Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تڪرار کان حل تائين: گفتگو ۽ امن جو رستو يورپي سماجن ۾ امن ۽ بحث جو مثال

اسان کي پنهنجي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ان اصول کي پنهنجي هانو سان هنڊائڻ گهرجي ته هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه سان ممڪن آهي، نه ڪي تشدد سان.

چماٽ لڳل نوجوان کان معافي سٺي ڳالهه آهي پر اڄ کان سئو سال پوء هي ڪالم پڙهڻ وارن نوجوانن کان به وقت سر معافي وٺڻ گهرجي ته جيئن پاڻ ان تاريخي گند کي به صاف ڪندا هلون ۽ ايندڙ نسل پاڻ کي ڪنهن چڱي ۽ عزت ڀري نظر سان ڏسي.   

عبدالله عثمان مورائي

انساني زندگيءَ ۾ اختلاف ۽ تڪرار هڪ عام ڳالهه آهي. هر ماڻهو جا پنهنجا خيال، سوچون ۽ نظريا هوندا آهن، جيڪي ٻين کان مختلف ٿي سگهن ٿا. پر افسوس جو، اڄ جي دور ۾ اسان ڏسون ٿا ته ماڻهو پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ بجاءِ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ جسماني تڪرارن تي اچي وڃن ٿا. اهو رويو نه رڳو عام ماڻهن ۾ پر سياسي اڳواڻن ۽ عوامي شخصيتن ۾ به نظر اچي ٿو. پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي تڪرارن کي حل ڪرڻ جو ڪو ٻيو رستو ناهي؟

ڳالهه ٻولهه ۽ بحث جو اهم ڪردار

جيڪڏهن ڪنهن به سماج کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ ان کي امن ۽ سڪون سان هلڻو آهي ته ان لاءِ سڀ کان ضروري رستو ڳالهه ٻولهه ۽ بحث ڪرڻ ۾ آهي. ڳالهه ٻولهه هڪ اهڙي پل آهي جيڪا اختلافن جي ٻن ڪنارن کي ملائي ٿي. ان سان ماڻهو هڪ ٻئي جي خيالن کي سمجهي سگهن ٿا ۽ مسئلن جو حل ڳولي سگهن ٿا. حقيقي بحث اهو هوندو آهي، جتي ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه کي صبر سان ٻڌن ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه کي دليلن سان واضح ڪن. افسوس جو، اڄ اسان ان صبر ۽ سمجھ کان پري ٿي چڪا آهيون، خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي عوام جا اڳواڻ سڏجن ٿا.

يورپي سماجن ۾ امن ۽ بحث جو مثال

ترقي يافته سماجن ۾ ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي ڊي ڪيئر سينٽرز ۽ اسڪولن ۾ اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته جسماني طور تي وڙهڻ يا چماٽ هڻڻ بجاءِ اهي پنهنجن مسئلن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪن. ان تعليم جو مقصد اهو آهي ته ٻار مستقبل ۾ هڪ بهتر ۽ برداشت ڪندڙ شهري بڻجن، جيڪي تشدد بجاءِ امن پسند حلن کي ترجيح ڏين.

يورپي ملڪن جي سياست ان ڳالهه جو سٺو مثال آهي ته ڪيئن اختلافن کي پرامن ۽ تعميري طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو. مثال طور، جرمنيءَ جي پارليامينٽ (Bundestag) ۾ سياسي بحث مباحثا انتهائي سخت ۽ تيز هوندا آهن، پر ان جي باوجود اهي سڀ بحث قانوني ضابطن ۽ اخلاقي قدرن جي دائري اندر ٿيندا آهن. اتي اڳواڻ ڪڏهن به هڪ ٻئي سان جسماني طور تي وڙهندا يا هڪ ٻئي تي حملو ڪندي نظر نه ايندا. اهي ڄاڻن ٿا ته پنهنجي مخالف جي عزت ڪرڻ به جمهوري نظام جو هڪ اهم حصو آهي. انهن جي تاريخي جدوجهد ان ڳالهه کي پختو ڪري ڇڏيو آهي ته تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.

