رهيو آهي ــ ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ پاڻ کي “بلوچ” لکن يا “سنڌي” سڏائن؟ ڪجهه سنڌي گروھ چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ کي پاڻ کي سنڌي لکڻ گهربل آهي، جڏهن ته بلوچ نوجوان چئي رهيا آهن ته پنهنجي قبيلي جو نالو ختم ڪرڻ سندن سڃاڻپ جو نقصان آهي. هيءُ بحث هڪدم نئون بہ نه آهي، پر ان جي شدت وڌڻ جو سبب سوشل ميڊيا جو ماحول، عدم برداشت، گهٽ شعور ۽ سياسي لاڙا پڻ آهن. پر تاريخ، تهذيبي رشتو ۽ گڏيل ورثو ٻڌائي ٿو ته هيءُ بحث جيترو جذباتي بڻجي چڪو آهي، اوترو ئي غيرضروري ۽ حقيقت کان پري آهي.

جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ ڏسون ته بلوچ ۽ سنڌي سوين سالن کان گڏجي رهن ٿا. ڪيترائي بلوچ قبيلا سنڌ ۾ ڪنھن جاگرافيائي تبديليءَ سان نه پر خود سنڌ کي پنهنجو گهر سمجهي آيا. هنن جا رشتا سنڌ جي هر حصي سان ايترا ته گهاٽا ٿي ويا جو سندن ٻار سنڌ ڌرتيءَ تي ڄميا، سنڌي زبان چئي، سنڌي طور تي رهيا، نن سنڌي بڻجي سوچيو ۽ سنڌي سماج جو حصو بڻجي ويا. ساڳئي وقت ڪيترائي سنڌي بلوچن سان لاڳاپيل ٿي ويا، شاديون، رشتا، محبتون، گڏيل ثقافت، گڏيل ڪچهريون ۽ گڏيل ڪهاڻيون ــ سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي سرزمين نسلن کي نه ورهائيندي آهي، پر گڏ ڪندي آهي. سنڌي ۽ بلوچ تاريخ هزارن سالن جي گڏيل جنگين، گڏيل امن ۽ گڏيل بقا تي ٻڌل تاريخ آهي. سنڌ جي شاعرن، فڪر وارن، درگاهن، جنگي ڪردارن ۽ بلوچستان جي سردارن کان وٺي سنڌ جي مزارن تائين هر جاءِ تي انهن ٻنهين قومن جي محبت جا نشان آهن.

ان حقيقت کان انڪار ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جون گهڻيون ڳالهيون بلوچ کان سواءِ اڌوريون آهن؟ ڇا موسيقي، ڇا تهذيب جا رنگ، ڇا مهمان نوازي، ڇا دليري ــ بلوچ قبيلا سنڌ جي هر هنڌ پنهنجو اثر ڇڏي ويا. ۽ سنڌ جو نرم مزاج، گفتگو، شاعري، محبت ۽ امن جي روايت بلوچ دلين کي نرم ڪندي آئي. گڏيل ثقافت، گڏيل ٻولي ۽ گڏيل زندگي ٻنهي قومن جو سونهون سرمايو بڻجي چڪي آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته اڄ هيءُ تڪرار پيدا ڪيئن ٿيو؟ اصل ۾ هيءُ تڪرار نه نسل جو آهي، نه ٻوليءَ جو، نه ثقافت جو ــ هيءُ تڪرار فقط سڃاڻپ جي خوف جو آهي. بلوچ نوجوانن کي لڳي ٿو ته سنڌي لکڻ سان سندن اصليت ختم ٿي ويندي، جڏهن ته ڪجهه سنڌي گروهن کي لڳي ٿو ته بلوچ لکڻ سان سنڌ جا انگ گهٽجي ويندا ۽ سياسي اثر گهٽ ٿيندو. پر حقيقت هنن ٻنهي خوفن کان وڏي ۽ صاف آهي: سڃاڻپ ڪڏهن لکيل لفظ سان ختم نٿي ٿئي، ۽ ملڪيت ڪڏهن انگن سان گهٽ نٿي ٿئي. هڪ بلوچ جيڪڏهن پاڻ کي بلوچ لکي ٿو ته به هو سنڌ جو پٽ آهي ۽ هڪ سنڌي جيڪڏهن پاڻ کي سنڌي لکي ٿو ته به هو بلوچ سان محبت ۽ رشتن جي تاريخ کي نه ٿو مٽائي سگهي. انساني تاريخ اهو سبق بار بار ڏئي چڪي آهي ته نسل تباهه تڏهن ٿين ٿا جڏهن هو پاڻ اندر ورهاست پيدا ڪندا آهن. وڇوٽيون تڏهن ٿينديون آهن جڏهن ڌرتيءَ واسي پاڻ کي ڌرتيءَ جو مالڪ نه پر ڌرتيءَ جو مخالف سمجهڻ شروع ڪندا آهن. هڪ ئي مٽيءَ جا ٻه ٻار ”مونکي بلوچ لکو“ ۽ ”مونکي سنڌي لکو“ جي ويڙهه ۾ پوئتي هٽڻ بدران هڪٻئي کي سمجهن، ڇو ته سنڌ ڪنهن جي دشمن نه آهي، ۽ بلوچ ڪڏهن به سنڌ جا اپرڻ نه رهيا آهن. اسان جيڪڏهن سچ چئون ته هي تڪرار سُڃاڻپ جو نه پر شعور جو آهي. سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو بلوچن کي سنڌي لکڻ تي مجبور ڪن ٿا، اهي به اختلافي سوچ رکن ٿا؛ ۽ جيڪي بلوچ پاڻ کي سنڌ کان ڌار سمجهن ٿا، اهي به تاريخ کي وساري ويٺا آهن. سڃاڻپ ٻنهي جي گڏيل آهي:

بلوچ سنڌ جا آهن، ۽ سنڌ بلوچن جي محبت ۽ قربانيون پنهنجي تاريخ ۾ سانڍي ويٺي آهي.

