صوبن جي ورھاڱي واري ڪنھن بہ قدم خلاف وڏي پئماني تي ردعمل ٿيندو
27 هين ترميم پاڪستان جي آئين توڙي شريعت، ٻنھي جي خلاف آهي
شريعت ۾ ڪو به شخص حساب ڏيڻ کان مٿاهون ناهي، تاحيات مراعتون يا تاحيات عهدن جو تصور ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي، عامر نواز وڙائچ
رپورٽ نادرمائري
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وڪيل برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته 27 هين ترميم آئين ۽ شريعت ٻنهي جي خلاف آهي.

هن چيو ته شريعت ۾ ڪو به شخص حساب ڏيڻ کان مٿاهون ناهي، جڏهن ته تاحيات مراعتون يا تاحيات عهدن جو تصور ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙين ترميمن سان انصاف جو عمل سخت متاثر ٿيو آهي ۽ عدالتون صرف نالي تائين محدود ٿي ويون آهن.
ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته سکر ۾ ٿيل هنگامي جي ذميواري وڪيلن تي نه پر خانگي ماڻهن تي عائد ٿئي ٿي. هن چيو ته جڏهن 26 هين ترميم آئي ته ڪجهه وڪيل ان جا مخالفت ۾ هئا، پر 27 هين ترميم کان پوءِ صورتحال مڪمل تبديل ٿي وئي آهي ۽ هاڻي 80 کان 85 سيڪڙو وڪيل ترميم جي خلاف آهن. هن چيو ته سکر ۾ ٿيل وڪيل ڪنوينشن ان ڳالهه جو ثبوت آهي جنهن ۾ سموري سنڌ جا وڪيل اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا.

هن وفاقي آئيني عدالت جي جج جي مقرري تي پڻ سوال اٿاريا ۽ چيو ته هڪ مخصوص شخص لاءِ عمر جي حد وڌائي وئي، ۽ مقرري جو عمل وزيراعظم جي اختيار ۾ ڏئي عدالتي نظام کي متاثر ڪيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته اهڙيون ترميمون جلد بازي، بدنيتي ۽ مخصوص مفادن تي ٻڌل آهن. عامر نواز وڙائچ چيو ته حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه حلقا پاڻ ۾ صلاحن سان ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ چاهن ٿا، پر پاڪستان جا باشعور ماڻهو اهڙي عمل کي قبول نه ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن صوبن جي ورهاڱي بابت ڪو قدم کنيو ويو ته وڪيلن سان گڏ عوام به وڏي پيماني تي ردعمل ڏيندو، جيڪو وڌيڪ سنجيده صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو.
هن حڪومت پاران آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي پڻ مذمت ڪئي ۽ چيو ته اها حڪومت جي ڪمزوري آهي، ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ترميمون غلط آهن ۽ عوامي ردعمل کان بچڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن چيو ته 27 هين ترميم خلاف لاهور ۽ پشاور ۾ به ريليون نڪتيون آهن ۽ وڪيل ملڪ گير سطح تي هن ترميم جي مخالفت ڪري رھيا آھن.



