ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو: سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!
17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جڏھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي وطن سان عشق جي جذبي سان واسي ڇڏيو
ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي کي 41 ورهيه مڪمل ٿي چڪا آهن، سنڌين کي پنهنجي 5 سنڌي ڳڀرو نوجوانن جي قرباني وسري نه سگھي آهي.
مُشتاق ٽانوري
شاگرد سياست جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگهو سفر رهيو آهي. دورِ حڪومت ڪهڙو به هجي شاگردن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خاطر پنھنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيئي، پنھنجون زبانون ڪٽرائي، پنھنجي ارڏائي ۽ بھادريءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو آهي. 4 مارچ جو ڏهاڙو جڏهن ڪنن تي گونجندو آهي ته شاگردن توڙي سڄي سنڌ جي رت جي گردش تيز ٿي ويندي آهي. ايئن کڻي چئجي ته 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو ھو جنھن شاگرد سياست ۽ سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن. اھڙي دؤر ۾ جڏهن سنڌ کي سابق سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي بندش ھئي ۽ ون يونٽ ۾ سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪ ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، پنھنجي جدوجھد جو نعرو ”حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو“ هڻي زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل اھا تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. نيٺ 4 مارچ 1967ع تي پوليس حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. شاگردن جو رت رستن، گهٽين، توڙي گهرن ۾ ريلا ڪري وهڻ لڳو، ڪيترائي شاگرد ٽارچر سيلن ۾ واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو ون يونٽ جھڙو قھري ڪوٽ ڪري پيو. اھا شاگرد سياست ئي هئي جنھن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگھ بخشي ۽ اتساهه ڏنو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ گڏ ڪري بيھاريو. 1983
وري ھڪ ٻيو آمريتي دور ايو. 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ سان ڪو سهمت هجي يا نہ هجي پر ان تحريڪ ۾ سنڌي ماڻھن جي تاريخي ويڙھہ نہ صرف جنرل ضياء جون وايون بتال ڪيون پر عالمي سطح تي سنڌ جي هڪ نئين مزاحمتي روپ کي اجاگر ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ جي خاتمي تي جنرل ضياءَ سنڌي ماڻھن کان پلئہ وٺڻ خاطر سنڌ جي ڪور ڪمانڊر ۽ زون ( سي ) جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسيءَ کي هٽائي ليفٽننٽ جنرل جهانداد خان کي ڪور ڪمانڊر ۽ سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. جنهن جلد ئي هڪ سازش تحت تعليمي ادارن ۾ خوني ويڙھہ شروع ڪرائي .

17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جڏھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي وطن سان عشق جي جذبي سان واسي ڇڏيو، هي اهو دؤر آهي جو سنڌ ۾ ايم آر ڊي توڙي مڙني مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌريون عملي طور تي ويڙهاند ۾ رڌل هيون. هر تحريڪ ۾ شاگردن نمايان ڪردار ادا پئي ڪيو. خاص ڪري جيئي سنڌ جي سموري اڳواڻي شاگردن وٽ هئي. ان ڪري قومي تحريڪ ۾ شآگردن جو نئون جوش جذبو قومي فڪر سان سلهاڙيل هو. جساف جي دوستن سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واسطي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جشن لطيف ۽ موهن جو دڙو سيمينار ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي پروگرام ۾ شرڪت واسطي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي ڄامشورو جا اٽڪل ڏيڍ سو کن شاگرد بسن ۾ سوار ٿي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا. قومي فڪر، قومي جذبي ۽ سنڌ جي عشق جي سُرور ۾ سرشار قافلو منجھند جو 3 وڳي ٽوڙھي ڦاٽڪ وٽ پهتو ته ڦاٽڪ بند هيو ۽ چؤطرف سانت ڇانيل هئي. مانجھند ۽ کاڻوٺ درميان انڊس هاءِ وي تي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي پٿريلي ۽ سنسان علائقي ۾ سول ڊريس ۾ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي سربراهه قافلي کي انڊس هاءِ وي کان هيٺ لھڻ لاءِ چيو. بس جيئن هيٺ لھڻ لڳي ته ريلوي بند جي چؤطرف لڪل قانون نافذ ڪندڙ اداري جي هٿياربندن هٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. ان قھري ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد انور عباسي ۽ امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شھيد ٿي ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي چوڪيدار مٺو بليديءَ پڻ گولين جو کاڄ بڻجي شهادت ماڻي. هي سنڌ جي 35 منٽن جي مختصر جنگ هئي، جتي تند تلوارن سان وڙهي هئي. واقعي ۾ پنج ڄڻن جي شهيد ٿيڻ کان علاوه ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، وردي پھريل بي رحم هٿياربندن دانھن ڪوڪن باوجود زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بجاءِ شام تائين پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۽ انھن کي ڌاڙيل قرار ڏيارڻ لاءِ ڊرامي بازيون ڪيون. رات جو قانون لاڳو ڪندڙن ان قت جي شاگرد اڳواڻ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمرالدين زرداري، نذير تنيو ۽ سڪندر ميراڻيءَ سوڌو سمورن زخمي شاگردن کي پنهنجي گاڏين ۾ سٿي کڻي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ حيدرآباد جي نارا جيل پهچايو. جتي به کين سخت تڪليفون ڏنيون ويون.
