Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

منصفاڻي ورڇ ۽ رٿابنديءَ لاءِ پاڻيءَ جي ماپ جو سِرشتو سمجھڻ گھرجي 

پاڻيءَ جي اهميت، ان جي بچاءُ ۽ ماپ جي باري ۾ اصل پرائمري کان تعليم، آگهي ۽ وسيع ڄاڻ ڦهلائڻ گهرجي

پاڻي محدود آهي، وڌندو ڪونه، اڃان گهٽجي سگهجي ٿو. ان ڪري پاڻي جي بهتر انتظام ڪاريءَ کانسواءِ ٻيو اسان وٽ ڪو رستو ڪونهي!

سنڌ جي منظور ٿيل پاڻيءَ جي پاليسي ۾ لکيل آهي ته ٽن بئراجن مان نڪرندڙ چوڏهن واھ (۽ درياھ) صرف آبپاشي جا واھ نه آهن، انهن ۾ پيئڻ جو پاڻي، صنعتن، ڪاروبارن، گهرن لاءِ پاڻي، ماحولياتي پاڻي پڻ شامل آهي

محمد احسان لغاري

ھن چؤماسي ۾ تربيلا جي ڀرجڻ کانپوءِ ھاڻ (آگسٽ 25) منگلا ڊئم جي 2009 ۾ وڌايل ڀرجڻ واري سطح 1242 کان 19 فوٽ پري آھي. ھيل خريف ۾ درياھ جي حساب سان پاڻي پورو آھي؛ مينھن ٽيل جي کوٽ کي پڻ جھل ڏني ۔ ڊئمن ۾ پاڻي ايندڙ ربي جي فصل لاءِ هاڪاري اشارو آهي. گڊو وٽ چئن لکن کان ڪجھ مٿي پاڻي  آھي۔  سنڌ ڏانھن پاڻي اچڻ جا ٻہ اھم ھنڌ آھن  تؤنسا  ۽  پنجند بيراجن جا ھيٺاھان وھڪرا۔ وري ڪوھ سليمان تي مينھن پون تہ اھو بہ واڌو پاڻي سنڌوءَ ۾ ايندو آھي۔

جيڪڏهن پاڻي جي گڏ ڪرڻ جي ماپي جي حساب سان ڏسون ته هن وقت پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊئم منگلا آهي. ڊئم هجي، واھ ، ڊرين هجي يا درياھ جو بند هجي، وڌ ۾ وڌ سطح کان پوءِ هر پاڻي جي ذخيري جي اڏاوت ۾ ڪجهه فوٽن جي گنجائش هوندي آهي، جنهن کي فري بورڊ چئبو آهي. هن وقت منگلا ۾ ڪل پاڻي 5.62 ملين ايڪڙ فٽ (ايم اي ايف)، تربيلا ۾ 5.7 ايم اي ايف  ۽ چشما بئراج واري ڊئم ۾ 0.258 ايم اي ايف آهي ۽ گڏيل پاڻي 11.578 ايم اي ايف آهي.

پاڻي جي ماپڻ جون ٻه صُورتون هونديون آهن. هڪ گڏ ٿيل پاڻي  ۽ ٻيو وهندڙ پاڻي. وهندڙ پاڻيءَ کي اتر واري سنڌيءَ ۾ ڇُڙيو پاڻي پڻ چئجي. واهن ۽ درياھن جو وهندڙ پاڻي آهي، ٽيوب ويل هلايون ٿا يا ڪوئي ٽُوٽي کوليون ٿا ته ان مان وهندڙ پاڻي نڪري ٿو! باقي ڊئمن ، تلائن، تراين ، ڪنبن ۾ بيٺل پاڻي هوندو آهي. ڪنهن به شيءِ کي ماپڻ واري ڏسڻي انگ کي يونٽ چئبو آهي. جيئن رستي کي ڪلوميٽرن ۾ ماپبو ته رستي جو يونٽ ڪلوميٽر ٿيو. ان طريقي سان ڪپڙو، رسي وغيره ميٽرن يا فوٽن ۾ ماپبي آهي. ڊيگهه ، ويڪر يا عمق هجي ، ان جو پاڻ وٽ يونٽ فوٽ يا ميٽر هوندو. ساڳي نموني بيٺل پاڻي جي ماپ ”مقداري“ هوندي. ان جو مايو/حجم ٻڌائيندي جنهن کي انگريزي ۾ واليم چئون ٿا. هلندڙ يا وهندڙ پاڻي جو مقداري انگ وري في سيڪنڊ حجم يا مقدار ۾ هوندو آهي. ان ڪري وهڪري ۽ بيٺل پاڻي جي ماپڻ ۽ انهن جي يونٽن جي فرق کي سمجهڻ کپي.

