Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ جي 68 مان 30 يونيورسٽيون سرڪاري شعبي ۾ آھن

انهن کي معياري تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا زرعي يونيورسٽي فصل جو نئون ٻج ايجاد ڪندي ۽ طبي يونيورسٽي نئين ويڪسين تيار ڪندي ته اسان اهو ڪم دنيا کي ڏيکارڻ جي قابل ٿينداسين _ سردار شاھ

سنڌ مدرسته الاسلام برطانوي حڪمرانن نه پر سنڌ جي مقامي ماڻهن قائم ڪيو هو. اُن جو باني خان بهادر حسن علي آفندي سردار يا جاگيردار نه هو

سنڌ مدرسته الاسلام جي ٺهڻ جو 141 هون ڏينهن ملهايو ويو. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ ٻين تعليمي ماهرن جو تقريب کي خطاب

ڪراچي

سنڌ جي يونيورسٽين جي پرو چانسلر ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام برطانوي حڪمرانن نه پر سنڌ جي مقامي ماڻهن قائم ڪيو هو. هن چيو ته اسان کي انهن هيروز کي مڃتا ڏيڻ گهرجي جن نوآبادياتي دور ۾ جديد تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيئن حسن علي آفنديءَ سنڌ مدرسو قائم ڪيو، نور محمد لاکير نور محمد اسڪول حيدرآباد جو بنياد وڌو، ٽنڊوباگو اسڪول مير غلام محمد ٽالپور ۽ مدرسه اسڪول نوشهروفيروز سيد الھندي شاھ قائم ڪيو.

هن پھرين سيپٽمبر سومر ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي 141 هين قيام واري ڏينهن واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خان بهادر حسن علي آفندي سردار يا جاگيردار نه هو پر هن ڪراچي ۾ هڪ جديد تعليمي ادارو قائم ڪيو، جنهن مان قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ ٻين ڪيترين اهم شخصيتن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي.

يونيورسٽين بابت ڳالهائيندي سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ قائم 68 يونيورسٽين مان 30 يونيورسٽيون سرڪاري شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، تنهن ڪري انهن کي معياري تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا زرعي يونيورسٽي فصل جو نئون ٻج ايجاد ڪندي ۽ طبي يونيورسٽي نئين ويڪسين تيار ڪندي ته اسان اهو ڪم دنيا کي ڏيکارڻ جي قابل ٿينداسين. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي هڪ نئين يونيورسٽي آهي، پر معياري تعليم ڏيڻ ۾ ان جو ڪردار قابل ذڪر آهي.

هن چيو ته يونيورسٽين کي نئون نصاب تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ خاص طور نئين دور ۾ سائنس جي شعبي ۾ ٿيل ترقي کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن اهو پڻ چيو ته سنڌ جو تعليم وارو کاتو پڻ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ هڪ نئين نصاب تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي موجوده دور جي حقيقتن مطابق تيار ڪيو ويندو.

سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ترقي لاءِ هر ممڪن مدد ڪندي.

سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام جو باني خان بهادر حسن علي آفندي اسان جو هيرو آهي. هن برطانوي راڄ دوران تمام ڏکين حالتن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪيو. هن چيو ته خان بهادر حسن علي آفندي، جيڪو هڪ وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکندو هو، ان 55 سالن جي عمر ۾ سنڌ مدرسو قائم ڪيو، جنهن جو مقصد مسلمان ٻارن کي جديد تعليم فراهم ڪرڻ هو. هن چيو ته اسان کي هن موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي. 

ڊاڪٽر صحرائي، خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانح عمري واري ڪتاب جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ مرزا قليج بيگ جي خان بهادر حسن علي آفندي جي لکيل سوانح عمري جو انگريزي ۾ ترجمو شايع ڪيو آهي، جيڪو سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙو شاندار انداز ۾ ڪيو آهي.

هن اعلان ڪيو ته حسن علي آفندي چيئر پڻ قائم ڪئي ويندي.  ان سلسلي ۾ هن سيد سردار علي شاهه کي سهڪار جي درخواست ڪئي. هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد سردار علي شاهه جو شڪريو ادا ڪيو جن  ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول کي الڳ بجيٽ فراهم ڪئي.

مشهور تعليمدان سيد جعفر احمد چيو ته حسن علي آفندي جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن قوم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي انهن عظيم شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي جن پنهنجي قائم ڪيل تعليمي ادارن ذريعي سماج جي سماجي-سياسي حالتن کي تبديل ڪيو.

ڊپارٽمينٽ آف سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سڀاش بابو سنڌ مدرسي جي اڳوڻن شاگردن ۽ سندن ڪاميابين تي تفصيلي ڳالهايو ۽ چيو ته اڄ اسان کي انهن استادن کي به سلام پيش ڪرڻ گهرجي جن اهڙا ڪامياب شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، احمد چاڳلا ۽ ٻيا شامل آهن. 

ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه ڊاڪٽر مجيب صحرائي، شهناز وزير علي، اڪبر علي لغاري ۽ ٻين تعليمي ماهرن مرزا قليچ بيگ جي لکيل ۽ اسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙي جي انگريزي ڪيل ترجمي واري ڪتاب جي مهورت ڪئي.

ان موقعي تي تعليم واري وزير،  وائس چانسلر ۽ سنڌ مدرسي جي اڳوڻن شاگردن ٻين مهمانن سان گڏجي هڪ شمع ٻاري ”ايس ايم آءِ المناءِ ايسوسيئيشن“ جي قيام جو اعلان پڻ ڪيو. سکر آئي بي اي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ، جيڪو ايس ايم آءِ جو اڳوڻو شاگرد پڻ آهي، آن لائن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائس چانسلرن، تعليمي ماهرن، سرڪاري عملدارن، ايس ايم آءِ يو جي ڊين، فيڪلٽي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مهمانن کي سووينئر پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب جي ڪارروائي محترمه زنيره جلالي هلائي. (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button