فوجي سرڪار سنڌ جي اطلاعات کاتي معرفت هڪ هينڊ آؤٽ جاري ڪيو تہ انتھائي گھربل ڏوهارين ۽ فورسز درميان مقابلي بعد پنج ڏوهاري مارجي ويا، مختلف ڏوهن ۾ گهربل گل محمد جکراڻي پنهنجي ٽولي سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. سنڌي پرنٽ ميڊيا جي وطن دوست اخبارن توڙي صحافين شھيدن ۽ اسيرن جو جو ڪيس انتھائي ايمانداريءَ سان وڙهيو ۽ اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته اهي نج سياسي شاگرد هئا نه ڪي ڏوهاري، جيڪي سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندي شھيد ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن. انھن وطن پرست اخبارن ۽ صحافين جي مثبت ڪردار سبب سڄي سنڌ اٿلي پئي. عوام سرڪاري پروپئگنڊا جو شڪار ٿيڻ بجاءِ سڌيءَ طرح سان شاگردن ڏانھن پنھنجون سڀ محبتون منسوب ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ڪيترائي ڏينھن ان سوڳ ۾ ورتل نظر آئي ۽ عوام روڊن، رستن، تي سراپا احتجاج بڻجي نڪري آيو ۽ سرڪار خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي. سموري سنڌي قوم هن غم، غصي ۽ سوڳ ۾ متحد ٿي وئي، جنھن جو سنڌ جي تاريخ ۾ مثال مشڪل ملي ٿو.
ٽوڙهي ڦاٽڪ اهو واقعو آهي جنهن جي قيدي بڻايل نوجوانن جو ملٽري ڪورٽن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر سنڌي نوجوانن ان ڪورٽ ۾ اهو چئي وڃڻ کان انڪار ڪيو ته جن ماڻهن اسان جي نوجوانن کي قتل ڪيو ۽ اسان کي قيد ڪري رکيو، انهن جي جوڙيل ڪورٽ ۾ ڪڏهن به پيش نه ٿينداسين، تنهن هوندي به هڪ ڀيرو کليل دهشگرديءَ جي انتها ڪندي قيد ڪيل سنڌي نوجوانن کي جبري طور تي ننگي حالت ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو. محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ آيل اڌو گابري جمهوري حڪومت ۾ جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي صلاح تي قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي جهوني قومپرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئيءَ تقرير ڪندي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي اسيرن جو ڪيس ملٽري ڪورٽ بجاءِ اسپيشل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ سرڪار سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ عدالتي ٽريبونل جوڙيو. ٽريبونل جون شروعاتي شنوايون حيدرآباد ۾ ٿيون بعد ۾ سماعت ڪراچي ۾ ٿيندي رهي. جاچ بعد ٻين شاگردن کي ته ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، باقي ستن شاگردن گل محمد جکراڻي، دودي مهيري، ستار مورئي، عمر الدين زرداري، سڪندر ميراڻي، دريا خان اقبال تنئي ۽ نظير تنئي تي هٿيارن رکڻ، اغوا ۽ ڀڃ ڊاھ سميت مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا. گل محمد جکراڻي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم ٽربيونل ۾ پنهنجو تاريخي بيان لکت ۾ جمع ڪرايو، جيڪو بعد ۾ ”تاريخ اسان سان انصاف ڪندي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن جي پيروي جي ڪيسن جي پيروي ڪندڙن ۾ ماما يوسف لغاري ايڊووڪيٽ ، حفيظ لاکو ايڊووڪيٽ، حسين شاھہ راشدي ۽ نورالدين سرڪي شامل ھئا. آخر ڪار 1988ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن کي بي ڏوهي ۽ ضمير جو قيدي قرار ڏيندي آزاد ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ بعد ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جو يادگار تعمير ڪرايو، جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آھي.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد
1. شھيد عبدالمالڪ خشڪ: هن شهيد ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري جي ڳوٺ درويش ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو محمد عيسى خشڪ هو. هن پنجين درجي ۾ ذهانت جو امتحان ٺٽي ضلعي ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ ميٽرڪ توڙي انٽر ۾ اي گريڊ کڻي پاس ٿيو ۽ ان کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي جساف جو باضابطه ميمبر ٿيو، جتي سندس سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون. اهو ئي ڪارڻ هوجو سياسي سرگرمين سبب هڪ دفعو رسٽيڪيٽ ڪيو ويو، تنھن باوجود به سندس جذبي ۾ ذري برابر به ڪمي نه آئي.
