سنڌ ۾ ريل جو اچڻ ۽ بند ٿيڻ _ ھڪ ورثي جي تباھيءَ جو داستان
پاڪستان ٺھڻ وقت انگريزن جون وڇايل 8122 ڪلوميٽر لائينون ھيون جن ۾ براڊ گيج 6880 ڪلوميٽر، ميٽر گيج 506 ڪلوميٽر ۽ نيرو Narrow گيج 736 ڪلوميٽر لائينون ھيون .
لوپ لائينون گھڻو اڳ بند ٿي ويون. انھن اسٽيشن جي عمارتن تي گھڻي قدر قبضا ٿي ويا آھن. ماڻھو سرون به کڻي ويا آھن ته ڪٿي ڪٿي ريل جا پٽا به ڪڍي ويا آھن
الطاف صديقي
ريل جو نظام مسافرن ۽ سامان جي اچ وڃ ۾ اھميت جوڳو وسيلو رھيو آھي. ريل جي انجڻ پھرين ڪوئلي جي ٻاڦ تي ھلندي ھئي ۽ ان کي اسٽيم انجڻ چيو ويندو ھيو. وقت سان گڏ ان انجڻ جي بناوٽ ۾ جدت ٿيندي رھي آھي. اڄ تيز رفتار ريل چائنه جي شنگھائي ميگوا آھي جنھن جي رفتار 460 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آھي.
ٻاڦ تي ھلندڙ انجڻ جي ايجاد جو اعزاز جان اسٽيفن (1748-1848) کي ڏنو ويندو آھي جنھن 1814ع ۾ ٻاڦ انجڻ کي رُڪ جي پٽين تي ھلائي پاڻ مڃرايو. ھن کان ڳ وليم مارڪ ٻاڦ تي انجڻ ھلائي پر کيس پذيرائي نه ملي. سال 1802ع ۾ انگلينڊ ۾ ئي رچرڊ تري ٿِڪ انجڻ ٺاھي جنھن جي رفتار في ڪلاڪ پنج ميل ھئي پر سندس ايجاد ڪم نه ڏيکاريو. 1813ع وليم ھيڊلي ٻاڦ واري انجڻ ٺاھي پت ھن بہ مقبوليت نه ماڻي.
نيٺ مٿي ذڪر ڪيل جارج اسٽيفن کي ايجاد جو اعزاز مليو. سندس انجڻ ٻين کان وڌيڪ طاقتور ۽ رُڪ واري پٽڙيءَ تي اُن جي رفتار پڻ تيز ھئي. ايئن 1830ع ۾ انگلنڊ جي ٻن شھرن ليور پول ۽ مانچسٽر جي وچ ۾ مسافر ٽرين ھلائي ويئي. انھيءَ کان اڳ انگلينڊ جي ٻن شھرن اسٽڪٽن کان ڊارلنگٽن جي وچ ۾ ريل پٽڙي وڇائي ويئي ھئي جنھن تي مال بردار گاڏي ھلائي ويئي ھئي. ايئن ريل مشھوري ماڻي.

انگلينڊ کان پوء آمريڪا ۾ 1833ع، بيلجيم ۽ جرمنيءَ ۾ 1835ع ۾، ڪينڊا ۾ 1836ع ، فرانس ۾ 1837۾، ھالينڊ ۽ اٽليءَ ۾ 1839ع۾ ريل گاڏين جي شروعات ٿي جڏھن ته ھندستان ۾ ريلوي جي تاريخ جو آغاز 1845ع کان ٿيو. ساڳي سال ڪلڪتي کان راڻي نگر ، بمبئيءَ کان ڪلياڻ ۽ مدراس کان ارڪونا تائين ٽي ريل گاڏيون ھلايون ويون. جڏھن ته 16اپريل 1853ع تي پھرين مسافر ٽرين بمبئي کان 34 ڪلوميٽر پري ٿاڻي ڳوٺ تائين ھلائي ويئي.
