Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

شخصيت پرستيءَ جي خول مان نڪرڻ کانپوءِ ئي چين ترقي ڪئي

مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي به شخصيت پرستيءَ جي خول مان ٻاهر نڪتي. ڪميونسٽ پارٽيءَ ھڪ ٺھراءَ ذريعي مائوزي تُنگ جي واکاڻ ڪئي پر ان سان گڏ ماضيءَ جي غلطين جي معافي ورتي. پارٽيءَ کي ڪنھن خاندان جي حوالي نہ ڪيو ويو

مائوزيتنگ ستاويھن سالن يعني پنھنجي وفات تائين ڄڻ ته ملڪ جو بي تاج بادشاهه هو. پر هو سرڪاري خزاني مان ڪل ڇھه سؤ يوان يعني نوي ڊالر ماهوار پگهار کڻندو هو. ان ۾ به 1970 ۾ ويھه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. سندس اصل آمدني ڪتابن جي رائلٽيءَ مان ٿيندي هئي   

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

پنجويھ نومبر 2024: ڪالهه ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ تي لکندي مائوءَ جي شروع ڪيل ثقافتي انقلاب جو پڻ خيال ايندو رهيو، حقيقت ۾ گريٽ ليپ فارورڊ رٿا جي ناڪاميءَ سان مائوزي تنگ جي پوزيشن گهڻي متاثر ٿي ۽ پارٽيءَ ۾ به مائوءَ جي مخالف ۾ آواز اٿڻ شروع ٿيا. ليو شائوچي جنھن کي مائو جو جانشين سمجهيو ويندو هو، پارٽي ڪانفرنس ۾ کليل نموني مائو جي مخالفت ڪئي ۽ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ ترقيءَ بدران پسماندگيءَ جو سبب بني. جنھن هارين جي اڪثريت کي بک ۽ پسماندگي ۾ مبتلا ڪيو. ليوشائوچي جي تقرير کان پوءِ مائو پنھنجي هڪ جنرل کي ان جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چيو. جنھن مائوءَ جي ڏاهپ ۽ قائداڻي صلاحيت جي واکاڻ ڪئي ۽ اها ڳالهه ورجائي ته مائو جي شخصيت جي ڪري ئي چين پنھنجن مسئلن تي قابو پاتو آهي. ان تقرير کان پوءِ مائو پاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر ڳالهائڻ جي لاءِ اُٿي بيٺو. هن ڀيري مائوءَ پنھنجي تقرير ۾ ان ڳالهه ڏانھن اشارو ڪيو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪجهه بورجوا عنصر شامل ٿي ويا آهن، جيڪي چين کي ان سوشلزم طرف وٺي وڃي رهيا آهن، جنھن پاسي خروشچيف روس کي پھچايو آهي، ان کان پوءِ پارٽيءَ ۾ پنھنجن مخالفن تي حملا ڪيا. سڀ کان ججهي تنقيد ليوشائوچي تي ٿي، جنھن کي چين جو خروشچيف چيو. پر ليو شائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ ان ڳالهه تي سھمت هئا ته خرابيءَ جي پاڙ پارٽيءَ جي تنظيم ۾ آهي.

گريٽ ليپ فارورڊ جي ناڪاميءَ تي پارٽي تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي ۽ ايئن پي لڳو ته پارٽي تان مائوءَ جي اٿارٽي ڪمزور ٿي ويئي آهي. مائو ان صورتحال جو مقابلو ڪيو ۽ ڪجهه وقت جي لاءِ بيجنگ ڇڏي اڪيلائيءَ ۾ هليو ويو. اتي هن نئين صورتحال جو تجزبو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پھتو ته پارٽي ۾ ڪجهه بورزوا عنصر آهن، جيڪي رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن. تنھنڪري ضروري آهي ته ثقافتي انقلاب جي ذريعي اهڙن عنصرن جو خاتمو ڪيو وڃي. ثقافتي انقلاب جي شروعات شاگردن کان ٿي. هُنن پنھنجي استادن جي خلاف قدم کنيا، جن جي نظرن ۾ اهي بورزوا هئا ۽ جيڪي ڪلاسن ۾ بورزوا نظريا پڙهائيندا هئا. مائوءَ شاگردن کي ”ريڊ گرينڊ“ جو خطاب ڏنو ۽ اهو به اظھار ڪيو ته اهي ناانصافيءَ جي خلاف بغاوت ڪري رهيا آهن.

