Editor's pickMain Slideدنياوِندر

فلم مسيسيپي مسالا: جلاوطني، نسل پرستي، انسان جي سڃاڻپ ۽ محبت جي ڪھاڻي

ھدايتڪار مِيرا نائر جي فلم مسيسيپي مسالا چوڻ ۾ تہ ھڪ ڪھاڻي اھي پر حقيقت ۾ انھيءَ فلم ۾ ڪيئي ڪھاڻيون سمايل آھن

فلم جا ڪي ڊائلاگ ڏاڍا اثرائتا آھن. ھڪ ڊائلاگ آھي: ”ڪمپالا منهنجو گهر هو اتي منهنجو جنم ٿيو، مون پنهنجي حياتيءَ جا پنجٽيهه ورهيہ اتي گذاريا توڙي جو مون کي اُتان ڪڍيو ويو، پر منهنجي دل اڃا به اتي ئي آهي“

زويا ھمدان

ھدايتڪار مِيرا نائر جي فلم مسيسيپي مسالا 1991 ۾ فرانس ۾ رليز ٿي ھُئي پر جِن موضوعن کي فلم ۾ اُجاگر ڪيو ويو ھو، اُھي اڄ جي دور ۾ بہ اھميت رکن ٿا. چوڻ ۾ تہ اھا ھڪ ڪھاڻي اھي پر حقيقت ۾ انھيءَ فلم ۾ ڪيئي ڪھاڻيون سمايل آھن. فلم جا مُکيہ ڪردار روشن سيٺ، شرميلا ٽئگور، ساريتا چوڌري ۽ ڊينزل واشنگٽن ادا ڪيا آھن.  

مسيسيپي مسالا هڪ اهڙي فلم آهي، جيڪا جلاوطني، نسل پرستي، انسان جي سڃاڻپ ۽ محبت جي آفاقيت جي موضوعن کي بيحد حساسيت سان پيش ڪري ٿي. فلم جو پسمنظر يوگنڊا جي سياسي ڌڪار ۽ انھيءَ وقت جي آمر ايدي امين جي ظلمن سان جُڙيل آهي، جڏهن هزارين ڏکڻ ايشيائي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. انهن مان هڪ خاندان مينا ۽ سندس ماءُ پيءُ جو آهي، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي آمريڪا جي رياست مسيسيپي ۾ نئين زندگي شروع ڪري ٿو، پر وڏو عرصو گذرن جي باوجود سندن روح پنهنجي وڃايل جهان کي کڻي گھمي ٿو.

مينا پنھنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو اولاد اھي. جڏھن ھُوءَ ٻارڙي ھُئي تہ کين يوگنڊا مان نيڪالي مِلي. مسيسيپيءَ ۾ ھوءَ جوان ٿي جتي سندس زندگيءَ ۾ هڪ نئون رنگ تڏهن اچي ٿو، جڏهن سندس ملاقات هڪ ڪاري آمريڪي نوجوان ڊيميٽرس سان ٿئي ٿي. محبت ٻنهي جي وچ ۾ بي ريا طريقي سان جنم وٺي ٿي، پر دنيا ايتري سادي ناهي. رنگ، نسل، پناھگير هجڻ، ۽ سماجي ڌارائن جا دٻاءُ انهن ٻنهي جي رستي ۾ ديوار بڻجي بيهندا آهن. ميرا نائر وڏي نفاست سان اهو ڏيکاري ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن غير سڏجندڙ ماڻهو پاڻ به اندروني تعصب رکن ٿا، ڀلي اهي آفريقي هجن، آمريڪي هجن يا ڏکڻ ايشيائي پناھگير.

فلم ۾ ڪجهه اهڙا لمحا بہ آهن، جيڪي جلاوطنيءَ جي درد کي ڏاڍي شدت سان ظاهر ڪن ٿا. مثال طور، جڏهن يوگنڊا مان تڙجي نڪتل ڀارتي ڪٽنب جو مرد (اداڪار روشن سيٺ) جذباتي انداز ۾ چوي ٿو ته ڪمپالا منهنجو گهر هو… اتي منهنجو جنم ٿيو، مون پنهنجي حياتيءَ جا پنجٽيهه ورهيہ اتي گذاريا… توڙي جو مون کي اُتان ڪڍيو ويو، پر منهنجي دل اڃا به اتي ئي آهي. هي جملو صرف هڪ شخص جي تڪليف نه پر انهن سڀني ماڻهن جو الميو آهي، جيڪي پنهنجو وطن وڃائي نئين سر سڃاڻپ ڳولهڻ تي مجبور ٿين ٿا.

نسلي ڇڪتاڻ جي حوالي سان فلم ۾ هڪ ٻيو اهم لمحو تڏهن اچي ٿو، جڏهن هڪ آفريقي ڪردار سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي اهو احساس ڏياري ٿو ته آفريقا رڳو آفريقين جو آهي، صرف انهن جو، جيڪي هن ڌرتيءَ جا اصلي ماڻهو آهن. اها سِٽ نسل، ملڪيت ۽ سڃاڻپ جي انهن بحثن کي نئين سر کوليندي آهي، جيڪي ڏکن، تاريخن ۽ ڏاڍ سان ڀريل آهن.

ميرا نائر ٻئي پاسي اهو به ڏيکاري ٿي ته جڏهن هڪ جماعتيڪنھن سان محبت ٿي وڃي ٿي تہ انھيءَ جو دائرو نسلي پابنديءَ ۾ نٿو رهي. مينا ۽ ڊيميٽرس جي محبت انهن سمورن سماجي، نسلي ۽ ثقافتي حدن کي للڪاريندي آهي.

ھيءَ فلم اها ڳالهه چٽي ڪندي ڏيکاري ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ماڻهو پاڻ نسل پرستيءَ جا شڪار هوندا آهن، سي به ٻين کي پنهنجي تعصب جو نشانو بڻائين ٿا. ايئن فلم هڪ پيچيده سماجي سچ کي نزاڪت سان سامهون آڻي ٿي. ان ڳالھ کي انھيءَ وقت محسوس ڪيو ويو جڏھن مينا جا مائٽ آفريقي نوجوان سان سندس تعلق کي نا پسند ڪن ٿا. نيگرو نوجوان انھيءَ ڳالھ کي محسوس ڪندي اظھار بہ ڪري ٿو تہ کيس صرف انھيءَ ڪري نا پسند ڪيو وڃي ٿو جو ھُو ڪارو آفريقي آھي.

مسيسيپي مسالا ۾ رنگن، موسيقي، آمريڪي ڏکڻ جي فضا، ۽ ڀارتي رسمن جا رنگ گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جتي ٻن ڌارين دنيائن جي وچ ۾ محبت پنهنجو پاڻ کي وسعت ڏئي ٿي. اها ڪهاڻي اسان کي سيکاري ٿي ته جلاوطنيءَ جا زخم هميشه رهندا آهن، پر انهن زخمَن جي وچ ۾ محبت، همدردي ۽ انساني قدر نئين زندگيءَ جو ڪرڻو پيدا ڪري سگهن ٿا.

فلم ان حقيقت کي چِٽو ڪندي سامهون آڻي ٿي ته نسل، رنگ، مذهب ۽ سرحدون انسانن جون ٺهيل ھٿرادو رنڊڪون آهن، ۽ محبت انهن مان گهڻين کي بي معني ڪري ڇڏيندي آهي. مينا ۽ ڊيميٽرس جي ڪهاڻي نه صرف آمريڪا يا آفريقا جي تناظر ۾ ڳالهائي ٿي، پر اها عالمي سطح تي ظلم، جلاوطني ۽ انساني همدردي جي وسيع معني کي بيان ڪري ٿي.

ظلم، جلاوطني، پناھگير ھجڻ جي احساس، انساني ھمدردي ۽ پيار جي جذبن سان گڏ ھڪ فرد جي پنھنجي خودمختياريءَ جو پيغام بہ ڏنو ويو آھي. جڏھن آفريقي نسل جي نوجوان سان مينا جي جنسي لاڳاپن جي ڳالھ وائکي ٿئي ٿي، تڏھن مينا جي واتان ڊائلاگس ذريعي ٻُايو وڃي ٿو تہ ھوءَ ويھ ورھين جي بالغ ڇوڪري ۽ پنھنجي فيصلن جي پاڻ مالڪ آھي.

فلم جي ڪھاڻي اتي ختم ٿئي ٿي تہ مينا پنھنجي مائٽن کي ڇڏي آفريقي نوجوان سان ھلي وڃي ٿي. ھوڏانھن سندس پيءُ جَي (روشن سيٺ) ڪمپالا پنھنجي ملڪيت حاصل ڪرڻ وڃي ٿو پر اُتي سندس پراڻو ڀائرن جھڙو آفريقي دوست فوت ٿي چُڪو ھوندو آھي، ۽ ھُو مايوس ٿي واپس مسيسيپي اچڻ جو فيصلو ڪندي پنھنجي زال (شرميلا ٽيگور) کي چوي ٿو: گھر صرف اُتي ھوندو آھي، جتي دل ھوندي آھي، ۽ منھنجي دل تون آھين.

______________   

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button