 اچو ته پاڻ سمجهون ته اِهو ايم اي ايف آهي ڇا. ملين ايڪڙ ــ فُٽ معنيٰ جيڪڏهن هڪ ايڪڙ جي پکيڙ (جيڪا 43560 چورس فُٽ هوندي آهي) مٿان هڪ فُٽ پاڻي بيٺل هجي ته اهو هڪ ايڪڙ فُٽ ٿيو. جيڪڏهن ڏھ لک ايڪڙن جي مٿان هڪ فُٽ پاڻي بيٺل هجي ته اُهو هڪ ملين ايڪڙ فُٽ ٿيو. ڏهن لکن جي انگن کي انگريزي ۾ ملين چئجي ٿو. سو هاڻ پاڪستان جي ڊئمن ۾ 11.5 ملين ايڪڙ فُٽن کان مٿي پاڻي آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته واهن ۽ درياهن جو وهڪرو ڪيوسڪ ۾ هوندو آهي. يعني معڪب فوٽ في سيڪنڊ. هڪ ڪيوسڪ جي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن هڪ دٻو جيڪو هڪ فُٽ ويڪرو، هڪ فُٽ ڊگهو ۽ هڪ فُٽ عمق ۾ هجي، ۽ بلڪل پاڻي سان ڀريل هجي – ان دٻي کي هڪ سيڪنڊ ۾ هارجي ته اِهو وهڪرو هڪ ڪيوسڪ جو ٿيندو. جيئن بجلي جو ڪرنٽ هلندڙ هوندو آهي، ساڳي ريت درياھن، واهن ۽ ڊرينن ۾ وهڪرو هلندڙ هوندو آهي. هاڻ اوهان سمجهي سگهو ٿا ته روهڙي ڪئنال ۾ 12000 ڪيوسڪ، درياھ ۾ ٻه لک ڪيوسڪ مقداري ۽ وهڪري جي لحاظ کان ڪيترو پاڻي آهي. پر هن ايم اي ايف يا ايڪڙ فُٽ ۽ ڪيوسڪ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، ان کي به ٿورو سمجهي وٺون!

وهڪري ۾ پاڻي جي مقدار سان گڏ وقت جو به عمل دخل آهي. يعني في سيڪنڊ! هر سيڪنڊ ۾ وهندڙ پاڻي جي مقدار کي جيڪڏهن پوري سال لاءِ ماپيون ته ڪيترو ٿيندو! آهي انگي حساب جو سوال پر ان کي عام سمجهه ۽ معلومات لاءِ جيڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڪا برائي ناهي! پوري سال لاءِ پاڻيءَ جي مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ سيڪنڊ(60) مان منٽ، منٽن(60) مان ڪلاڪ، (24)ڪلاڪن مان ڏينهن(365)! انهن کي پاڻ ۾ ضرب ڪبو. ان کي وري هڪ ايڪڙ جي ايراضي (43560) فوٽ اسڪائر سان ونڊ ڪبي ته جيڪو جواب ايندو اُهو ايڪڙ فُٽن ۾ هوندو. بس ٿلهي ليکي سمجهون ٿا: جيڪڏهن پورو ڏينهن (24) ڪلاڪ، هڪ ڪيوسڪ پاڻي وهندو رهي ته ان جا 1.98 ايڪڙ فُٽ، يعني تقريباً 2 ايڪڙ فُٽ پاڻي ٿيندو! يعني جيڪڏهن زمين پاڻي نه چُهي، هوا ۽ گرميءَ تي ٻاڦ ٿي نه اُڏامي، يا ڪو ٻيو ذيان نه ٿئي ته ان هڪ ڪيوسڪ جي نتيجي ۾ هڪ ايڪڙ جي مٿان ذري گهٽ ٻه فُٽ پاڻي بيٺو هجي. جيڪڏهن اِهو ساڳيو پاڻي ٻن ايڪڙن تي ڦهلجي ته ان جي مٿان هڪ فُٽ جيترو پاڻي بيٺل هوندو! بس ماپن جي سمجهه اسان جا اندازا بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. هاري ناري، آبادگار ته پاڻي ۽ پهرن مان صحيح اندازو هڻي وٺندا آهن ته ڪهڙا ٻارا ڪڏهن ۽ ڪيترا ڀربا! هڪ سگهڙ عورت جيئن ٻوڙ رڌڻ وقت مرچ، لوڻ ۽ ٻيون شيون اندازي سان وجهندي آهي، اِهو اندازو هڪ تجربي، فهم ۽ ادراڪ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندو آهي.