ثقافتي انقلاب کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ مائو هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ’تيانن من اسڪوائر‘ آيو، جتي لکين ماڻهن سندس آجيان ڪئي ۽ نوجوانن جذبات ۾ اچي ”مائو زندهه باد“ جا نعرا هنيا. مائوءَ عوام کي خطاب ڪندي چيو، ”هو بورزوا ڪلچر جو خاتمو ڪن ۽ چين کي صحيح معني ۾ سوشلسٽ بنائين.“

انقلابن جي هڪ خصوصيت هيءَ به آهي ته جڏهن ان جي اهم اڳواڻ تي تنقيد ٿيندي آهي، جيئن چين ۾ مائوءَ تي ٿي، اهڙين حالتن ۾ يا ته پارٽيءَ ۾ سڌارا ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ڪمزورين کي دور ڪري پارٽي اڳواڻ پنھنجو اثر ۽ رسوخ سگهارو ڪري ٿو ۽ جيڪي پارٽي تي تنقيد ڪن ٿا تن کي اهميت ڏيندو آهي. ٻيو طريقو هي هوندو آهي ته پنھنجي آمريت کي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ پارٽيءَ تي تنقيد ڪندڙن کي ڪڍيو ويندو آهي ۽ انهن کي غدار قرار ڏيئي انهن جي خلاف پروپيگنڊه ڪئي ويندي آهي ته جيئن عوام ۾ انهن جي خلاف جذبا پيدا ٿين ۽ انهن جي حيثيت ختم ٿي وڃي.

چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ جيڪو بحران آيو هو، مائوءَ ان جو سوچي سمجهي مقابلو ڪيو. مائو جيئن ته چين ۾ انقلاب آندو هو. هن ڪومنتانگ سان فيصله ڪن ويڙهاند ڪئي هئي ۽ جاپاني مزاحمت ڪارن جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي، انهن ڪاميابين سندس شخصيت کي گهڻو اهم بنائي ڇڏيو هو. تنھنڪري جڏهن مٿس تنقيد ٿي ته ان کي مُنھن ڏيڻ جي لاءِ هن ”ثقافتي انقلاب“ جو بنياد وڌو ۽ ايئن مائو هڪ ڀيرو ٻيھر انقلابيءَ جي حيثيت سان ماڻهن جي سامھون آيو.

چيني هڪ زنده قوم آهي. مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي به شخصيت پرستيءَ جي خول مان ٻاهر نڪتي. ان ماضيءَ جي غلطين جو باقاعده جائزو ورتو ۽ پارٽيءَ جي ٻارهين ڪانگريس ۾ هڪ تفصيلي قرارداد منظور ڪئي، جنھن ۾ مائوزي تنگ جي خذمتن جو اعتراف به ڪيو ويو ۽ ثقافتي انقلاب جي سنگين غلطي تي مٿس تنقيد به ڪئي ويئي. گڏوگڏ پارٽي جي قيادت پنھنجي ان خاميءَ تي قوم کان معافي به ورتي ته جڏهن مائوءَ اها مھم هلائي ته ان جي ميمبرن سندس ساٿ ڏنو. اها قرارداد ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تاريخ جي باري ۾ قرارداد“ جي نالي سان عوامي جمھوريه چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ويئي آهي. جنھن جو اردو ايڊيشن هينئر منھنجي سامھون آهي. تنھنڪري زنده قوم تلخ تجربن جي بٺيءَ مان گذرڻ کان پوءِ ڪيئن نه ڪُندن بنجي وڃي ٿي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي:

