Editor's pickMain Slideثقافتدنيا

اسپين، جتي سب اسٽيشنون اڌ رات کانپوءِ فرشي لائبريرين ۾ بدلجي وڃن ٿيون

سب وي (زير زمين ريلوي اسٽيشن) تي رات جوجڏھن مسافرن جي اچ وڃ خرم ٿئي ٿي ۽ ماڻھن جو گوڙ گهٽجي وڃي ٿو، ھر پاسي خاموشي ڇائنجي ٿي وڃي ٿي، تڏھن اُتي نھايت يگاني قسم جي سرگرمي شروع ٿئي ٿي. رات جو زير زمين هال ۾ فرشي لائبريري وجود ۾ اچي وڃي ٿي.

مئڊرڊ

ڇا ڪتابن پڙھڻ لاءِ ڪو مخصوص ماحول گھرجي؟ ڪو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، جنھن ۾ بستري تي ليٽي ڪتاب پڙھجي، يا ڪو اھڙو اڪيلائيءَ وارو ڪمرو جنھن ۾ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي ڪتاب جا ورق اُٿلائجن؟ ڪا لائبريري ھجي؟ نہ، بلڪل نہ. اھو سڀ ڪجھ ضروري ڪونھي. ھاڻي تہ دنيا ۾ ھوائي اڏن، تيلوي ۽ بس اسٽيشنن تي بہ مسافرن جي پڙھڻ لاءِ ڪتابن جا شيلف رکيا وڃن ٿا. پر اسپين وارن ماڻھن ۾ ڪتابن پڙھڻ جي چُوس وجھڻ لاءِ ھڪ نئون طريقو اختيار ڪيو آھي جيڪو اُتي مشھور ٿيندو پيو وڃي.  

اسپين ۾ سب وي (زير زمين ريلوي اسٽيشن) تي رات جوجڏھن مسافرن جي اچ وڃ خرم ٿئي ٿي ۽ ماڻھن جو گوڙ گهٽجي وڃي ٿو، ھر پاسي خاموشي ڇائنجي ٿي وڃي ٿي، تڏھن اُتي نھايت يگاني قسم جي سرگرمي شروع ٿئي ٿي. رات جو زير زمين هال ۾ فرشي لائبريري وجود ۾ اچي وڃي ٿي. حيران نہ ٿيو تہ اھا فرشي لائبريري آھي ڪھڙي بلا؟

سب وي اختياريءَ وارا ھال جي فرش تي ٿوري ٿوري وِٿيءَ تي ميٽس (گدا) وڇائي ڇڏين ٿا. اُھي ننڊ ڪرڻ جي لاءِ ناهن، پر نرم گدا ڪتابن پڙھڻ جي خواھشمند ماڻھن لاءِ آھن. هر ميٽ يا گدي سان هڪ ڪتابي بئگ هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ ننڍي ٽارچ، هڪ هلڪو ڪمبل، ۽ ڪجھ ميوو رکيل ھوندو آهي تہ جيئن ماڻھو رات جو آرام ۽ سُک سان ويھي ڪتاب پڙھي سگھن. جڏھن ٿڪجن تہ ليٽي بہ سگھن ۽ ڪجھ کائڻ چاھين تہ ميوو موجود ھوندو آھي.

فوم وارا گدا سب وي اسٽيشن جي مخصوص خاموش حصن ۾ رکيا ويندا آهي. ھر پڙھندڙ جي وچ ۾ ايتري وِٿي ھوندي آھي جو ڪير بہ ڊسٽرب نہ ٿئي. سب وي جي انھيءَ ھال ۾ روشني بہ گھٽ رکي ويندي آھي پر ڪتاب پڙھڻ لاءِ اھڙي ٽارچ ھوندي آھي جنھن جي روشني ڪتاب جي کُليل صفحي تي پئجي.

بئگز ۾ ھر قسم جا ڪتاب ھوندا آھن جن ۾ ٻارڙن جي ڪھاڻين جا ڪتاب توڙي تصويري معلوماتي ڪتاب بہ شامل هوندا آهن.

هتي سڄي رات پڙهڻ وارن لاءِ ڪنهن قسم جي داخلا يا نگراني جي ضرورت ناهي. ماڻھو ايندا آهن، خاموشيءَ سان ويهندا آهن ۽ آرام سان ويھي پڙھندا آهن. ڪجهه ماڻھو پڙهي پڙهي ليٽي بہ پوندا آھن.

صبح جو سب وي جا ملازم گدا ۽ بئگز گڏ ڪندا آهن تہ جيئن روزاني مسافرن جي آمد کان اڳ اهي واپس ترتيب سان رکي سگهن.

وقت سان گڏ سب وي خاموش ثقافتي پناهه ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، اسپين هڪ نئين قسم جي آرامده ھنڌ تخليق ڪري رهيو آهي جتي ماڻھو رات جو زير زمين آرام سان ويھي ڪتاب پڙھي سگھي.

 ______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button