Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جي تاريخي ماڳن جي زمين تي قبضا، روينيو کاتو بہ ھيراڦيري ڪرڻ لڳو

ڀنڀور، رني ڪوٽ، پڪي قلعي ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڳن جي حدبنديءَ ۾ زمين گھٽ ڏيکاري وئي آھي. سنڌ جي نوادرات کاتي روينيو کاتي جي اڻپوري حدبندي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

سنڌ جو روينيو کاتو پنج سال گذرن جي باوجود تاريخي ماڳن جي نئين سر حدبندي مڪمل نہ ڪري سگھيو. نوادرات کاتي کي تاريخي ماڳن جي زمين جا مالڪاڻا حق بہ نہ ڏنا ويا   

رپورٽ: شيخ اسرار

ڪراچي

سنڌ جي تاريخي ماڳن جي زمين تي وڏي پئماني والار ٿي چُڪي آھي جڏھن تہ صوبائي روينيو کاتو بہ نہ رُڳو قومي ورثن جي زمين جي سروي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي پر ھيل تائين جيڪا اڻپوري سروي ڪئي وئي آھي، انھيءَ ۾ ڀنڀور، رني ڪوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڳن جي زمين گھٽ ڏيکاري وئي آھي.

سرڪاري ذريعن موجب سنڌ جي نوادرات ۽ قديم آثارن واري کاتي، روينيو کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس جي انھيءَ سروي کي رد ڪري ڇڏيو آھي.   

سرڪاري دستاويزن موجب روينيو  کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي 292 ايڪڙ ۽ رني ڪوٽ جي 9 هزار 480 ايڪڙ زمين غائب ڪري ڇڏي آھي. سروي ۾ ڀنڀور جي 600 ايڪڙ ايراضيءَ کي 307 ايڪڙ ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ رني ڪوٽ جي 15360 ايڪڙ زمين مان سروي ڪري رڳو 5880 ايڪڙ ايراضي ڏني وئي آهي.

چيو وڃي ٿو تہ ڀنڀور جي 292 ايڪڙ زمين تي قبضا ٿي چڪا آهن، جڏھن تہ رني ڪوٽ جي به هزارين ايڪڙ زمين جا جعلي کاتا ٺاهيا ويا آهن. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ تجر بلڊنگ جي 27 گهنٽا،  مومل جي ماڙيءَ جي 2 ايڪڙ ۽ لاکين جي دڙي جي 4 ايڪڙ زمين تي قبضا ٿي ويا آھن. عمرڪوٽ ۾ اڪبر بادشاهه جي پيدائش واري هنڌ، ٿرپارڪر ۾ ڀوڏيسر مندر ۽ حيدرآباد ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي مقبري کي به بخش ناهي ڪيو ويو.

ڊائريڪٽر جنرل نوادرات ۽ آثار قديمه جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي سائيٽس جي اها حدبندي تسليم ناهي ڪئي وئي ۽ روينيو کاتي کي ٻيهر حدبنديءَ لاءِ چيو آهي.

نوادرات ۽ آثار قديمه کاتو 2020ع کان روينيو کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس کي درخواستون ڪندو رھيو آھي ته سنڌ جي آرڪيالاجي سائيٽس جي ڊيمارڪيشن (حدبندي) ڪري ڏني وڃي پر 5 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين حدبندي مڪمل ناهي ٿي. جڏهن ته جن اهم سائيٽس جي حدبندي ڪئي وئي آهي انهن مان رني ڪوٽ ۽ ڀنڀور جي هزارين ايڪڙ زمين غائب ڪئي وئي آهي.

دستاويزي ثبوتن موجب ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس سنڌ کي 22 جنوري 2020ع تي ڊائريڪٽر جنرل نوادرات ۽ آثار قديمه ھڪ خط ذريعي لکيو تہ قديم اثارن جي حدبندي ڪئي وڃي. وري 27 سيپٽمبر 2022ع تي 65 قديم آثارن جي ايراضي ماپڻ لاءِ لاڳاپيل سروي آفيسن کي 30 ڏينهن ۾ حدبندي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو، جنهن مان ڪيترن ئي سٽي سروي آفيسرن اڃا تائين حدبنديءَ جو ڪم مڪمل ناهي ڪيو. جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس پاران هڪ اڻپوري حدبندي رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل نوادرات ۽ آثار قديمه کي اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قديم آثارن جي ايراضيءَ ۾ هيراڦيري نظر اچي رهي آهي.