2. شهيد ذڪريا ميمڻ: شهيد ذڪريا ميمڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هيو. سندس جنم 7 فيبروري 1962ع تي ٺٽي ضلعي جي دڙي شھر ۾ ٿيو، نائين درجي تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ڏهين درجي ۾ بٺوري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، انٽر ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي جساف جو باضابطه سرگرم اڳواڻ رهيو. سياسي سرگرمين سبب کيس هڪ دفعو رسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ اهو آرڊر 1983ع ۾ واپس ورتو ويو، تنھن باوجود سندس تعيلمي سياسي سرگرميون جيئن جو تيئن جاري رهيون.
3. شهيد انور علي عباسي: سندس تعلق ڳوٺ پکي تعلقي قمبر سان هو. سندس جنم 12-آگسٽ 1962ع تي علي محمد عباسيءَ جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ۽ ڇهين کان ڏهين درجي تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. شھادت وقت آخري سال جو شاگرد هيو. 17-آڪٽوبر تي گولين لڳڻ ڪري سندس سڄو منھن ۽ جسم چچرجي ويو هو، جنھن سبب سندس سڃاڻپ ڪرڻ انتھائي مشڪل هئي. اهو ئي سبب هيو جو کيس لاوارث ڄاڻائي واپڊا ڪالونيءَ ڄامشورو ۾ دفن ڪيو ويو.
4. شهيد امان الله وسطڙو: ھُن نوشھروفيروز ڳوٺ مچر ۾ حزب الله وسطڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم موري ۾۽ سيڪنڊري تعليم شھدادڪوٽ مان حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي جي شعبي ۾ داخلا ورتائين. جساف جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ هن باضابطه سياسي سرگرميون شروع ڪيون. سندس ولولي ۽ جذبي جو انداز سندس هن آخري آٽوگراف مان لڳائي سگهجي ٿو جنھن ۾ هن لکيو آهي ته،”منھنجي آخري تمنا آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شھادت ماڻيان.“ ۽ سندس ان خواب جي آخرڪار 17-آڪٽوبر تي ساڀيان ٿي.
5. مٺو بليدي: ھُو سنڌ يونيورسٽيءَ جو چوڪيدار هو. سندس مزار ڄامشوري ريلوي اسٽيسن جي ويجهو آهي. 17-آڪٽوبر جي شھيدن ۾ مٺو بليديءَ جو ڪردار سڀ کان اهم هيو ڇاڪاڻ ته سرڪاري ملازم هوندي به ڌرتيءَ جي محبت سندس نس نس ۾ سمايل هئي ۽ آخري دم تائين ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ سمورا شاگرد اڳواڻ توڙي ڪارڪن سندس سحر ۾ هوندا هئا. سرڪار جڏهن به ڪا شاگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ايندي هئي تڏهن هي هڪدم اها خبر شاگردن تائين پھچائيندو هو، جنھن سبب ڪيترائي دفعا شاگرد ڳري نقصان کان بچي ويا.
ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي کي 41 ورهيه مڪمل ٿي چڪا آهن، سنڌين کي پنهنجي 5 سنڌي ڳڀرو نوجوانن جي قرباني وسري نه سگھي آهي.
”ٽوڙهي“تو ۾ واس ، منهنجي”مالڪ“،”ذڪريا“جو،
مُرڪي ”مٺو“ رت ڏنو، ”انور“ڏنو پڻ ماس،
لهر لهر سنڌو رُنو، ڏسي ”امان“ جي تاس،
نيٺ ته ٿيندي راس، هي رات جا قھر جي.
__________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو



