سنڌ دشمن رٿائن خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي، ڌرڻو ۽ بُک ھڙتال
سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ، فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف گهارو شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.
ڪارپوريٽ فارمنگ، ڌاڙيل راڄ، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ قبيلائي دھشتگردي ۽ زوريءَ مذھب مٽائڻ خلاف پني عاقل ۾ بُک ھڙتال
ٺٽو/ گهارو
سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ، فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان گهارو شهر ۾ گهارو گولائي کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، نور نبي پليجو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلما لاشاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، مٺا خان لاشاري، بلاول لاشاري، رياض عباسي، مجاهد بلوچ، فاضل لاشاري ۽ ٻين ريليءَ جي اڳواڻي ڪئي.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي مهم دهشتگردي آهي، سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالھ برداشت نه ڪندي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي روڪي تمر جا ٻيلا ختم ڪيا ويا آهن، جنهنڪري ملڪ ۾ ماحولياتي تباهي آئي آهي، گليشيئرز جو ڦاٽڻ ٻيلن جي ختم ٿيڻ جو نتيجو آهي، حڪومت تمر جي ٻيلن جي بحالي ۽ ڌاڙيل واهه، ڪئنال ۽ ڊيم ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري. ملڪ جا حڪمران ماحول دوست منصوبا آڻڻ بدران نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي ماحول دشمن منصوبن کي هٿي ڏئي رهيا آهن، وسند ٿري چيو ته پنجاب جي حڪمرانن ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو جنهنڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳيهي ويو آهي. ھُن گھُر ڪئي تہ سمنڊ ۾ آيل زمين جي مالڪن کي معاوضو ڏنو وڃي. پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال فوري طور ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن ڪرسي خاطر سنڌ جو سودو ڪيو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏني وئي آهي، جنهن جو فيصلو صدارتي هائوس ۾ ٿيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کان هڪ طرف سنڌو درياهه کسيو پيو وڃي ته ٻي طرف زمينون کسي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪرپشن سنڌ جي شهرن کي گٽر نالا بڻائي ڇڏيو آھي، برساتن دوران حڪومتي ڪرپشن ظاهر ٿي پئي آهي. هن چيو ته ٺٽي جي ڪوھستان، ڪينجهر، هاليجي، ڀنڀور جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ٺٽي ۾ نوان ارغون ۽ ترخان حڪمران ڪري ويهاريا ويا آهن، جيڪي قبضن، منشيات ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهن، زيبسٽ يونيورسٽي جي نالي ۾ ڇهه هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سوين ماڻهن جا ڳوٺ، قبرستان، عبادتگاهون ۽ گذر سفر جا وسيلا شامل آهن. هن چيو ته درياهه ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لک ايڪڙ زمينون سمنڊ کائي ويو آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي برساتن دوران عوام کي نه ريسڪيو ڪيو نه ئي رليف ڏنو، اين ڊي ايم اي وارا ته عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا، اين ڊي ايم اي جي نااهلي ظاهر ٿي پئي آهي.
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلما لاشاري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضاگيري بند ڪئي وڃي، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين بدران مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ منشيات کي عام ڪري سنڌي قوم کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، منشيات فروشن کي حڪومتي سرپرستي حاصل آهي. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو چيو ته گهاري جي فيڪٽرين ۾ مقامي مزدورن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي قابض ڪرڻ لاءِ سنڌ جي فيڪٽرين ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.
ٽنڊي آدم ۾ بہ عوامي تحريڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو شامل ھئا.

ھوڏانھن ڪارپوريٽ فارمنگ، ڌاڙيل راڄ، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ قادر ڀٽو، سچل ڀٽي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، ايڊووڪيٽ ريحانا جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر اياز ڪلوڙ، مقبول راهوجو، مهراڻ سومرو، ذوالفقار ميراڻي، سرويچ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنو عاقل پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. ھنن هندو نياڻين کي اغوا ڪري مذهب مٽائي جبري شاديون ڪرڻ جي مذمت، نياڻين جي اغوا ۾ ملوث گروهه کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏني آهي، پريا ڪماري سالن کان وٺي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي پر حڪومت معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دھشتگردي، منشيات فروشي جهڙن ڏوهن کي هٿي ڏني وئي آهي، عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري آئيني طور حڪومت جي آهي پر حڪومت عوام بدران ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو تحفظ ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو پيو وڃي. سنڌي قوم سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندي. سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌو درياهه تي قبضو برداشت نه ڪبو. تيل ۽ گئس سميت سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سنڌي قوم اهڙي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، سنڌ جي وسيلن جو وارث سنڌي عوام آهي، انڪري وفاقي سرڪار کي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. (پريس رليز)
____________________