زندگيءَ جي ھر شعبي ۾، وِک وِک تي توازن رکڻ لازمي آھي
فطرت پاڻ به هڪ وڏو سبق ڏئي ٿي. ڏينهن ۽ رات، خشڪي ، سوڪهڙو ۽ مينهن، سيارو ۽ اونهارو، سڀ ڪجهه هڪ توازن سان هلي ٿو. ڪم ۽ آرام، محنت ۽ تفريح، خاموشي ۽ ڳالهائڻ، سڀني ۾ توازن برقرار رکڻ لازمي آهي.
عبدالله عثمان مورائي
زندگيءَ ۾ ڪاميابي ۽ خوشحالي لاءِ اسين اڪثر ڪري ڪم ۽ محنت جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر هڪ اهڙو پاسو به آهي، جيڪو گهڻا ماڻهو نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهو آهي “توازن.” زندگيءَ جي حسن ۽ سڪون جو راز ڪنهن به انتها ۾ نه پر توازن ۾ لڪل آهي. توازن صرف ڪنهن شيءِ جي مقدار جو اندازو ناهي، پر اهو مختلف پاسن جي وچ ۾ هڪ سٺو لاڳاپو ۽ هم آهنگي آهي. جيڪڏهن غور ڪجي ته فطرت پاڻ به هڪ وڏو سبق ڏئي ٿي. ڏينهن ۽ رات، خشڪي ، سوڪهڙو ۽ مينهن، سيارو ۽ اونهارو، سڀ ڪجهه هڪ توازن سان هلي ٿو.
ساڳيو اصول انسان جي زندگيءَ تي به لاڳو ٿئي ٿو.اسان جي زندگي به هڪ اهڙي ئي توازن تي هلندڙ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن هڪ پاسي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته اها ڀڄي يا ڪري پوي ٿي. سو سچ پڇيو ته روزاني جي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه توازن آهي.

ڪم ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ توازن
اڄ جي دور ۾، جتي هر ماڻهو ڪم ۽ ڪاميابي جي پويان ڊوڙي رهيو آهي، اتي ڪم ۽ ذاتي زندگي جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. ڪاميابي لاءِ محنت ضروري آهي، پر جيڪڏهن محنت ئي انسان جي هر گهڙي تي حاوي ٿي وڃي ۽ آرام، تفريح يا رشتن جي اهميت وسري وڃي ته اها ڪاميابي به ادھوري لڳي ٿي.
ڪيترائي ماڻهو سوچيندا آهن ته گهڻو ڪم ڪرڻ سان هو وڌيڪ ڪامياب ٿي سگهندا، پر اهو خيال صحيح ناهي. گهڻو ڪم ڪرڻ ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو ۽ آخرڪار اها حالت ماڻهن کي “برن آئوٽ” (Burnout) ڏانهن وٺي ويندي آهي. هن حالت ۾ ماڻهو پنهنجي پيداواري صلاحيت (productivity) وڃائي ويهندا آهن. ان جي بدران، جيڪڏهن ڪم کان علاوه ڪٽنب، دوستن ۽ پنهنجي شوق کي وقت ڏنو وڃي ته ذهن تازو رهندو آهي ۽ ان سان ڪم جي معيار ۾ به بهتري ايندي آهي.
وري ٻئي پاسي ڏٺو پاسي وڃي ته جيڪڏهن ماڻهو سست ۽ لاپرواهه ٿي وڃي، ته زندگيءَ ۾ اڳڀرائي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي. انڪري ڪم ۽ آرام، محنت ۽ تفريح، خاموشي ۽ ڳالهائڻ، سڀني ۾ توازن برقرار رکڻ لازمي آهي.
ذهني ۽ جسماني صحت ۾ توازن
صحت جو مطلب صرف جسماني تندرستي ناهي، پر ذهني سڪون ۽ خوشي به آهي. انسان جي اندر به ڪيترائي جذبا گڏ رهندا آهن مثال طور محبت، ڪاوڙ، رحم، همدردي ۽ ضد. جيڪڏهن ڪنهن هڪ جذبي کي حد کان وڌيڪ وڌڻ ڏجي ته زندگيءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ٿي پوي ٿي. مثال طور، ضرورت کان وڌيڪ ڪاوڙ انسان جا رشتا ٽوڙي ڇڏي ٿي، جڏهن ته بيحد نرمي ماڻهوءَ کي ڪمزور بڻائي ڇڏي ٿي.
اڄ جي دور ۾ جتي هر انسان ڪنهن نه ڪنهن ٽينشن جو شڪار آهي، اتي اسان لاءِ ضروري آهي ته جسماني ورزش سان گڏ ذهني صحت تي به ڌيان ڏيون. جسماني تندرستي لاءِ نه تمام گهڻو ۽ نه تمام گهٽ پر وچولي مقدار ۾، چڱو ۽ صحت بخش کاڌو کائڻ ۽ روزانو ورزش ڪرڻ ضروري آهي. ان سان گڏ، ذهني صحت لاءِ آرام، مراقبي (meditation) ۽ پنهنجي ذهن کي پريشانين کان آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ٻئي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. حقيقي دانشمندي اها آهي ته ماڻهو پنهنجي احساسن کي وقت ۽ حال مطابق توازن ۾ رکڻ سکي.
ڊجيٽل ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ توازن
اسان جي ڊجيٽل دور ۾، جڏهن سڄي دنيا اسان جي هٿن ۾ اچي وئي آهي، اسان پنهنجي اوسي پاسي جي حقيقي دنيا کي وساري ويٺا آهيون. سڄو ڏينهن موبائيل فون، ڪمپيوٽر ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ سان اسان جو تعلق حقيقي ماڻهن ۽ فطرت سان ٽٽي ويندو آهي. هي هڪ غير متوازن صورتحال آهي. اسان کي ٽيڪنالاجي جو فائدو ضرور وٺڻ گهرجي، پر ان سان گڏ فطرت سان جڙيل رهڻ، ماڻهن سان ملڻ ۽ حقيقي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