شهرن ۾ وري پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت ۽ کپت کي ملين گئلن پر ڊي (ڏهه لک گيلن هڪ ڏينهن) ايم جي ڊيMGD ۾ ٻڌايو ويندو آهي. ڪراچي لاءِ اضافي 600 ايم جي ڊي کپن. اِهي سڀ ماپ جا يونٽ آهن. هاڻ پاڻ وٽ کير، پاڻي جون بوتلون، پئٽرول وغيره لٽر ۾ ملن ٿا، ان ڪري عام ماڻهو گهر جي واهپي وارو پاڻياٺي وکر لٽرن ۾ وٺندا آهن. هڪڙي وڏي گئلن ۾ مقدار ساڍن چئن ليٽرن کان مٿي هوندو آهي (ان کي برٽش گئلن چون ٿا) جڏهن ته آمريڪي گئلن ٿورو مقداري لحاظ کان ننڍو هوندو آهي، جنهن ۾ 3.78 لٽر يعني تقريباً پوڻا چار لٽر پون ٿا. اڳي ته جڏهن گيلن جو رواج هوندو هو ته سنڌيءَ ۾ ان کي گيال چوندا هئا، هاڻ خير لٽرن جو رواج آهي، سو جيڪا جڳ جي ٻولي سا پنهنجي ٻولي.

هڪ سولي جدول ٿا ياد ڪيون ته هڪ ڪيوبڪ فُٽ ۾ 28 کان ٿورو مٿي لٽر پوندا آهن. هڪ ڪيوسڪ معنيٰ ته هڪ سيڪنڊ ۾ 28 ليٽر پاڻي وهي ٿو. هڪ ڪيوسڪ ڪنهن واٽر مان پورو ڏينهن (24 ڪلاڪ وهندو) ته ذري گهٽ ٻن ايڪڙ فُٽن جي برابر ٿيندو.

هڪ مشهور انگريزي چوڻي آهي ته جنهن وکر جي اسان ماپ نه ڪري سگهنداسين ته ان جي انتظام ڪاري به نه ڪري سگهنداسين! پاڻي هجي يا ڪو ٻيو عنصر، هڪ برجستو، صحيح، ڀروسي جوڳو ماپڻ جو نظام ڪنهن به ملڪ جي ترقي، ڪنهن به شعبي سان لاڳاپيل ادارتي صلاحيت ۽  قابليت، عنصر جي منصفاڻي ورڇ، رٿابندي ۽ ڪنهن به قسم جي گهاٽي واڌي جي صُورت ۾ فيصله سازي ڪرڻ لاءِ اهم آهي.

سنڌ جي منظور ٿيل پاڻيءَ جي پاليسي ۾ لکيل آهي ته ٽن بئراجن مان نڪرندڙ چوڏهن واھ (۽ درياھ) صرف آبپاشي جا واھ نه آهن، انهن ۾ پيئڻ جو پاڻي، صنعتن، ڪاروبارن، گهرن لاءِ پاڻي، ماحولياتي پاڻي پڻ شامل آهي. وقت سان گڏ آدمشماري وڌي آهي، شهر ۽ ڪاروبار وڌيا آهن. پاڻيءَ جون ضرورتون هر شعبي کي آهن. ان ڪري ڪهڙي شعبي ۾ ڪيترو پاڻي استعمال ٿئي ٿو، ڪيتري گهرج آهي، پاڻي اصل ۾ آهي ڪيترو ۽ ترجيحن مطابق ڪنهن کي ڪيترو ڏجي، ڪڏهن ڏجي، ڪنهن وٽ ڪيترو پاڻي ضايع ٿئي ٿو… انهن سڀن شين جي خبر تڏهن پوندي جڏهن هر شعبي ۾ اسان وٽ ماپ جو نظام، عقل، تربيت، تجربو ۽ سکيا هوندي. ان ڪري پاڻيءَ جي اهميت، ان جي بچاءُ ۽ ماپ جي باري ۾ اصل پرائمري کان تعليم، آگهي ۽ وسيع ڄاڻ ڦهلائڻ گهرجي. ڇو جو پاڻي آهي ته زندگي آهي ۽ ترقي ممڪن آهي. پاڻي محدود آهي، وڌندو ڪونه، اڃان گهٽجي سگهجي ٿو. ان ڪري پاڻي جي بهتر انتظام ڪاريءَ کانسواءِ ٻيو اسان وٽ ڪو رستو ڪونهي!