سنڌ تي انگريزن جو قبضو 1843ع ۾ ٿي ويو ھو. 1847ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ کي ھيڊ ڪوارٽر بنايو ۽ شھر جي ترقيءَ لاء بمبئيءَ مان پارسي ، خواجه ، بوھري ۽ گجراتي واپاري لڏائي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا ته جئين ھي واپاري ھتي ڪوٺيون قائم ڪن ۽ ڏيساور مان مال ڪراچي جي بندرگاه تي اچي ۽ ھتان پاڻي جي جھازن وسيلي ڏيساور موڪلجي. باقي سنڌ ۽ اڳتي جي علائقن ڏانھن مال جي آمد و رفت قافلن ۽ آگبوٽن وسيلي سنڌو درياه ذريعي ٿيڻ لڳي. ڪراچي شھر جي واپاري سرگرمين کي انگريز سرڪار اھميت ڏني جنھن جي پٺڀرائي پھرين سر چارلس نيپيئر ڪئي ھئي مگر سندس ھتان وڃڻ کان پوءِ سنڌ صوبو بمبئي سرڪار جي نظرداري ھيٺ ڏنو ويو.
سر بارٽل فريئر جڏھن سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ته ھن ھتي ريل نظام کي قائم ڪرڻ لاء اُپاءَ ورتا. سنڌ ڪمشنريءَ ڪراچي کي بمبئي سان ڳنڍڻ لاء ھڪ رٿا موڪلي جيڪا ڪراچي کان حيدرآباد بدين، ننگر پارڪر، ڪڇ گجرات کان ٿيندي بمبئي جي ريل لائين سان ملني ھُئي پر سرڪار قبول نه ڪيو. ان وقت صرف ڪراچي ۽ ڪوٽڙي واري لائين تعمير لاء منظور ٿي جنھن تي 1858ع ۾ ڪم جي شروعات ٿي ۽ 13 مئي 1861 ع کان ھن روٽ تي ريل گاڏي ھلڻ شروع ٿي جنھن جو ڀاڙو ڪوٽڙي کان ڪراچي 2 آنہ ھيو ۽ چار ڪلاڪ سفر ۾ لڳندا ھئا. ھي سنگل ٽريڪ ھو جنھن کي بعد ۾ 1889ع ۾ ڊبل ڪيو ويو.
سال 1879 ۾ حيدرآباد ۽ ملتان وچ ۾ ريل ھلائي ويئي مگر ڪراچي کان ملتان سڌي ريل نه ٿي ھلي سگھي انھي لاء ته ڪوٽڙي واري پل نه ٺھي سگھي ھئي جيڪا 1900ع ۾ جڙي راس ٿي.
مولائي شيدائي ‘تاريخ سکر’ ۾ لکي ٿو ته 1878ع ۾ ٻي افغان ويڙهه وقت ريلوي لائين ڪوٽڙي کان براهه راست دادو، لاڙڪاڻو، سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روهڙي کان خانپور تائين ريلوي لائين چالو ٿي. روهڙيءَ جي ريلوي اسٽيشن قاسم خواني جي اُلهندي ساڌ ٻيلي جي سامهون هئي. ڪوٽڙيءَ واري پل کان اڳ روھڙي سکر جي وچ ۾ پل 1889ع ٺھي ۽ ريل جي استعمال ۾ اچڻ لڳي. جڏھن ته 1887ع ۾ ڪوٽڙيءَ کان ڪوئٽا واري ريل لائين ٺھي ۽ استعمال ۾ اچڻ لڳي.
ڪوٽڙي ۽ سبيءَ جي وچ ۾ تقريبن ميداني علائقو آھي. سواء کير ٿرجبل جي سيوھڻ وٽان ڀڳي ٺوڙهي وٽان جابلو پٽي آھي جڏھن ته سبي ۽ ڪوئٽا جي وچ ۾ جابلو علائقو آھي. ان علائقي مان ريل جي رستي ۾ سترھن سرنگهون اچن ٿيون. ھي ريل رستو به ڏسڻ وٽان آھي جيڪو بولان جي پھاڙن مان وڪڙ کائيندو ڪوئٽا ڏي وڃي ٿو. رستي تي ڪول پور اسٽيشن تي ٿڌي ھوا جو لطف به وڻندڙ آھي. اھا ساڳي لائين اڳتي افغان بارڊر کان اورتي چمن تائين آھي.
