ماکي ۽ کجي سنڌ جي معيشت جي ترقيءَ لاءِ جديد واٽ ثابت ٿي سگھن ٿيون
سئيڊن ۾ ڪيترائي ماڻهو گهرن ۾ ماکيءَ جا فارم ٺاهي ماکي پيدا ڪن ٿا ۽ وڪرو ڪن ٿا. ان جو ذائقو مختلف علائقن ۾ مختلف گلن جي ڪري مختلف ٿئي ٿو.
ماکي ۽ کجيءَ جي صنعت کي جديد بڻائڻ سنڌ جي معيشت لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي. اها رڳو زرعي ترقي نه پر روزگار ۽ خوشحالي به آڻي سگهي ٿي.
جيڪڏهن اسان پنهنجن روايتي طريقن سان گڏوگڏ نوان ۽ جديد طريقا اختيار ڪنداسين ته اسان جي ماکي ۽ کجيءَ کي عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ نئين سڃاڻپ ملي سگهندي
عبدالله عثمان مورائي
آفيس جي هڪ دوست، جيڪو اسٽاڪهوم ۾ انجنيئر آهي، هڪ ڏينهن آفيس جو ڪم پورو ٿيڻ کانپوء مون کان اچي پڇيو ته ڇا توکي ماکي کپي؟ حيران ٿي چيو مانس ته ”ها، پر توهان کي اها ماکي ڪٿان ملي؟“ هن ٻڌايو ته سندس والد گهر ۾ ماکي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻي اها ايتري گهڻي ٿي وئي آهي جو اسان سڄي ماکي استعمال نٿا ڪري سگهون، ان ڪري ان کي وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مون کانئس ماکيءَ جو اگھُ پڇيو جيڪو هن ٻڌايو، پوءِ وري مون به اُتي روايتي ڪاروباري ٿيندي کانئس پڇيو ته جيڪڏهن مان ٻه وٺان ته گهڻا پيسا ٿيندا، جنهن تي هو کليو ۽ چيائين ته توکي هڪ جي قيمت ۾ ٻه ڏيندس. اسان ان تي ڏاڍو کلياسين.
بهرحال چوڻ جو مقصد ته سئيڊن ۾ ڪيترائي ماڻهو گهرن ۾ ئي ماکيءَ جا فارم ٺاهي ماکي پيدا ڪن ٿا ۽ وڪرو ڪن ٿا. ان جو ذائقو مختلف علائقن ۾ مختلف گلن جي ڪري مختلف ٿئي ٿو. ماڻهو ڪاڏي ٻين علائقن ۾ گهمڻ ويندا آهن ته اتان جي ماکي به تحفي طور وٺيو ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺاڻن رستن تان ويندي، ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڪٿي ڪٿي گهرن جي ٻاهران بورڊ لڳل هوندا آهن جتي ماکي يا بيدا وڪري لاءِ موجود هوندا آهن. جيترا وڻن اوترا کڻو، پيسا سندن کاتي ۾ موبائل فون جي ذريعي موڪلي ڇڏيو. نه وڪڻڻ وارو وٺڻ واري کي ڏسي نڪو ئي وٺڻ وارو وڪرو ڪرڻ واري کي، ڪم ۽ ڪاروبار اعتبار تي پيو هلي. منهنجو خيال آهي ته اسان سنڌ ۾ به اهڙي ماکي پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ اها کجيءَ وانگر سٺو ڪاروبار بڻجي سگهي ٿي.

سنڌ، پنهنجي زرعي پيداوار ۽ پراڻي تاريخ سبب هميشه کان اهميت رکي ٿي. ان جي گرمي ۽ ماحولياتي خوبيون ٻن خاص زرعي شين لاءِ انتهائي موزون آهن، هڪ ماکي ۽ ٻيو کجي. سنڌ جا ڪجهه علائقا ماکيءَ جي پيداوار ۽ کجيءَ جي باغن جي ڪري مشهور آهن. پر بدقسمتيءَ سان اسان اڃا تائين انهن ٻن قدرتي وسيلن مان پوري طرح فائدو نه وٺي سگهيا آهيون. هن وقت اها ضرورت آهي ته هنن صنعتن کي جديد ۽ ڪارآمد بڻايو وڃي، جيئن اهي سنڌ جي معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيئي سگهن ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهن.
ماکي ۽ کجي آمدنيءَ جو هڪ وڏو ذريعو ٿي سگهن ٿيون. ماکيءَ جي پيداوار ۽ کجيءَ جي باغائين جي محنت اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر اڄ به گهڻا ماکيءَ جا ڇَتا ۽ کجي جا باغ روايتي طريقن سان هلن ٿا، جن سان پيداوار گهٽ ٿئي ٿي ۽ معيار عالمي مارڪيٽ جي مقابلي ۾ گهٽ هجي ٿو.

سئيڊن ۾ آفيس واري ساٿيء جي تجربي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ننڍي پيماني تي به ماکي جي پيداوار کي هڪ ڪامياب ڪاروبار بڻائي سگهجي ٿو. پر سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي رنڊڪون آهن. مثال طور اسان اڃا تائين صديون پراڻا طريقا استعمال ڪريون ٿا، جن سان پيداوار گهٽ ٿئي ٿي. ماکي ۽ کجيءَ جي پيداوار جي پيڪيجنگ ۽ اسٽوريج لاءِ جديد ٽيڪنالاجي موجود ناهي، جنهن ڪري گهڻو مال خراب ٿي وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ اسان جون پراڊڪٽس مقامي مارڪيٽ تائين محدود آهن ۽ انهن کي بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ وڪڻڻ لاءِ ڪا به اسٽريٽجي يا حڪمت عملي موجود ناهي.
انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم قدم کڻڻا پوندا، مثال طور ماکيءَ جي پيداوار لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. ماکيءَ جي جديد پالنا بابت نوجوانن کي تربيت ڏيڻ گهرجي. کجي ۽ ماکيءَ جي بهتر پيڪيجنگ ۽ برانڊنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان کي اهڙي معيار جي پيداوار ڪرڻ گهرجي جيڪا بين الاقوامي منڊيءَ ۾ وڪڻي سگهجي. انهن سڀني ڳالهين کان مٿاهين ڳالهه ته سرڪار ۽ نجي ادارن کي گڏجي نوجوانن کي هن شعبي ۾ فني تربيت ڏيڻ گهرجي. ان سان اهي نوان ڪاروبار شروع ڪري سگهندا ۽ روزگار پيدا ڪري سگهندا.
آخر ۾ حاصل مقصد ته ماکي ۽ کجيءَ جي صنعت کي جديد بڻائڻ سنڌ جي معيشت لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي. اها رڳو زرعي ترقي نه پر روزگار ۽ خوشحالي به آڻي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان پنهنجن روايتي طريقن سان گڏوگڏ نوان ۽ جديد طريقا اختيار ڪنداسين ته اسان جي ماکي ۽ کجيءَ کي عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ نئين سڃاڻپ ملي سگهندي. هن صنعت کي اڳتي وڌائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

_____________________
سنڌ جي شھر مورو جوعبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو انگريازي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ باقاعدہ ڪالم لکندڙ آھي