ٻيلن جي تباھي: سنڌ جي ٻيلن کي انگريزن جي ڏنل باھه اڄ به ٻري رھي آھي
سنڌ ۾ پھريون ڀيرو ٻيلن جي منظم واڍي ۽ تباھي شايد انگريزن جي زماني ۾ شروع ٿي
سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو ڪارڻ ماحولياتي تباھي آھي ۽ ماحولياتي تباھيءَ پٺيان مکيه ڪارڻ ٻيلن جو گھٽ ھجڻ آھي ـ
بين الاقوامي معيار ۽ ماپن موجب ڪنھن به ملڪ جي ڪل ايراضيءَ جو پنجويھه سيڪڙو زمين تي ٻيلا ھجڻ گھرجن، پر پاڪستان ۾ ڪل 2 ڏھائي ھڪ سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا ھئا جن مان به گھٽجي ٻه سيڪڙو تائين وڃي پھتا آھن ۽ وري سنڌ ۾ ته صورتحال وڌيڪ بدتر آھي
نصير اعجاز
سال 2002 ڌاري نيپال وڃڻ ٿيو ته اُتي کٽمنڊو شھر کان ٻاھر ھڪ جبل تي ھٿرادو پوکيل ٻيلو گھمڻ جو به موقعو مليو ـ وڏي ايراضيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ وڻ پوکيل ھئا ۽ انھن جي وچ ۾ ھڪ عمارت ۾ ٻيلي واري پراجيڪٽ جي آفيس به ٺھيل ھئي جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته جابلو ۽ ٻيلن سان ڀريل ملڪ ھجڻ جي باوجود انھيءَ ٽڪريءَ تي وڻڪاري نه ھجڻ ڪري پرڏيھي امداد سان ٻيلو پوکيو ويو آھي ـ مان تڏھن کان سوچيندو رھيو آھيان ته سنڌ جو کيرٿر جبل جو سمورو علائقو وڻن کان وانجھيل آھي پر اسان جي ٻيلي کاتي ڪڏھن به نيپال جھڙي رٿا جو ڇو ڪونه سوچيو آھي ـ نيپال جيان سنڌ کي به عالمي ادارا وڻڪاريءَ لاءِ لکين ڊالرن جي مدد ڪري سگھن ھا ـ کيرٿر جي وسيع علائقي ۾ وڻن جي ٻج جو فضائي ڇڻڪار ڪرڻ سان مينھن جي موسم ۾ ھزارين ته ڇا لکين ٻوٽا ڦُٽي سگھن ھا، جيئن حسن ابدال کان ايبٽ آباد ويندي ھريپور واري علائقي ۾ جنرل ايوب خان جي زماني ۾ فضائي وڻڪاري ڪئي وئي ھئي ۽ نتيجي ۾ اڄ به اھي جبل چھچ ساوا آھن جيڪي ڪنھن زماني ۾ بلڪل ٺوڙھا لڳندا ھئا ـ

ٿاڻي بولاخان، ڪرچات، گورک ۽ ٻين ڪوھستاني علائقن ۾ گھمندڙن ڏٺو ھوندو ته اُتي قدرتي طور بيٺل ايڪڙ ٻيڪڙ وڻ سُڪي سڙي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ اھي علائقا به موسمياتي تبديلين جو شڪار ٿي وڃن ٿا ـ گورک ھل اسٽيشن ويندي ته اڃان به افسوس ٿئي ٿو ته ٻيلي کاتي پنھنجي آفيس جي ننڍڙي عمارت ٺاھي نالي جو بورڊ ته ھڻي ڇڏيو آھي پر وڻڪاري ڪرڻ بدران ان کاتي جا ڪامورا سموري بجيٽ ھڙپ ڪري ڇڏين ٿا ـ سنڌ جي ڪوھستان ۾ مينھن وسن ٿا پر ڪڏھن ڪڏھن ٻه ٽي سال برساتن گھٽ پوڻ سان سوڪھڙي جھڙي حالت ھوندي آھي ـ جيڪڏھن وڏي پئماني تي وڻڪاري ٿيل ھجي ته شايد سوڪھڙو ٿئي ئي نه، ۽ جيڪڏھن ٿئي به سھي ته انھيءَ جي شدت گھڻي نه ھوندي ـ سوڪھڙي جو شڪار اھي جبل به وڻڪاريءَ سبب مينھن جي موسم کانپوءِ نه رُڳو ڪشمير جيان ساوڪ سان جھنجھيل نظر اچي سگھن ٿا پر سنڌ کي موسمياتي تبديلين جي عذاب کان به بچائي سگھن ٿا ـ
سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو ڪارڻ ماحولياتي تباھي آھي ۽ ماحولياتي تباھيءَ پٺيان مکيه ڪارڻ ٻيلن جو گھٽ ھجڻ آھي ـ بين الاقوامي معيار ۽ ماپن موجب ڪنھن به ملڪ جي ڪل ايراضيءَ جو پنجويھه سيڪڙو زمين تي ٻيلا ھجڻ گھرجن، پر پاڪستان ۾ ڪل 2 (ٻه) ڏھائي ھڪ سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا ھئا جن مان به گھٽجي ٻه سيڪڙو تائين وڃي پھتا آھن ۽ وري سنڌ ۾ ته صورتحال وڌيڪ بدتر آھي ـ ٽن ماھرن حبيب الله عباسي، مشتاق احمد بلوچ ۽ عبدالغفور ميمڻ جي 2012 ۾ ڪيل گڏيل ريسرچ موجب ٻيلن جي گھٽجڻ جو عمل سنڌ کي ڪنھن وائرس جيان وڪوڙي ويو آھي ڇو ته 1979 کان 2009 تائين صوبي جي ٻيلن ۾ 85 سيڪڙو گھٽتائي ٿي چُڪي ھئي ۽ ھاڻي ته ان ۾ اڃان وڌيڪ واڌارو ٿي ويو ھوندو ـ ڪجھ ورھيہ اڳ وفاقي حڪومت جي موسمياتي تبديلين واري وزارت جي ترجمان ملڪ جي ڪُل ٻيلن جي ايراضي 8 لک ھيڪٽر يعني پنج سيڪڙو ٻڌائي آھي، پر ان سان گڏ انھيءَ حقيقت جو به اظھار ڪيو اٿس ته ھر سال 27000 ھيڪٽر ٻيلا گھٽجي رھيا آھن ـ انھيءَ جو مطلب ته سنڌ ۾ ٻيلن ختم ٿيڻ جو عمل وڌيڪ ھوندو ڇوته ھتي مٿين ٽن ماھرن موجب نه رُڳو ٻيلن جون زمينون بااثر ماڻھن جي قبضي ۾ ۽ زراعت ھيٺ آھن پر ٻوڏون نه اچڻ سبب درياھي ڪچي وارا علائقا به سوڪھڙي جو شڪار ٿين ٿا ـ ٻيلن مان وڻن جي غيرقانوني واڍي به ان تباھيءَ جو ھڪ ٻيو اھم ڪارڻ آھي جنھن ۾ ٻيلي کاتي جا عملدار به ذميوار آھن ـ ڪن انگ اکرن موجب سنڌ ۾ ھڪ لک چاليھه ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ ٻيلن واري زمين بااثر ماڻھن جي قبضي ۾ آھي ـ مٿي ڄاڻايل ريسرچ موجب گُڊوءَ کان سمنڊ تائين سنڌو نديءَ جي ڪنارن سان 865 ڪلوميٽر ڊيگھه واري ڪچي جي علائقي ۾ درياھي ٻيلا آھن جن جي ايراضي پنجن کان ڇھه لک ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي ـ مونکي پڪ آھي ته ھن ملڪ ۾ آدمشماريءَ جيان ٻيلن جي به ڪا باقاعدي سروي نه ٿي آھي ۽ رڳو ڌُڪن تي ڪم ھلايو پيو وڃي ـ پر ايتري سڀني کي پڪ آھي ته اسان وٽان ٻيلا وڏي تيزيءَ سان ختم ٿي رھيا آھن جن ۾ سامونڊي تباھين کان بچائيندڙ تمر جا ٻيلا به شامل آھن ـ ھن ملڪ ۾ عام طور ۽ سنڌ ۾ خاص طور ٻيلن کي بچائڻ تي ڪڏھن به ڌيان ڪونه ڏنو ويو آھي جنھن جو اندازو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته 2002 ۾ درياھي ٻيلن جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ ھڪ رٿا جو مسودو تيار ڪيو ويو پر اھو نه ڪڏھن منظور ٿيو ۽ نه ان تي عمل ٿيو ـ

مان ڪڏھن ڪڏھن اھو به سوچيندو ۽ حساب ڪندو آھيان ته سنڌ جو ٻيلو کاتو ھر سال ڪروڙين رُپيا وڻڪاري ۽ ٻيلن لاءِ کپائيندو آھي ـ ھرسال لکين وڻ ٻوٽا پوکڻ جو اعلان ڪيو ويندو آھي ـ جيڪڏھن رُڳو 1947 کان وٺي ھن مھل تائين جو حساب ڪجي ته سنڌ ۾ ڪروڙين وڻ پوکجي ۽ کربين رُپيا خرچ ٿي چُڪا ھوندا، ۽ انھيءَ حساب سان سنڌ ۾ ٻيلن جو تناسب بين الاقوامي معيار کان به گھڻو وڌيل ھجي ھا، پر حقيقت انھيءَ جي اُبتڙ آھي ڇو ته 1947 کانپوءِ سنڌ ۾ ٻيلا وڌڻ بدران گھٽنجندا ئي ويا آھن ـ ڪارڻ صاف ظاھر آھي _ اسان جي ڪامورن ۽ ٻين واسطيدارن جي بي ايماني ۽ بدعنواني ـ
سنڌ جي ٻيلن جي تباھيءَ ۾ ڪجھه ٻيون قوتون به مُلوث رھيون آھن ۽ ان تباھيءَ جي تاريخ ھن ملڪ جي تاريخ کان به گھڻي پراڻي آھي ـ سنڌ ۾ پھريون ڀيرو ٻيلن جي منظم واڍي ۽ تباھي شايد انگريزن جي زماني ۾ شروع ٿي ـ ان کان اڳ اسان وٽ ٻيلن جي واڍيءَ جو ڪو ذڪر نٿو ملي ڇو ته ٽالپرن جي لاءِ ته مشھور رھيو آھي ته اھي شڪار جا شوقين ھئا ۽ انھيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ھنن سنڌ جي وسيع ايراضين کي پنھنجي شڪارگاھن ۾ بدلائي ڇڏيو ھو ـ جڏھن جنرل چارلس نيپئر 2800 سپاھين جو ننڍڙو لشڪر وٺي حيدرآباد ڏانھن ڌُوڪيندو ٿي آيو ته کيس ڊپ ھو ته ٽالپرن جي فوج ڪٿي مياڻيءَ جي آسپاس ٻيلن ۾ لڪي مٿن راتاھو ھڻڻ لاءِ نه موجود ھجي ـ تڏھن ھن 16 ۽ 17 فبروريءَ جي رات اڳواٽ ٻه سئو سپاھي موڪلي ٻيلن کي باھه ڏياري ڇڏي ھئي ـ سنڌ جي ٻيلن لاءِ ٻاريل اھا باھه پوءِ به ٻرندي رھي ۽ جڏھن انگريز سنڌ فتح ڪري ورتي ۽ سندن خلاف گوريلا جنگ شروع ٿي، تڏھن حُر مجاھدن جي راتاھن کان ھراسجي ھنن سانگھڙ ضلعي ۾ سوين ميلن ۾ پکڙيل مکي ٻيلي کي تباھه ڪرڻ شروع ڪيو جتي ڍنڍن ۽ گھاٽن وڻن اندر مجاھدن جون پناھگاھون ھونديون ھيون ـ

اھڙو ئي ھڪ اونداھو دور آمر جنرل ضياءَ وارو به آيو، جڏھن فوجي راڄ جي ئي پيدا ڪيل ڌاڙيلن جي خاتمي جي اوٽ ۾ سنڌ جي ٻيلن کي به ختم ڪرڻ جي رٿا ٺاھي وئي ھئي ـ مونکي ياد آھي ته ڪيئن ان زماني ۾ ڪي پنھجا به ان ڌاڙي ۾ ڌارين سان گڏ بيٺا ھئا ـ جنرل ضياءَ ان وقت وفاقي ۽ صوبائي شُورائون يا ڪائونسلون جوڙيون ھيون ـ سنڌ ڪائونسل ۾ مولانا قاسمي به ميمبر ھو جنھن ھڪ ڏينھن گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسيءَ جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ اندر اندر ٿيندڙ اجلاس ۾ چيو ته جيئن ته کيس ڌاڙيلن جون چٺيون مليون آھن، تنھنڪري ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جو ھڪ ئي رستو آھي ته سنڌ مان ٻيلن جو خاتمو آندو وڃي ـ سندس اھو بيان تنھن وقت جي ھلالِ پاڪستان اخبار جي ورقن ۾ اڄ به تاريخ جي اھم باب جي حيثيت ۾ محفوظ ھوندو ـ اھو ئي زمانو ھو جڏھن سنڌ ۾ ٻيلن جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي فوجي ڇانوڻيون به ٺھڻ شروع ٿيون ھيون ـ

سنڌ ۾ ٻين ڳالھين سان گڏ ٻيلن سان به جيڪي ڪجھه ٿيو، ان کي اسان پنھنجي ڪمزورين سبب روڪي نه سگھيا آھيون، پر ھاڻي به وقت ويو ڪونھي ـ ڳالھه صرف سچائي ۽ ايمانداريءَ جي آھي ـ جيڪڏھن ھاڻي به اک پٽجي ۽ ايمانداريءَ سان پئسو خرچ ڪري وڻ پوکجن ته حالتون مٽجي سگھن ٿيون ـ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزارت جي ڪجھ سال اڳ جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ بھار جي مند ۾ 153 ملين وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ ھو جنھن مان رُڳو سنڌ ۾ ست ملين (ستر لک) کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا ـ مونکي اھو بيان به خالي ٺڪائن کان وڌيڪ نٿو لڳي. ساڳي وزارت جي عملدارن صوبائي کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪري کين نه رُڳو ماحولياتي تباھيءَ کان بچڻ وارين رٿائن ٺاھڻ ۽ بين الاقوامي ادارن کان فنڊ وٺڻ جي سکيا ڏني پر اھا به تجويز ڏني ته اھي اھڙيون رٿائون تيار ڪندا ته وزارت کين ٻاھريان فنڊ وٺڻ ۾ به مدد ڪندي ـ ان ڳالھه جي خبر سنڌ جي ڪامورن کي به آھي ته بين الاقوامي ادارا ماحولياتي تباھيءَ کي روڪڻ لاءِ بي حساب فنڊ ڏين ٿا ـ جيڪڏھن سنڌ جا واسطيدار کاتن جا ڪامورا ۽ سياستدان سنڌ سان سچائي ڏيکارين ته اھڙين رٿائن ذريعي فنڊ وٺي سنڌ جي ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان کي سرسبز بنائي سگھن ٿا ـ اھي ئي رٿائون گورک کي سياحن لاءِ دلڪش بنائي سگھن ٿيون، پر ايئن نه ٿئي جو اھي سمورا فنڊ ايئن ھضم ڪري وڃن جيئن اڳوڻي “سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽي” (سازدا) جي بدعنوان ڪامورن ٿر لاءِ وڻڪاريءَ واري رٿا جا ڪروڙين رُپيا ڳڙڪائيا ھئا، ۽ جڏھن ٻاھريان عملدار ٿر ۾ وڻڪاري ڏسڻ آيا ھئا ته سازدا وارن تڙ تڪڙ ۾ ٻين علائقن مان گل ٻُوٽا گھرائي ٿر ۾ ھٿرادو عارضي نرسري ٺاھي پرڏيھي نمائندن کي بيوقوف بنائي واپس موڪلي ڇڏيو ھو ـ
___________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN سنڌي ايڊيشن جو چيف ايڊيٽر آھي