يورپي سماج ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ٿو ته اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو وڃي. اتي بحث جي جڳهه کي ميدان جنگ نه پر هڪ اهڙي جڳهه سمجهيو وڃي ٿو، جتي مسئلن جو حل ۽ عوام لاءِ بهتر فيصلا ڪيا وڃن. اهو رويو رڳو سياست تائين محدود ناهي، پر معاشري جي هر شعبي ۾ نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته اتي تعليم جو بنياد ئي دليلن ۽ ڳالهه ٻولهه تي رکيو ويو آهي.

هڪ دفعو ٿي ويو، ته پوءِ ٿي ويو ان کي واپس نٿو ڪري سگهجي

هي سڀ ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته جهڙوڪ ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ نه وڃي يا تير ڪمان مان نڪري وڃي پوءِ اهو واپس نٿو اچي. ساڳيءَ طرح، هڪ دفعو ڪو شخص، خاص ڪري سياسي اڳواڻ، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ بجاءِ جسماني ورتاءُ ڪري ته اها شيءِ واپس نٿي ٿي سگهي. ان عمل کي ڪنهن به بهاني سان صحيح ثابت نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جو اثر فوري ۽ ڊگهي مدت وارو هوندو آهي. اهو رويو نه رڳو ان شخصيت جي ساک کي ختم ڪري ٿو پر اهو سماج ۾ تشدد ۽ نفرت کي به وڌائي ٿو. پاڻ کان گهٽ طاقتور کي اکيون ڏيکاري چماٽون هڻڻ ۽ پاڻ کان طاقتور اڳيان ڪڇان جهڙي ڀت، منافقي کان وڌيڪ ڪو ذهني مسئلو ٿو لڳي.

جڏهن صدين کان پوءِ ايندڙ نسل هن دورن جي حالتن کي سمجهڻ لاءِ وڊيوز ڏسندا، آتم ڪٿائون، آکاڻيون، شاعري ۽ لکڻيون پڙهندا، تڏهن انهن کي اهو به معلوم ٿيندو ته اسان جا اڳوڻا سياستدان ڪيئن هڪ ٻئي سان ۽ عوام سان ورتاءُ ڪندا هئا. اهي اسان جي روين کي پرکي اهو اندازو لڳائيندا ته اسان جو سماج ڪيتري قدر ترقي يافته هو.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته اختلافن جو حل وڙهڻ ۾ نه پر ڳالهه ٻولهه ۽ بحث ۾ لڪل آهي. حقيقي طاقت اها آهي ته اسان پنهنجن خيالن کي دليلن سان پيش ڪريون ۽ ٻين جي ڳالهه کي صبر سان ٻڌون. ماڻهو جيڪي وڙهن ٿا، اهي حقيقت ۾ پنهنجي اندر جي ڪمزوري کي ظاهر ڪن ٿا. اسان کي پنهنجي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ان اصول کي پنهنجي هانو سان هنڊائڻ گهرجي ته هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه سان ممڪن آهي، نه ڪي تشدد سان. اهو ئي هڪ ترقي يافته ۽ امن پسند سماج جو بنياد آهي. چماٽ لڳل نوجوان کان معافي سٺي ڳالهه آهي پر اڄ کان سئو سال پوء هي ڪالم پڙهڻ وارن نوجوانن کان به وقت سر معافي وٺڻ گهرجي ته جيئن پاڻ ان تاريخي گند کي به صاف ڪندا هلون ۽ ايندڙ نسل پاڻ کي ڪنهن چڱي ۽ عزت ڀري نظر سان ڏسي. 

__________________

سنڌ جي شھر مورو جوعبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو انگريازي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ باقاعدہ ڪالم لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button