بلوچستان واري روٽ جي منظوري 1876ع ۾ ھندستان جي وائسراءِ ڏني ۽ 1879ع ڪم جي ابتدا ٿي ھئي ،

يورپ وارن ھميشه روس کي پنھنجو دشمن سمجھيو آھي. جڏھن انگريزن جو قبضو ھندستان ۽ ھاڻوڪي پاڪستان جي چئني صوبن تي ٿي ويو ته انھن کي اھو خطرو محسوس ٿيو ته متان روس افغانستان جي ھڪ مختصر علائقي کي لتاڙي چمن واري علائقي کان حملا آور ٿي ھندستان ڏي پيش قدمي ڪري. انھيءَ ڪري سندن رستي روڪ لاء ھنن اھا ريلوي لائين وڇائي ته جئين ھندستان کان ترت فوج کي اماڻي روسين کي منھن ڏجي گڏوگڏ موجوده پاڪستاني علائقي ڪڏھن برطانوي راڄ خلاف کا سورش ٿئي ته فوج موڪلي منھن ڏجي. اھڙي طرح ڪوئٽا کان چمن بارڊر تائين ريل لائين وڇائي ويئي، ھن رستي تي 13 ننڍيون وڏيون سرنگهون آھن جن ۾ ھڪ مشھور سرنگھ کوجڪ ٽنل آھي جنھن کي شيلا ٽنل پڻ سڏين ٿا. ھيءَ سرنگھ 3.91 ڪلوميٽر ڊگھي آھي ۽ سمنڊ جي سطح کان 6391 فٽ مٿاھين تي آھي. ھن ريلوي ٽنل جو ڪم 14 اپريل 1888ع تي شروع ٿيو ۽ 5 سيپٽمبر 1891ع تي مڪمل ٿيو. ھيءَ ڏکڻ ايشا جي پڻ ڊگھي ۾ ڊگھي سرنگھ آھي . چون ٿا ته انھيءَ کي شيلا ٽنل ان ڪري سڏيو ٿو وڃي جو شيلا ھڪ مشھور ناچڻي ھئي جنھن کي انگريز سرڪار اتي آڻي مزدورن جي دل وندرائڻ لاء رقص جا پروگرام منقعد ڪندي ھئي ته جيئن مزدور پريشان نه ٿين ڇو ته ھن ٽنل جي کوٽائي ۾ ڪيترائي مزدور موت جي منھن ۾ ھليا ويا ھئا. ھن سرنگھ سان اھو به منسوب آھي ته سرنگھ جي انجينئر کي آخري ڏهاڙن ۾ شڪ ٿيو ته کوٽائي درست رُخ تي نٿي ٿئي سو دلبرداشت ٿي پنھنجو انت آندائين پر پوءِ ثابت ٿيو ته سرنگھ جي کوٽائي صحيح رخ تي ھئي.
سنڌ ۾ جڏھن مين لائين پئجي ويئي ته ھنن مين لائين يعني حيدرآباد ۽ روھڙي جي وچ ۾ لوپ لائين ۽ فيڊر لائين ڏنيون. جئين ته ڪراچي کان ڪوٽڙي لائين ۽ ڪوٽڙي کان بلوچستان چمن تائين روٽ ٿيو ته ڪوٽڙي جنڪشن ۽ وڏو لوڪو شيڊ قائم ڪيو ويو جتي ريل جي انجڻ جي مرمت ۽ ھتان نڪرندڙ لوڪل ٽرينون جنھن ۾ دادو لائين لاء پيسنجر ۽ روھڙي نوابشاه لاء پيسنجر ٽرين جون مسافر بوگيون به ھتي سروس ٿينديون ھيون , ايئن حيدرآباد جنڪشن کان بدين جي ريل سروس 15 آگسٽ 1904 تي شروع ڪئي ويئي. ھن لائين جي ڊيگھ 100ڪلوميٽر ھئي. ھيءَ لائين کٿڙ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار ۽ بدين تائين ھئي.
حيدرآباد جنڪشن تان ٻي لائين ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپور خاص ويندي آھي. 1960ع ۾ ھن ريل لائين کي براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو نه ته ان کان اڳ ميٽر گيج ۾ ھئي.