واضع رهي ته 18هين ترميم کان اڳ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ وفاقي حڪومت وٽ هو ۽ ماضي ۾ مختلف وقتن تي وفاقي حڪومت جي نوٽيفيڪشنز ۾ قديم آثارن وارن ماڳن جي ايراضيءَ جي نشاندهي ٿيل آهي، پر تازو ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس پاران ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جي ايراضي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. دستاويزن موجب ٺٽي ضلعي ۾ سنڌ جي انتهائي اهم تاريخي ماڳ ڀنڀور جي 1965ع جي هڪ نوٽيفيڪشن ۾ ايراضي 600 ايڪڙ ڏيکاريل آهي پر هاڻي ايراضي 307 ايڪڙ ظاهر ڪئي پئي وڃي، جنهن مان ظاهر پيو ٿئي ته 292 ايڪڙ 68 گهنٽا ايراضي غائب آهي. جڏهن ته ٺٽي ضلعي ۾ قديمي قبرستان ڳوٺ راجي ملڪ مقام جي 38 گهنٽا زمين ۽ سول اسپتال لڳ ٻن مقبرن جي به 7 گهنٽا ايراضي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. اهڙي طرح ڄام شوري ضلعي ۾ موجود سنڌ جي تاريخي ماڳ رني ڪوٽ قلعي جي نئين حدبندي ۾ 9 هزار 480 ايڪڙ زمين غائب آهي. دستاويزن موجب 1976ع جي هڪ نوٽيفيڪشن ۾ رني ڪوٽ جي ايراضي 15360 ايڪڙ ڄاڻايل آهي، پر ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس 9 هزار 480 ايڪڙ ايراضي ڪٽي ڇڏي آهي.

اهڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ آرڪيالاجي عمارت “تجر بلڊنگ” جي به 27 گهنٽا زمين غائب آهي. گهوٽڪي ضلعي ۾ مومل جي ماڙي جي 1962 واري نوٽفيڪشن ۾ ايراضي 5 ايڪڙ ڏيکاريل آهي، جنهن جي پڻ 2 ايڪڙ 9 گهنٽا زمين ڪٽي وئي آهي. سکر ضلعي ۾ لاکين جي دڙي جي 2007ع جي نوٽيفيڪشن موجب 14 ايڪڙ زمين هئي پر هاڻي ان جي 4 ايڪڙ زمين غائب آهي. عمرڪوٽ قلعي ۽ اڪبر بادشاهه جي پيدائش واري هنڌ جي ايراضي مان به هڪ گهنٽو زمين ڪٽي وئي آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڀوڏيسر مندر جي 81 گهنٽا زمين غائب آهي. حيدرآباد ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي مقبري جي برٽش دور 1909ع ۾ هڪ ايڪڙ 42 گهنٽا زمين ڏيکاريل آهي، جڏهن ته تازي سروي ۾ مقبري جي ايراضي 43 گهنٽا گهٽ ڏيکاري وئي آهي. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ ئي 2 تاريخي مسجدن ۽ هڪ مقبري جي 1973ع جي نوٽيفيڪشن ۾ ايراضي 142 ايڪڙ ڏيکاريل آهي پر تازي سروي ۾ 100 ايڪڙ زمين غائب آهي.

ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل نوادرات ۽ آثار قديمه عبدالفتاح شيخ چيو ته قديم آثارن جي اها حدبندي هيريٽيج سائيٽس بابت ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل کاتي کي ٻيهر سروي ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.

وڌيڪ معلوم ٿيو آھي تہ ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس ڪيترن ئي قديمي ماڳن جھڙوڪ چوکنڊي قبرستان ۽ لاکو شيخ قبرستان، لاڙڪاڻي جي اسڪوائر ٽاور، سکر جي پري هسٽارڪ ماڳ (اسٽون ٽول فيڪٽري) ۽ ٿرپارڪر ۾ ڀيرو جو دڙو جي حدبندي 5 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪئي آھي. سانگهڙ ضلعي ۾ “قبا مير شهداد”، برهمڻ آباد (منصورہ)، ٺل ڌڙي، ٺٽي ضلعي ۾ نواب امير خان مسجد،  ۽ ڪراچيءَ ۾ قائداعظم هائوس ميوزيم (فليگ اسٽاف هائوس) جي حدبندي بہ ناهي ٿي سگهي.

 حيدرآباد جي پڪي قلعي جي 38 ايڪڙ 12 گهنٽا ايراضي ماپي وئي آهي، پر ان تي سينيئر سول جج (5) ۽ فرسٽ سينيئر سول جج حيدرآباد ۾ 2 ڪيس به هلي رهيا آهن. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پڪي قلعي جي زمين تي به قبضا ڪيا ويا آهن. رونييو کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري قلعي جي 481 چورس وال ايراضيءَ جو اسٽيٽس رهائشي مان ڪمرشل ڪيو ويو. جنهن جو ڪيس سينيئر سول جج (3) جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي.

 حيرت جي ڳالھ ھيءَ بہ اھي تہ سنڌ جي ثقافت کاتي کي قديم آثارن جي زمين جا مالڪاڻا حق به نه مليا آھن جنھنڪري 66 تاريخي ماڳن جي زمين لاڳاپيل کاتي کي منتقل نه ٿيڻ ڪري رڪارڊ ۾ هيراڦيري آسان بڻيل آهي. آرڪيالاجي سائيٽس جي زمينن تي وڌيڪ قبضا ۽ رڪارڊ ۾ تبديليون ٿيڻ جا امڪان آهن. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي پاران ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي کي سنڌ جي 66 ماڳن جي زمين جا مالڪاڻا حق ناهن ڏنا ويا، جنهنڪري قديم آثارن جي زمين تي قبضا آسان ٿي ويا آهن، جڏهن ته ثقافت کاتو زمين جي مالڪي نه هئڻ ڪري عدالتن ۾ ڪيس به وڙهي نٿو سگهي. ذريعن موجب کاتي وٽ موئن جي دڙي، ڀنڀور، مڪلي، رني ڪوٽ ۽ ٻين تاريخي ماڳن جي زمين جا مالڪاڻا حق نه هئڻ ڪري هڪ طرف روينيو کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سبب آرڪيالاجي سائيٽن جي زمين تي قبضا ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي کاتي وٽ مالڪاڻا حق نه هئڻ ڪري کاتو قانوني طور ڪيس به وڙهي نٿو سگهي.

 دستاويزن موجب ثقافت کاتو پنهنجي 66 آرڪيالاجي سائيٽن جي زمين جي حدبندي لاءِ بورڊ آف روينيو کاتي کي ڏيڍ ڪروڙ رپيا به جاري ڪري چڪو آهي، پر ان باوجود روينيو عملدارن حدبندي جو ڪم مڪمل ناهي ڪيو.

 حدبندي نه هئڻ ڪري ڀنڀور کي يونيسڪو ۾ هيريٽيج قرار ڏيڻ جو ڪم به رولڙي جو شڪار ٿيڻ جا امڪان آهن. ثقافت کاتي کي آڪٽوبر ۾ ڊوزيئر جمع ڪرائڻو آهي. ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران ڪيترن ئي سالن کان ڀنڀور کي يونيسڪو ۾ هيريٽيج ڊڪليئر ڪرائڻ جو ڪم ان ڪري رولڙي جو شڪار جو آهي ته ڀنڀور جي حدبندي مڪمل ناهي، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊس سنڌ پاران ڪيل حدبندي ۾ سائيٽ جي 292 ايڪڙ زمين گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جنهن کي کاتو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

_____________

ھيءَ رپورٽ سنڌي اخبار ڪاوش جي ٿورن سان شائع ڪئي وئي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button