سچ ته اهو آهي ته بلوچستان ۾ رهندڙ ڪيترائي سنڌي پاڻ کي ”سنڌي“ لکندا آهن، ۽ ڪراچي کان گوادر تائين رهندڙ بلوچ پاڻ کي ”سنڌ جو حصو“ سمجهندا آهن. پر ڪنهن هنڌ به اهڙي ڇڪتاڻ پيدا ناهي ٿي جيئن اڄ سوشل ميڊيا تي اڀري آهي. سوشل ميڊيا جذبات کي ڪيڏي حد تائين وڌائي سگهي ٿي، ان جو اندازو هر روز جي بحثن مان لڳي ٿو. ڪجهه اڻڄاڻ ماڻهو جيڪي نه تاريخ ڄاڻن ٿا، نه تهذيب، نه گڏيل ورثو ــ اهي فقط وائرل ٿيڻ لاءِ تڪرار پيدا ڪري رهيا آهن. پر ملڪ قومن سان نه پر محبت، اتحاد ۽ شعور سان هلندو آهي. سنڌ ۽ بلوچ جو گڏيل مستقبل فقط تڏهن محفوظ آهي جڏهن ٻئي هڪٻئي جي سڃاڻپ جو احترام ڪن. بلوچ جيڪڏهن پاڻ کي بلوچ لکن، ته به سنڌي آهن؛ ۽ سنڌي جيڪڏهن چوڻي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي، ته اها محبت جي ڳالهه آهي ــ زور زبردستي نه. سڃاڻپ کي زبردستي سان نه ٿو ٺاهجي ۽ نه زبردستي سان ختم ٿي سگهي ٿي. اسان کي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سنڌ جو وجود فقط ”سنڌي“ لفظ ۾ نه آهي، پر ان محبت، مزاج، گڏيل بقا، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل درد ۾ آهي جيڪو بلوچ ۽ سنڌي ٻئي شيئر ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو سچ ۾ سنڌ جو سارو درد پنهنجي دل ۾ رکي ٿو، اهو ڪڏهن به ڪنهن کي ڌاريو نه ڪندو آهي. بلوچ سنڌ جي ماڻهن ۾ شامل آهن، سندن حصو آهن، سندن روايتن جا ساٿي آهن. بلوچ، سنڌ جي دردِ دل، سنڌي سنڌ جي محبت ڀري اک. ٻنهي جو گڏ هجڻ ئي سنڌ جو حقيقي وجود آهي.

انهن تڪليف ڏيندڙ بحثن کان اڳ اسان کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي: اسان نسلن کي ورهائي ڇا حاصل ڪنداسين؟ ڇا محبت گهٽجي ويندي؟ ڇا تاريخ بدلجي ويندي؟ ڇا سنڌ مضبوط ٿيندي؟ ڇا بلوچ پنهنجو نالو ڇڏيندا؟ نه، بلڪل نه. ورهاست فقط زخمن کي وڌائي ٿي، محبت فقط زخمن کي ڀري ٿي. سنڌ ۽ بلوچ ٻنهي کي محبت گهرجي، نه تهذيب جي جنگ. سڃاڻپ جو احترام گهرجي، نه هڪٻئي تي تنقيد. گڏيل ورثي جو اعتراف گهرجي، نه تقسيم جو احساس. اسان جو مستقبل تڏهن روشن ٿيندو جڏهن سنڌي ڪلهو سنڌيءَ جي هٿ ۾ هوندو ۽ بلوچ ڪلهو بلوچ جي هٿ ۾ ــ ۽ ٻنهي ڪلهن جو هي زور هڪ ئي ڌرتي لاءِ هوندو. ڌرتي جيڪا ٻنهي جي ماءُ آهي. اڄ جي سنڌ کي ضرورت تهذيب جي نه پر شعور جي آهي. نفرتن جي نه پر گفتگو جي آهي. ورهاستن جي نه پر گڏيل سڃاڻپ جي آهي. ۽ اها سڃاڻپ فقط هڪ آهي: سنڌ جنهن ۾ سنڌي به آباد آهن ۽ بلوچ به آباد آهن ــ ۽ ٻئي ڌرتيءَ جو حصو آهن.

نه ڪير وڏو، نه ڪير ننڍو؛ نه ڪير ڌار، نه ڪير بيگانو؛ سڀ سنڌ جا، سڀ محبت جا، سڀ ساڃاهه وارا. سڄي ڪائنات ۾ مٽيءَ سان محبت ڪرڻ ئي سڀ کان وڏو فخر آهي، ۽ سنڌ جي مٽيءَ کي بلوچ ۽ سنڌي ٻنهي پنهنجي خون سان سينگاريو آهي. انهن قربانين جو احترام ئي انهن جو اصل نالو آهي. باقي لفظن جا تڪرار فقط وقت جا تڪرار هوندا آهن، تاريخ جا نه.

___________

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button