مير پور خاص کان کوکرا پار تائين 147 ڪلوميٽر فاصلي تائين ھي اسٽيشنون اچن ٿيون: جمڙائو جنڪشن، بلوچ آباد، عبدالله ھالٽ، شادي پلي، پٿورو جنڪشن، ڍورونارو، سادھر ھالٽ، ڇور، نيو ڇور، کوکراپار، زيرو پوائنٽ ۽ اتان ھندستان جي موناٻائو ريل اسٽيشن آھي پوء اھا لائين جوڌپور تائين وڃي ٿي.
1965ع واري جنگ کانپوء ھتان فوج ريل لائين اکيڙي ڇڏي ھئي ۽ جڏھن 2004 ۾ بارڊر رستو بحال ٿيو تہ ميٽر گيج کي تبديل ڪري براڊ گيج ڪيو ويو.
17 فيبروري 2006 تي پھرين ٽرين 41 سالن کان پوء بارڊر ڪراس ڪيو.
ميرپور خاص مان ھڪ ريل روٽ ڊگھڙي نئون ڪوٽ نبي سر روڊ سامارو روڊ ۽ پٿورو ۽ اُتان اتان واپس مير پور خاص ، شادي پلي براستہ ميرپور خاص ويندي ھئي. اُن جي ڊيگھ 89 ڪلوميٽر ھئي. ھيءَ روٽ 18 آگسٽ 1892ع ۾ شروع ٿي ۽ 1900ع ۾ سرڪار ھن کي جوڌپور تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني.
1909 ۾ ميرپورخاص کان نوابشاھ ميٽر گيج لائين جو ڪم شروع ٿيو جيڪو ٽن سالن ۾ 1912ع ۾ کڏڙي شھر تائين پھتو. بعد ۾ 1939ع ۾ نوابشاه تي اچي مڪمل ٿيو. ھي ريل گاڏي گھڻو ڪري زرعي پيداوار جي نقل حمل لاء ڪم ايندي ھئي ، ميرپور خاص کان نواب شاہ ڏانھن اسٽيشن جي ڪجھ ھن نموني ترتيب ھئي: کاڻ، نازڪ آباد،. پاٽويون، نئون آباد، بوبي روڊ، جھول، سنجھورو، راڄڙ پارڪ، کڏڙو، شاھ پور چاڪر، سرور نگر، ڄام صاحب، گل بيگ مري، شفيع آباد، نواب شاه جنڪشن. پر بعد ھن لائين کي 2005 ع ۾ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو.
حيدرآباد واري مين لائين تي اڳيان ٽنڊو آدم جنڪشن ھئي. ھتان لوڪل ٽرين نڪرندي ھئي جيڪا ڀٽ شاه ، ھالا ،سعيد آباد ، سڪرنڊ ، سکيو منھايو، قاضي احمد، دولت پور، مورو، ٺاروشاھ ۽ نوشھرو کان پڊعيدن ويندي ھئي. ٺاروشاہ جنڪشن کان وري ٽرين محراب جنڪشن تائين ويندي ھئي. اڳيان وري
نوابشاه جنڪشن مان ننڍي پٽي واري ريل جنھن کي راجہ لين ميٽر گيج به چوندا ھيا اھيا انگريز سرڪار ۽ جوڌ پور جي راجہ جي سھڪار سان پئي ھئي. ھتي ٻڌائيندو ھلان ته ريل جي پٽڙي جا ٽي گيج ھلندا ھيا:
ھڪ نيرو Narrow گيج جنھن جي ويڪر ٌ 6.2فٽ ھئي. ٻيو ميٽر گيج جيڪو ٌ3.33 فٽ ۽ ٽيون براڊ گيج جيڪو ھن وقت مين لائين تي آھي . براڊ گيج جي ويڪر 6.5 فٽ آھي .
ڪجھ ميٽر گيج واريون لائنون ھيون مگر مين لائين براڊ گيج ۾ ھلندي اچي. ھن مان گھڻيون ننڍيون لائنون بعد ۾ وڏي لائنن ۾ تبديل ڪيون ويون .
