Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن اسڪولن جا استاد سنڌي پڙھائي نٿا سگھن

اسڪولن جي ٻارن کي سنڌي لفظن جي اُچار ۽ آوازن جي خبر ڪانھي. فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ ڇھ لک سنڌي ٻار ۽ ٽيھ ھزار استاد آھن، فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو انڪشاف

حيدرآباد

 سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ، سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن لاءِ معياري تربيتي مينوئل تي سومر ڏينھن ڪوٺايل اڀياسي ورڪشاپ ۾ ظاھر ٿيو تہ سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ نہ رُڳو ٻارن کي لفظن جي صحيح اُچار ۽ آوازن جي ڄاڻ ڪانھي پر اُستاد بہ سنڌي نٿا پڙھائي سگھن.

ورڪشاپ ۾ ڳالھائيندي سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن (سيف) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنور خان لغاري چيو ته ”مونکي سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن ۾ مقرر ٿئي ڪجھ مهينا ٿيا آهن. مون سيف جي اسڪولن جا دورا ڪيا ۽ اُتي ڏٺو ته ٻارن کي آوازن ۽ اُچارن جي خبر ناهي ۽ محسوس ڪيم تہ استاد پڙهائي نٿو سگهي.“

”اهو ڏسي مون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين سان رابطو ڪيو ۽ اسان طئہ ڪيو تہ سنڌيءَ کي مضمون نه پر ٻوليءَ جي حيثيت ۾ پڙهائڻ لاءِ رهنما سليبس تيار ڪريون ۽ اهو سنڌي پڙهائيندڙ استادن کي تيار ڪري. اڄ اهو مينوئل تيار آهي جنهن کي معياري طور مڪمل ڪرڻو آهي،“ ھُن چيو.

هن چيو تہ ايجوڪيشن فائونديشن جي اسڪولن ۾ ڏھ لک ٻار پڙهن ٿا جن ۾ 60 سيڪڙو سنڌي پڙهندڙ ٻار آهن. مطلب ڇھ لک سنڌي پڙهندڙ ٻار سيف جي اسڪولن ۾ آھن جن کي ٽيھ هزار استاد پڙهائين ٿا. هن مينوئل کان پوءِ اهي ڇھ لک ٻار اڳتي هلي ڪروڙن ۾ ٿيندا. اسان جو واحد مقصد انهن ٻارن کي معياري سنڌي تعليم ڏيڻ آهي.

ورڪشاپ ۾ سنڌي مضمون جي مختلف ماهرن ۽ سينئر استادن ۽ پروفيسرن شرڪت ڪئي ۽ تربيتي مينوئل جي تياريءَ لاءِ پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏنا.

سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻيءَ چيو ته سنڌي ٻوليء جو بااختيار ادارو سنڌ ايڪٽ 1972 جي تناظر ۾ سنڌي ٻولي جي تدريس ۽ درست استعمال ۽ ان جي تشهير لاء ذميدار آهي ۽ ان ڏس ۾ اسان پنهنجي ذميداري کي محسوس ڪندي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون جي درست تدريس جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن تحت تعليم کاتي سنڌ جي ذيلي اداري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون پڙهائيندڙ استادن جي تربيت جو سلسلو عنقريب شروع ڪيو ويندو.

اڀياسي ورڪشاپ ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ، پروفيسر ادريس جتوئي، شھپارا رضوي، ناهيد ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف جوکئي، ستار سروهي، اسد چاچڙ، مرتضئ ناز، مسرت پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪري پنهنجون تجويزون ڏنيون. جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مدد علي شاھ تربيتي ورڪشاپ ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button