اسان جا ادارا، يونيورسٽيون، حڪومتي  ۽ غير حڪومتي تنظيمون، تعليمي نصاب وغيره، پاڻي جي هر پهلو کي چِٽي ريت بيان ڪن. ان جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ سائنسي پهلوئن کي واضح ڪن ته جيئن هنر، ڄاڻ  ۽ صلاحيتن سان گڏ پاڻي بابت اسان جا رويا ۽ ڪردار ٺهي سگهي.

تازي ۽ مٺي پاڻيءَ جو مقدار دنيا ۾ ڪو ايڏو گهڻو ڪونهي جو جنهن کي جيئن وڻي، تيئن استعمال ڪري. پر ان جي باوجود الله پاڪ جي ان نعمت کي جيڪڏهن چڱي ريت استعمال ڪبو ته دنيا جو گذران ٿي سگهي ٿو. دنيا جي وڌندڙ آدمشماري، ان جي ڪري کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ  ۽ زراعت، پوري دنيا خاص ڪري اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ ماڻهن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ، صنعتون، ماڻهن جي زندگيءَ جا نيا معيار، پاڻي تي دارومدار رکندڙ ايڪو سسٽم، روز جي بنياد تي خراب ٿيندڙ پاڻي جو معيار، موسمي تبدیلي جي ڪري پاڻي بابت غير يقيني حالتون ۽ آفتون، اهي سڀئي اهم عنصر آهن، جنهن جي ڪري پاڻي جي ماپ، ان جو حساب ڪتاب ۽ کپت  ۽ آمد جو چيرو رکڻ انتهائي اهم ٿي پيو آهي. آبپاشي نظام جو پاڻي جو وڏي ۾ وڏو واهپو ”زراعت“ ڪري ٿي. ان ڪري اُتي پاڻي جي ماپڻ جو فعال نظام هئڻ ضروري آهي. شهري پاڻي جي ماپن، معيار ۾ استعمال جو ڪو ڪاٿو ڪونهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ ٻيا سڀ وڏا توڙي ننڍا شهر، انهن ۾ پڻ هر طرح جي پاڻي جي استعمال جو حساب ڪتاب تڏهن ئي بهتر ٿي سگهندوجڏهن اسان پاڻي کي صحيح نموني ماپي سگهنداسين. هڪ ٿلهي حساب ۾ هڪ انسان جي هڪ ڏينهن جي جسماني پاڻيءَ جي ضرورت، ذاتي صفائي سٿرائي، رڌ پچاءُ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ ڌوئڻ پوئڻ لاءِ تقريباً 50 ليٽر گهٽ ۾ گهٽ کپن. جڏهن ته ان هڪ ڏينهن لاءِ انسان جو جيڪو کاڌو آهي (ان/ڪڻڪ يا چانور، گوشت يا سبزي وغيره) ان جي پيداوار ۾ 50 ڀيرا يعني 2500 ليٽر پاڻي استعمال ٿئي ٿو!

ان ڪري هر شعبي کي پنهنجي پاڻيءَ جي کپت ۽ گهرج جي جنتري ٺاهي، ان جو حساب ڪتاب رکڻو پوندو!

_______________

محمد احسان لغاري آبپاشيءَ جا ماھر ۽ انڊس رِوَر سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ جا ميمبر آھن. پاڻ مختلف اخبارن ۽ ميڊيا ادارن لاءِ پاڻيءَ جي معاملن تي باقاعدگيءَ سان لکندا رھن ٿا.   

ehsanlghari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button