سماجي لاڳاپن ۽ اڪيلائيءَ ۾ توازن
سماج ۾ به توازن جي ضرورت آهي. انسان هڪ سماجي مخلوق آهي، جنهن کي ٻين سان لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا آهن. دوستي، محبت ۽ ٻين رشتن کان سواءِ زندگي اڻپورِي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي پاڻ سان گڏ وقت گذارڻ جي به ضرورت پوندي آهي. اڪيلائي جو مطلب رڳو غم ۽ مايوسي ناهي، پر اها پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ، پنهنجي سوچن تي غور ڪرڻ ۽ پنهنجي ذهني طاقت کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي. انهن ٻن شين جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ هڪ سٺي ۽ خوشحال زندگي لاءِ ضروري آهي.
جيڪڏهن دولت ڪجهه ماڻهن وٽ جمع ٿي وڃي ۽ باقي عوام غربت ۾ رهي ته سماج ۾ بيچيني وڌي ٿي. ساڳي طرح، جيڪڏهن آزاديءَ کي ذميواري کان ڌار ڪري ڏنو وڃي ته ان جا نتيجا انتشار جي صورت ۾ نڪرندا آهن. توازن ئي اهو اصول آهي جيڪو انصاف، برابري ۽ ترقيءَ کي ممڪن بڻائي ٿو.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۽ پهلوءَ ۾ توازن هڪ ضرورت آهي. اها صرف هڪ سادي ڳالهه ناهي، پر خوشي ۽ ڪاميابيءَ جي رستي جي ڪنجي آهي. جيڪو ماڻهو هن اصول کي سمجهي وٺي ٿو اهو نه رڳو پاڻ خوش رهندو آهي پر ٻين کي به خوشي ڏيندو آهي. اهو ناممڪن آهي ته اسين هر شيءِ کي ساڳيو وقت ڏئي سگهون پر اهو ممڪن آهي ته اسان سڀني پاسن تي برابر ڌيان ڏيون. ان ڪري، اسان کي هر وک تي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف حصن ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان هڪ سڪون ۽ ڪامياب زندگي گذاري سگهون. توازن ئي اها ڪاميابي آهي، جيڪا زندگيءَ کي خوبصورت ۽ مڪمل بڻائي ٿي.
________________

سنڌ جي شھر مورو جوعبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو انگريازي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ باقاعدہ ڪالم لکندڙ آھي