”رڳو اُن ڪري ته ڪامريڊ مائوزي تنگ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون، فِڪر مائوزي تنگ جي سائنٽيفڪ قدر ۽ قيمت جي نفيءَ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ اسان جي انقلاب ۽ تعمير ۾ سندس رهنما ڪردار کان انڪار ڪرڻ بنھه غلط ڳالهه ٿيندي ۽ ساڳئي نموني اها ڳالهه به غلط هوندي ته ڪامريڊ مائوزي تنگ جي قولن جي باري ۾ عقيدي پرستيءَ وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. هن جيڪي ڪجهه چيو، ان کي اهڙي ناقابل ترميم سچائي تصور ڪيو وڃي، جنھن جو هر هنڌ ميڪانڪي انداز ۾ اطلاق ڪري سگهجي ٿو ۽ ديانتداريءَ سان اهو نه مڃيو وڃي ته هن زندگي جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون ۽ نين ڪارروائين جي دوران به انهن غلطين تي هوڏ ٻڌي بيٺو رهڻ جي ڪوشش ڪجي.“ (صفحو-9)

چيني قوم اُن تجربي مان جيڪو قيمتي سبق سکيو، اهو سڀني قومن جي لاءِ سکڻ جو هڪ مثال آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي:

”ثقافتي انقلاب جي سبقن ۽ پارٽيءَ ۾ موجود صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه اڻ ٽر ٿي وڃي ٿي ته پارٽيءَ جي اندر جمھوري مرڪزيت جو ٺوس نظام قائم ڪيو وڃي. اسان کي اهڙن اڳواڻن تي مشتمل اجتماعي پارٽي قيادت جي مارڪسي اصول تي سختي سان عمل  ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوامي جدوجھد ۾ اُڀريا آهن ۽ اسان کي هر قسم جي شخصيت پرستيءَ تي بندش وجهڻ گهرجي.“

اهو آهي هڪ زندهه قوم جو طريقو. غلطيءَ جو کليل دل سان اعتراف ڪيائون. ان غلطي مان سبق سکيو. پنھنجي اڳواڻ جي خوبين، خامين، غلطين ۽ ڪارنامن جو متوازن انداز ۾ جائزو ورتائون. ان سائنٽيفڪ طرز عمل جو نتيجو اهو آهي جو چين اڄ ڪٿي وڃي پھتو آهي ۽ نه ئي وري هنن پارٽي کي ڪنھن هڪ خاندان جي حوالي ڪيو. مائو جي زال به ثقافتي انقلاب دوران غلطيون ڪيون ته مٿس به ڪيس هلايائون. ڊينگ زيائوپنگ جي پُٽ تي به ڪرپشن جي الزام ۾ ڪيس هليو.

مائوزي تنگ جي انقلابي شخصيت جو راز سندس زوردار شخصيت ته آهي، پر ان جو سھرو سندس فڪر تي به آهي. هو اشتراڪيت جو پھريون فرد هو، جنھن مارڪسزم کي سولو بنائي، مقامي رنگ ۾ پيش ڪيو. ڪميونزم، جيڪو مارڪس ۽ لينن جي نظر ۾ ڪارخاني/ صنعتي مزدور جي ذريعي ئي اچي سگهيو ٿي. مائوزيتنگ، هارين کي به ان جي طاقت بنائي ڇڏيو. سندس لکڻيون ”سليڪٽيڊ ورڪس آف مائوزيتنگ“ جي نالي سان دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل آهي.

مائوزيتنگ ستاويھن سالن يعني پنھنجي وفات تائين ڄڻ ته ملڪ جو بي تاج بادشاهه هو. پر هو سرڪاري خزاني مان ڪل ڇھه سؤ يوان يعني نوي ڊالر ماهوار پگهار کڻندو هو. ان ۾ به 1970 ۾ ويھه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. سندس اصل آمدني ڪتابن جي رائلٽيءَ مان ٿيندي هئي.

_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button