نوابشاھ جنڪشن کان اڳيان پڊعيدن جنڪشن ايندي ھئي. اتان فيڊر پيسنجر گاڏي ھلندي ھئي جنھن ۾ ٽي گاڏا ۽ ڪاري انجڻ ھوندي ھئي. لائين ڪچي ھئي يعني پٽڙين سان گڏ پٿر پيل نه ھوندو ھيو سو ٽرين ڌوڙ اڏائيندي ھلندي ھئي ۽ پڊعيدن کان ڪلھوڙا اسٽيشن ، نوشھرو فيروز ، مچر ٺارو شاھ کان محراب پور تي آخري اسٽاپ ڪندي ھئي .
جيڪب آباد ۽ ڪشمور لائين پھرين جنگ عظيم واري دور 1914ع ۾ وِڌي ويئي جيڪا ميٽر گيج ھئي جنھن کي 1956ع ۾ براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو ويو .
لاڙڪاڻي کان بھرام ھيٺيون ، ڀرڳڙي قمبر علي خان ، شھداد ڪوٽ، سلھرا شھداد ڪوٽ ، اميد علي خان روٽ ھاڻي بند آھي .
جڏھن 1947ع پاڪستان وجود ۾ آيو ته پاڪستان ۾ انگريزن جون وڇايل 8122 ڪلوميٽر لائينون ھيون جنھن مان براڊ گيج 6880 ڪلوميٽر، ميٽر گيج 506 ڪلوميٽر ۽ نيرو Narrow گيج 736 ڪلوميٽر لائينون ھيون .ھاڻي گھڻيون لائينون بند ٿئي ويون آھن .
محراب پور جنڪشن کان پوء روھڙي جنڪشن ايندي آھي. اتان پنجاب لاء ريل گاڏيون وينديون آھن. ھتي وڏو لوڪو شيڊ آھي. ھتان ٻيو روٽ ڪوئٽا لاء نڪري ٿو جيڪو سکر حبيب ڪوٽ جنڪشن شڪارپور جيڪب آباد سبي ڪوئيٽا وڃي ٿو. حبيب ڪوٽ اسٽيشن تي سيوھڻ لاڙڪاڻي واري گاڏي به ڪراس ڪندي آھي. حبيب ڪوٽ کان پوء جيڪب آباد جنڪشن اچي ٿي جتان ٺل، ڪشمور ۽ اڳيان ديرا غازي خان ۽ اٽڪ تائين ريل وڃي ٿي .
سنڌ ۾ ريل گاڏيون پنھنجي وقت ۾ ڪامياب ھيون مگر ڀٽي صاحب جي دور ۾ 1971ع کانپوء آھستي آھستي ننڍن شھرن جا لنڪ روڊ ٺھيا ته لوڪل بس سروس شروع ٿي ته آھستي آھستي ماڻھن به بسن ڏانھن لاڙو رکيو.
ھن وقت حالت اھا آھي ته لوپ لائينون بند ٿي ويون آھن. انھن اسٽيشن جي عمارتن تي گھڻي قدر قبضا ٿي ويا آھن. ماڻھو سرون به کڻي ويا آھن ته ڪٿي ڪٿي ريل جا پٽا به ڪڍي ويا آھن. ريلوي جي زمين تي ماڻھن قبضا ڪري عمارتون ٺاھي ڇڏيون آھن. آخر ۾ ٻڌائيندو ھلان ته ٽنڊو آدم محراب پور لائين 202 ڪلوميٽر 1988ع ۾ بند ٿي. پڊعيدن جنڪشن کان ٺارو شاھ جنڪشن 1988ع ۾ بند ٿي. نوابشاہ کان سڪرنڊ جنڪشن جي درميان 24 ڪلوميٽر فاصلو ھو ۽ اھو بہ 1988ع ۾ بند ٿيو. لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد لوپ لائين 136 ڪلوميٽر فاصلو ھو اُھا پڻ بند ٿي. جمڙائو پٿورو لوپ لائين 192 ڪلوميٽر 2005 ۾ بند ٿي. يرپور خاص کان نوابشاه 129 ڪلوميٽر 2005 ۾ بند ٿي .
________________
الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي.